(ظ)
غزل
ظُلم پُڃاڻي، ٿيندي پڪ !
ختم ڪهاڻي، ٿيندي پڪ!
ڏئي وڏيرو، هاريءَ حق،
رسم وڏاڻي، ٿيندي پڪ!
لڳڻ پرائي، ڳالهه تي،
عقل وڃاڻي، ٿيندي پڪ!
مڇيءَ ڀڄائي، نوري کِک،
سمي مُهاڻي ، ٿيندي پڪ!
سدان سُهاڳڻ ، ناري سنڌ،
وني وراڻي، ٿيندي پڪ!
شئي سنيءَ مان، نفرت اڄ،
ڀڄِي پَراڻي ، ٿيندي پڪ!
کڻي امن جو، پرچم سنڌ،
”سنگم“ نِڀاڻي، ٿيندي پڪ!
(2)
نظم
ظالم اڳواڻ کي جُهڪِي
گوگي چوهاڻ کي جُهڪِي،
ڇورِيءَ جواڻ کي جُهڪِي،
گابي گامڻ کي سجدو!
ڪري پيو انسان.
مُشرق مُنڪر کي جُهڪِي،
جابر ، آمر کي جُهڪِي،
مورک پٿر کي جُهڪِي،
لوٽي ٻاڳُڻ کي سجدو !
ڪري پيو انسان.
اُٺڻ ڍاٽِيءَ کي جُهڪِي،
چرڳ ناٺيءَ کي جُهڪِي،
سُڪل ڪاٺِيءَ کي جُهڪِي،
ڪارِي ڪانگڻ کي سجدو!
ڪري پيو انسان.
سُونهن وارن کي جُهڪِي،
اکين ڪارِينِ کي جُهڪِي،
”سنگم“ پيارن کي جُهڪِي،
اِڇا ڌارِيءَ نانگڻ کي سجدو!
ڪري پيو انسان.