(چ)
غزل
چڻا وڪڻي وٺِي ٻالڪ، اٽو آيو!
مٿي تي گهر کڻي چانور، ڪٽو آيو!
گتا ميڙي ربڙ ٽڪڙا ، ڏئي پڙ تي ،
بچائي ڪاٺيون ٻارڻ، ڦٽو آيو!
هنڍا هوٽل ملي ٻانهون، پيون ٿڪجي،
گندو پاڻي ڪڍي گٽرن، فِٽو آيو!
اُتر سيءَ سامهون، ايندي ڪُتن کي هو،
اڪيلو رات گلين مان، ٽُٽو آيو!
هڻي جهاڙو وڏاڻي گهر، اڳڻ پوچو،
وٺي جيجل پُراڻو هُو، لٽو آيو!
قدر جي رات پاڙي مان ، پِنِي لولا،
ڪُڪڙ ٻوڙون ڀري ٿيلي، وٽو آيو!
عيدَ ڇورن ”سنگم“ ڪهڙِي، وڳو ڪهڙو،
ابي جي اوٽ کان وانجهيل، کُٽو آيو!
(2)
وائي
چوٽيءَ ٻڌي گُل پڻيون!
ڇوريون وڃن ڪاليج!
سينگار ساراجن کي،
وارن ڏئي سڀ ڦڻيون،
ڇوريون وڃن ڪاليج!
ٽولا ڪري ڇهه ست،
ٽي چار ٿي پنج ڄڻيون،
ڇوريون وڃن ڪاليج!
ويندي وري ڪي ايندي،
دل کي هيون سي وڻيون،
ڇوريون وڃن ڪاليج!
پوتر ”سنگم“ جزباتن،
ڪومل ڪلِي پد مڻيون،
ڇوريون وڃن ڪاليج!