(ج)
غزل
جُگنو جاڳي ، سارِي رات!
دل جي بتڙي، ٻاري رات!
هلندي پيرن ، رڻ تون جهاڳ،
ڄڻ ويهاڻي، ڪارِي رات!
پاڻي واري، ٻارا ڀرڻ،
ٿڪبو ناهي، هارِي رات!
وسرِي ڌڻ رِڍ ، جا ڌراڙن،
ٻڪري بگهڙن ،مارِي رات!
چپجي کائي، ڪارو نانگ،
جوڳيء پيرن، کاري رات!
چورن جِي ٿِي ، چاٽِي نيٺ،
ڀاڳن ڦُرجي، نارِي رات!
پنهنجو سهڻي ٿيندو ”سنگم“،
چنڊ جي ڀاڳن، واري رات!
(2)
وائي
جنڊڙيءَ ڏري ساريون،
لا! جنهن، سُپَ ۾ تاريون،
کِلندي هارياڻي!
چانورَ ننگهه ۾ وجهندي،
مُهريون مٿان واريون،
کِلندي هارياڻي!
سورج مُکي گُلَ پَٽي،
ڪانڀا ڀري کاريون،
کِلندي هارياڻي!
ٽانڊي سنگهن سيڪي،
آڀون پَٽي ٽاريون،
کِلندي هارياڻي!
تِرن ڳُڙ، ڳهيلا ”سنگم“،
ٽُڪيون ٽُڪي ٺاريون،
کِلندي هارياڻي!