روپلو ڪولهي
ڪارونجهر ري ڪونگري وڏا واجين ڍول
راوتان ۾ ڪولهي روپلو ونڪا ٻولي ٻول
اپريل1859ع تي ٽيليگراف کاتي ۾ ڪنهن ڪلرڪ سان هڪ ڪولهيءَ جي ٿيل معمولي ڏند اوٿل وڏو ممڻ مچائي وڌو. رعيت جي رکوالن جو رت ٽھڪي پيو. بغاوت جي باھ ۾ ڏونگر ڏينهن جيئن تپي پيو هو. رڻ گجيو ۽ راڙو ٿيو. يڌ ڀوميءَ ۾ ويندڙ ويرماڻسين جي ماٿي تي سندن پتنين، مائرن ۽ ڀينرن ”وجئه تلڪ“ لڳائڻ شروع ڪيا. چارڻن سُوراتڻ ڏيڻ لئه رزميه ڪوتائن ۾ ڌرتي ڌڻين کي رنگ ڏنا. امل ڪنسوٻا ڪري يوڌن تلوارن جي تجلن سان رڻ ڀوميءَ ۾ راند ڪئي. سر ٻاجهر جي سنڱن جيان لڻيندا ۽ لُڻائيندا رهيا. سرڪاري آفيسن ۽ سرڪاري شين کي تباھ ڪندا رهيا. ننگر ناس ٿي ويو. مختيارڪار بهادر لڪي ڀڄي پنهنجي جان بچائي، گورن کي اطلاع ڪيو ته ننگر ٻري رهيو آھي. ساندھ ٽي ڏينهن جي جنگ کانپوءِ انگريز فوج بلوچ ريجمينٽ جي روپ ۾ آئي ۽ چندن گڊ ۾ چاوو ٿيو. جوڌي جهيڪ رڻ مچائي ڇڏيو. آخرڪار ڪن لالچو لُچن ديس دروهي ڪندي ”پنهنجن پُٺ ۾ هنيا“ واري ڪار ڪئي ۽ ننگر هارائي ويو. سوڍا ڇڙ وڇڙ ٿي ويا جن لئه ڪارونجهر ماءُ جي ڪُک بڻيو. پالڻهار ٿيو ڪونڀاريءَ جو روپلو ڪولهي. جنهن راڻن کي رازداريءَ ۾ رات جي پيٽ ۾ رزق رسائڻ وارو ذمو کنيو ۽ آخري پساهن تائين نڀايو پر هڪ لهاڻي ۽ ٻاوي جي دغابازي وطن جي هن وير بهادر کي دشمن وٽ ڦاسائي وڌو.
اڄ کان ڏيڊ صدي اڳ رڻ ڀومي جي اُن روپاڙي ڪولهي پنهنجي رت جو رنگ هڻي ڌرتيءَ جي ڌَوج کي انجس سان ڪارونجهر جي ڪَر تي دودي سومري جي رڦندڙ مُڇ جيان ڦڙڪايو هو. ڪونڀاريءَ جي اُن ڪيهر جو رمڻيڪ نانءُ هو رُوپلو. رُوپلو جنهن جي رُوپ تي هي روپونتي ڌرتي اڄ به انجس ڪري ٿي. روپلي نه رڳو دوستيءَ جو ڌرم سنڀاليو، پر سرزمين سنڌ جي مٽي جو مان رکندي ويرگتيءَ کي ويجهو ٿيو. هن جو ڳاڙهو رت پارڪر جي پٿرن تي کٿوري ٿي کليو. اُپجس ڌاري لالچو ۽ ديش دروهي دغاباز ڌرتيءَ جو سراپ نه سهندي مٽي جو کاڄ بڻجي ويا، جن جي ڪير ورثي به نه ٿو ملهائي، پر هن امر نامي مسڪين مارو ماڻھون روپلي ڪولهي کي هن روپالي ڌرتيءَ جي تابناڪ تاريخ پنهنجي وشال هنج ۾ ائين رکيو آھي جيئن ڀٽ جي ڀٽائي هن بيت ۾ فرمايو آھي ته:
لائي لام الف سين ڪاتب لکيو جيئن
اسان سڄڻ تيئن رهيو آھي روح ۾
روپلي کي ڪنهن به گجراج يا ڌجراج جي لوڙھ نه هُئي نه ئي وري هن ڪنهن فرسٽ ڪلاس يا ٿرڊ ڪلاس جاگير حاصل ڪرڻ جا جتن ڪيا هُئا. هُن ته سر ڏنو هو فقط ساڻيهه لئه. ھُو سر ڏيئي سرهو ٿيو هو پنهنجي ساھ سريکن سوڍن لئه. اُنهن سوڍن لئه جن وٽ ڌرتيءَ جاگير کان وڌ ماءُ جو درجو رکندي هُئي. هُن گورن کي ڀوميءَ تان ڀڄائڻ لئه آخري هچڪي تائين لڙڻ پسند ڪيو هو، پر ڪنهن اجنبي جي اڳيان آڻ نه مڃي هُئائين. هُن کان روپوش سوڍن لڌو سنگهه ۽ اُڌيسنگهه جو ڏس پڇيو ويو تڏھن زنده دليءَ سان مُڇن کي تاوَ ڏيئي اهو چيو هيائين ته سوڍن جو آئون ڏس ڏيندس ته منهنجو ديس لڄي ٿيندو. منهنجي ماءُ ڪيسري ڪولهڻ جي ڪُک ڪلنڪ دار ٿي ويندي. منهنجي ارڌانگي ميڻاوتيءَ جي ماٿي ۾ مينهن وساڙي جيئن جرڪندڙ سنڌُور جو رنگ سانورو ٿي ويندو. ان ڪري اي تروٽ! آئون تو سان مرڻ گهڙي تائين مقابلو ڪندس. اهڙي طرح هُن سوڍن جو ڏس نه ڏنو هو. انگريز تروٽ طرحين طرحين جا ويڻ چوندي ڪيئي لالچون ڏنيون، پر هي مرد مجاهد لالچن تي به نه هرکيو تڏھن الئه ته ڪيترن قسمن جون اذيتون ڏنيون ويون. هٿ جي ترين تي تيل جا ڏيئا ٻاريا ويا هئا. اُگهاڙن پُٺن تي ڦٽڪا هنيا ويا هئا. هٿن پيرن جا نُنهن پڪڙن سان ڇڪي ڪڍيا ويا هئا، پر مادر وطن جو هي نو رتن وير بانڪو ڪولهي پُٽ پنهنجي پرڻ تان انچ به نه ڦريو هو. سامتي سُوراڻي جو سُت ڪپوت ڪيئن ٿي ٿي سگهيو. هُن پنهنجي پيءُ جي رت جي پت رکي پاڻ ملهائڻ چاهيو ٿي. ان ڪري ڪنڌ مٿي کڻي چوندو رهيو ته سوڍا منهنجي ساھ ۾ آهن. راڻا منهنجي روح ۾ رمي رهيا آھن. منهنجو ساھ ڪڍي راڻا هٿ ڪيو. منهنجو روح قبض ڪري هن ڌرتيءَ تي قبضو ڪري سگهو ٿا باقي جيستائين جسم جي پنڃري ۾ روح جو عقاب رمي رهيو آھي تيستائين منهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ڌڻين ڏانهن ڪنهن ميري اک کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته آئون اکيون ترورن سميت ڪڍي ڇڏيندس. سوڍن ۽ ساڻيھ سان غداري ڪرڻ جهڙي گار پِرائي پنهنجي اڇي ڪبوتر جهڙي اُجري ڪردار تي ڪلنڪ لڳڻ نه ڏيندس. پنهنجي ماڻينگر ماتا ڪيسري ڪولهڻ جي مضبوط ٿڃ پي وڏو ٿيل آئون روپلو ڪولهي ڪارونجهر جي ميٽوڙي ڪور کي رت جي سُرخي هڻي صدين لئه سُرخرو ته ڪري سگهان ٿو پر غداريءَ جي ڪاجل سان ڪلنڪ نٿو ھڻي سگهان. چاهت مان چونئريءَ جا چار ڦيرا ڦري پنهنجي جيون کي جرڪائيندڙ ميڻاوتيءَ جي مانگ ۾ چرميءَ جي ڏاڻي جيئن چمڪندڙ منهنجي نالي جي سندُور کي ڏھاڳپڻي جي ڏُک سان ميٽائي ته سگهان ٿو پر ڪانئرتا جي ڪاري ڪجل سان هن جي اوجيسوان اکين کي شرم مان هيٺ جهُڪائي نه ٿو سگهان. جڏھن آئون ڦاهي جي
ڦنڌي کي چُمي ويرگتي کي پراپت ڪندس تڏھن منهنجو وطن مون کي پنهنجي گگن جو ڪفن اوڍائي سرهو ٿيندو. منهنجي ويرگتي پرائڻ تي منهنجي ماتا جي اکين مان انجس جا آنسو برکا رُت جيئن برسندا. منهنجي پتي ورتا پتنيءَ جي هردي ۾ مون لئه مان وري به وڌي ويندو. هُوءَ پنهنجي سهيلين ۾ ڳاٽ اوچو کڻي مون تي مَرڪ ڪندي.ءمنهنجو بابل سامتو ڪولهي پنهنجي ساٿين سان ڪچهريون ڪندي منهنجي نالي جا نوحا نه پر منهنجي ويرتاھ جا راسوڙا ڳائيندو. منهنجو ايندڙ پُٽ آزاد ڪارونجهر جي هنج ۾ بنا ڪنهن کُٽڪي جي راند ڪندو. منهنجو ڳوٺ ڪونڀاري پارڪر جي سرزمين تي اوچي ڳاٽ سان ٺاٺ ڪندي ڪوٽن ۽ قلعن برابر رهندو ۽ منهنجو نالو سنڌ جي سُور ويرتائي اتهاس ۾ امر رهندو اهو ئي منهنجو جنم سُڌارڻ جو موقعو هوندو. اهو ئي مون لئه وڏو انعام هوندو:
گڊان سريگو گام راهسي ڪونڀاري راج ۾*
امر روپي تڻون نام ڪولهيان ڪُل اُجالي گيو
چوڻ وارا چون تا ته 1860ع ۾ روپلي جي ساٿي باغي سوڍن اڌيسنگهه ۽ لڌوسنگهه کي چوڏھن سال ڪاري پاڻي(انڊمان ڪوبر جا جهنگلي ٻيٽ ) اُڪاريا ويا ۽ روپلي کي ٻٻر جي وڻ ۾ ڦاهي ڏني ويئي.ان ڪري گوئيل گوتر وارا ڪولهي اڄ ڏينهن تائين ٻٻر جو ڏنڌڻ ڪون ڪندا آھن.
* روپلي بابت ٻئي دوها ڀارومل امراڻي جي ڪتاب ’’چتر ٻولي چارڻان‘‘ تان کنيل آھن.