اشوڪ ڪُمار خاموش
هُو هڪ پورهيت پيءُ جو اُھو ”دلبند“ پٽ آهي، جيڪو مٽيءَ ۾ کيڏي مخمُور ٿيو آهي. هن ڌاراڙ جي دڙن تي ڳاڱيا ڳوليا آهن. هن سانوڻ جي من ڀاوني مند ۾ پاڻ پُسائي پاساڙن ۾ پريتم لاءِ پپون چونڊيون آهن. پنهنجن ٻولاهين ۽ ٻُٽين لاءِ ”پتر“ جا ”ڪامبا“ به وڏي پيار مان لاٿا آهن. ننڍڙن ٻارڙن جي ٻاراڻي اصرار تي مخملي مينهن ماماڻا ڳوليندي هن پنهنجي ڪُل ڪائنات فطرتي رنگن ۾ ڏسي ورتي ۽ هن جي اندر ۾ ستل ڪويتا ديوي ڪرموڙي جاڳي پيئي!
ڪويتا ديوي جي قرب ۾ قابو ٿي، ان جي پيازي پلئه سان پاند اٽڪائڻ کان پهرين هن پنهنجي مڙهي ماءُ ۽ ٻڍڙي ٻاپ جي اکين ۾ ڏٺل سڀني سپنن کي ساڀيا جا روپ سروپ ڏنا. علم جا ٻه اکر سکڻ لاءِ هن هڙئي آوارگيون ۽ ٻار هَٺ واريون ٻاروتڻيون ڇڏي منزل مقصود ڏانهن وڌڻ جو سوچيو ۽ ڌاراڙ ۾ درسي ڪتاب پڙهڻ کان وٺي سنڌورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ضخميم سنڌي ڪتابن مان فيضياب ٿيڻ تائين جو طويل سفر هن وڏي ڪٺنائيءَ ۽ محنت سان طئي ڪيو. اعليٰ درجي جا امتحان ڏئي هن نه رڳو ڊگري ماڻي، پر ترت اين- ٽي ايس جي ٽيسٽ ڏيئي روزگار به حاصل ڪيو، اڄ سندس والدين جي اکين جي چمڪ ئي نرالي آهي!
هن وٽ ڪنهن به اين .جي. اوز جي ڪا به ڊبل ڊور گاڏي ناهي، جنهن جي سڻڀي سيٽ تي ويهي پنهنجي اڻڀن وطن واسين جا ڏٻرا ڏيل عالم آشڪار کي ڏيکاري، بين القوامي سخين کان وڏا وڏا خيراتي پراجيڪٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀري، پر هن وٽ ته پيغمبري پيشو آهي، جنهن وسيلي پنهنجي ملڪ جي مستقبل جي معمارن جا ذهن تعليم جهڙي ديپ سان منور ڪري ٿو! سڻي جي ڦل جهڙي اندر جي اُجري هن محبوب ماڻهو وٽ ”ييس ميم“ چئي جي حضوري ڪرڻ لاءِ، بند گوبي جهڙي ڪا به وديشي ريڊي ميڊ گرل فرينڊ ناهي، جنهن جي فريبي اشارن تي هي سرڪسي سُرخاب جيان نچي. هن وٽ ته ٻهراڙيءَ جي اها پارس جهڙي پدمڻي محبوبا آهي، جيڪا هن جي اڻڀن وارن سان ائين عشق ڪري ٿي جئين نيل ڪنول جي نرم پتن سان ڀيني رنگ جو ڀونئر ڪري ٿو. ان سندر سرتيءَ جي قدرتي سُونهن تي هي شعر سرجيندي ائين خوش ٿئي ٿو، جئين ڪا ماءُ پنهنجي نئين ڄاول ٻار جي ڀروئن تي سرمي جي سرائي ڦيريندي سرهي ٿيندي آهي!
اڪ جي ڪاٺي جهڙي هاٺيءَ جو مالڪ هي حَسين شاعر، جنهن جي ورسٽائيل وارن ۽ وشال اکين جي تارن تي ڄامشوري جون ڪيئي جواڻيون ٻلهار ٿيون ٿي، پر هن پنهنجي من جي ديس مان ٿريچي ”مينڪا “ کي پل به پاڻ کان پري نه سمجهيو. تڏهن ته هن جي شاعريءَ ۾ هاءِ روف گاڏي ۾ ويٺل ڪنهن به حسينا جون مڪاري ادائون ناهن ۽ نه ئي وري گداز بسترن تي گدولا ڏيندڙ ۽ عاشق جي بينڪ بئلنس تي عُقابي نظر رکندڙ نوخيز جوانين جا تترن جهڙا تال آهن. هن جي شاعريءَ ۾ ته ننگر جي هٺيلن هرڻن جا ڇال آهن، سنڌ ڌرتيءَ جا دردوندا حال آهن. روپلي جي ڪُوڪ جا سڏ پڙاڏا آهن جن جي شاهدي مالسريي جا مور به ڏيندا.
اسان روپلي جي ڪوڪ جو پڙاڏو جهپون ٿا
ڪارونجهر جي مورن پڪارن کان پڇي ڏس
اشوڪ جي شاعريءَ ۾ بيماريءَ جي بستري تي زندگيءَ جي جنگ جهيڙيندڙ هڪ شاعره جا سور ائين لڇن ٿا، جيئن ڪنهن ميلي ۾ وڃائيجي ويل ٻار جي ماءُ جون ڳولائو اکيون لڇينديون ۽ پڇنديون آهن. هن جي سدا ملوڪ شاعريءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي اها سادڙي سُونهن جلوه افروز آهي، جيڪا پنهنجي چهيتي جو سچو سوڳند کڻڻ کان به ائين ڪيٻائيندي آهي، جئين سهاگ رات جو ڪنوارا چپ پهرين چُمي کان ونئون ويندا آهن. اشوڪ جي مظلوم جي مرڪ جهڙي شاعريءَ کي ڪو نام نهاد نقاد جيڪڏهن بحر، وزن جي عقابي اک سان ڏسندو ته هن جا وديسي پکين جهڙا خيال بي قدريءَ جي چنبن ۾ ڇيهون ڇيهون ٿي ويندا. هن جي شاعري توڙي جو فني تقاضائن تي نٿي لهي، پر پوءِ به ائين دمدار آهي، جئين بنان ميڪ اپ جي مارئي هُئي. جنهن عمر کي ڀالوا جي ڀٽن جا پنڌ ڪرايا هئا. وقت جي شاعر حاڪمن کي هڪ نه هڪ ڏينهن هن جي ڪويتا مارئي ضرور پنهنجي سحر ۾ جڪڙيندي!
اشوڪ کي آئون التجا ڪندس ته هُو هن سٽ تي ضرور سوچي تڏهن جڏهن هي ڪنهن شاعريءَ جي شڪاري هٿان ڪنهن احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿئي، هند جي هڪ سنڌي شاعر چواڻي اگر جي خيال مجروح ٿئي ته رديف ته ڇا ڪافيا به ڀڃي سگهجن ٿا. سو اسان جا دلبر دوست تُنهنجي پپيهي جي پُڪار جهڙي شاعريءَ ۾ رڳو کاٽونبن جهڙا خيال ئي ناهن پر موئن جي دڙي جهڙي سنڌ به ساھ کڻي ٿي.
گنگا به تو ۾ جمنا به تو ۾
تو مون لاءِ پاڪ پياري آهين
اشوڪ جي ادبي آبياري ڪرڻ ۾ پاٻوهر جي ساگر جو وڏو هٿ آهي. جنهن ”خاموش“ جي ڪوھ ڪارونجهر جيڏن خيالن کي ست راڄيءَ ۾ سويڪار ڪرائڻ لاءِ هر ويل هر هند دلي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ اڄ اشوڪ جي سوچن جي سُرهاڻ سان نه رڳو هي محفل معطر ٿي آهي. پر صحرا ٿر کان وٺي سنڌورسٽي تائين هن جي فڪر جي ڦوگسي ڪيئي من مهڪائي ڇڏيا آهن. ۽ اڄ آئون چيتن کي چيتاوڻي ڏيندڙ پاٻوهر جي پروهت ساگر کي سلام پيش ڪيان ٿو ته هو نه رڳو سياست ۾ سرگرم آهي، پر ادب جي آبياري لاءِ ٿر جي ڳوٺن ۾ موجود مٽي جي مهڪ جهڙن شاعرن کي گمنامي جي تاريڪي مان تاري سوجهاڪي جهڙي ڪنهن سحر حوالي ڪري ٿو.
***