جَڳُو نائي
هُو جيڪو صبح جو سوير اُٿي پکين کي ڪَڻ اُڇلائي ٿو يا نه، پر ”نگاهن جا نيرا گُل“ ڪنهن واٽ ويندڙ حَسينا جي هنج ۾ اُڇلائي پنهنجي اُجري صبح جو آرنڀ ضرور ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته، هُو سُونهن جو پوڄاري آھي. هُو پاڻ به سهڻو آھي ته سندس ويچار به دل کي وڻندڙ آھن. ھُو هوٿيئر مان مٺي ويندي واٽ ۾ فطرت سان ڪچهري ڪري ٿو. فطرت جي فن ۽ قدرت جي ڪمال تي سوچيندي، مٺي پُڄي ٿو. مٺي هن لئه ماءُ جي هنج جهڙو درجو رکي ٿي. مٺي جنهن کي هن پنهنجين سيڙڪين اکين ۾ ڪجل ڪري پاتي آھي. مٺي هُن جو خواب نگر آھي جنهن ۾ ڏينهن ڏٺي جو هُو ڪيئي سپنا سرجي ٿو. هُو مٺي پهچي پنهنجي حجامڪي دڪان کي کولي ٿو، جيڪو هن لئه ڪنهن درگاھ کان گهٽ ناهي. دڪان کولڻ کان پوءِ حسب معمول اگربتي ڪندي، ايشور در ٻئي هٿ ٻَڌي پرارٿنا ڪرڻ مهل پنهنجي روزي روٽي گهرڻ کان اول مٺيءَ جي امن ۽ هندو مُسلم ڀائيچاري لئه پرارٿنا ڪري ٿو. هُو چاهي ٿو ته منهنجي ديس جي رواداريءَ وارو رواج سدائين لئه روان دوان رهي. ڪنهن به ڪٽرپنٿيءَ يا انتهاپسنديءَ جي هوا هن شهر جي ڏيئي کي گُل نه ڪري. هُو مٺيءَ کي مٺي ئي ڏسڻ چاهي ٿو. اُھا مٺي جنهن جي گهٽين ۾ مندرن جا گهنڊ به وڄن ٿا ته مسجدن مان اذان جون پُڪارون به اچن ٿيون. هوليءَ جا رنگ به هڪ ٻئي تي هارجن ٿا ته، محرم ۾ في سبيل الله وارا شربت ورهائجن ٿا. هرداس ڀڳت تي ڀڄن ڳائجن ٿا ته، مصري شاھ جي مزار تي به ماٿا ٽيڪجن ٿا.
جَڳو جي جهوپڙيءَ (دڪان) ۾ هر وقت ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ويٺا ئي ويٺا هوندا آھن، ڇاڪاڻ ته، هتي ٻيو ڪجهه ملي نه ملي، پر جڳو جو پيار، اڌڙي چانهه جي ۽ سنڌ ايڪسپريس اخبار ضرور ملندي. ملڻ جي حساب سان ته هتي ڀانت ڀانت جا اديب ۽ شاعر به ملي ويندا آھن، جيڪي جڳو سان دلپشُوري ڪري مُفت جي چانهه به پِي ويندا آھن ته اخبار به پڙھي ويندا آھن. بعضي بعضي هيڪڙ ٻيڪڙ اديب ته، اخبار کي بغل ۾ ويڙھي پنهنجي پيءُ جي سمجهي کڻي به ويندا آھن. ڇا ڪجي؟ اديب آھن. مُفت جي چانهه ۽ اخبار ته انهن جو به حقُ ٿئي ٿو. حُڪومت کان نه ٿو پُڄي ته ڇا ٿيو اسان وٽ جڳو نائي جهڙا جوان ۽ درياءَ دل انسان ويٺا آھن، جيڪي اهڙن اديبن کي به اکين تي رکي عزت ڏيندا آھن جيڪي چانهه پِي ٻاهر نڪرندا آھن ته جڳمال نائي کي جڳيو چوندا آھن. پر مجال آھي جو جڳمال ڪڏھن مُنهن ۾ سر به وڌو هُجي. هر وقت کلي ملڻ وارو من موهي مزاج هن کي گهڻن کان نيارو ڪري بيٺو آھي. جَڳو پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغُول هوندي به ڪچهري ڪندو رهندو آھي. ڪنهن گراهڪ جا وار يا ڏاڙھي ٺاهيندي به مجال آھي جو ڪچهريءَ مان ڌيان ڪڍي. وارن ٺاھڻ وارو هُنر هن کي موروثيت ۾ مليل آھي. وار سنواريندي جڏھن وارن ۾ آڱرين کي ڪنگي ڪري ڦيريندو آھي تڏھن ائين لڳندو آھي ڄڻ هُو دردن جي گهاٽي جهنگل ۾ پنهنجي پيٽ جو ڳڀو ڳوليندو هجي. هُو گراهڪ کي پل به پريشان ٿيڻ نه ڏيندو. ماڻھو ڀلي گهران ڪاوڙجي اچي يا رستي ۾ ڪنهن قرضُو چڙائي وڌو هُجي يا وکر وٺڻ جي ڳڻتيءَ ۾ غرق ٿيل هجي پر جڏھن جڳو جي دڪان ۾ پيل ڪُرسي تي ويهي وڏي ٽڪ ۾ پنهنجو چهرو چتائي ڏسي ٿو ، تڏھن جڳو هن سان گفتگو ڪري هن جو هانءُ هلڪو ڪري ڇڏي ٿو. حجامڪي ڌنڌي ۾ گراهڪ سان گفتگو ڪرڻ فطرتي عمل ۾ شُمار ٿئي ٿو، پر هن جي ڪچهريءَ ۾ پنهنجائپ وارو پيار جهلڪندو آھي.
جڳو کي حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو وڏي چانس به ملي هُئي. نواب شاھ واري زرداري هائوس تي نوڪري ملي، پر مٺيءَ جي مُحبت هن کي اُتي مهينو به رهڻ نه ڏنو. ادب سان عشق، اديبن سان پيار ۽ مٺيءَ جي مُحبت تان هُو وڏي آڇ قربان ڪري وري اُن قينچيءَ واري ڪرت سان لڳي ويو، جيڪا هن جي دردن کي شايد ئي ڪَٽي سگهي، پر هي اُن سان ناتو نڀائيندي عمر ڪَٽي ڇڏيندو.