ڀُورجي ”درٻار“
جوانيءَ ۾ گهوڙي سُواري جو شوقين هُئڻ ڪري، جتي به ويندو هو پنهنجي سُرخاب گهوڙي تي سفر ڪندو هو. سدائين سلوار قميص واري لباس ۾ ملبوس هوندو هو. مٿي تي سنڌي ٽوپي اڪثر پائيندو هو. ڪڏھن ڪڏھن پَٽڪو به ٻڌندو هو. ڳائي گيهه ۾ نج نبار ماکي ملائي کائڻ هن سوڍي جي اميراڻي عادت ۾ شُمار هو. دارون کي دل سان واپرائيندڙ ڀورجي درٻار گوشت جو وڏو شوقين هو. وڏي آواز سان ڳالهائيندڙ، تنهائي پَسند ماڻھو هو. ”ايري گيري نٿو خيري“ سان هن جي ڪڏھن به نه پيئي. ڪنهن سان ملڻ وقت هٿ جون هميشه ٻه آڱريون ملائيندو هو. اهو ڪو وڙلي ماڻھو هوندا جن سان ڀُورجي مُڪمل هٿ ملايو هُجي يا ڀاڪر پائي مليو هُجي. هُن پنهنجي بادشاهي حيثيت هميشه برقرار رکي. سوين ايڪڙ بيراني زمين جو مالڪ هئڻ ڪري هن کي صرف مالڪ جي پرواھ هُئي. هُن ڪنهن اڳيان ڪڏھن جهُڪڻ نه سکيو. فيصلا به اهڙا هوندا ھُئا، جو وڃي ٿيا سَت خير. انصاف به اهڙو جو راڄ پيا رهاڻن ۾ تذڪرو ڪندا هئا. چوريءَ جا، چونئرن تي چڙھيل مَل ڀُورجي سوڍي لاهرائي ڏيکاريا هُئا. هڪڙي ڀيري سندس پنج ٻڪريون ڪير چوري ڪري ويو، چوري ثابت ٿيڻ تي چور کان پنجيتاليهه ٻَڪريون ڀَرائي ورتيون. لاڪوڙيءَ جي سيم مان ڪو لڪڙي (ڪاٺي) به وڍي نه سگهندو هو. شڪار ڪرڻ ۽ وڻ وڍڻ جي انتهائي خلاف هو. اهڙو فيصلو ٿر جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن ڪيو هُجي. مجال آھي جو چور کي ٻيهر جرئت به ٿئي، جو هُو ڀُورجي جي بادشاهيءَ ۾ چوري وارو ڪم سرانجام ڏئي. سڄي ڄمار پنهنجي نرالي نوعيت واري ٺَٺِ باٺ ۾ گُذاري.
آخر ڪار مُختلف بيمارين جو شڪار ٿي سول اسپتال مٺيءَ جي مرداڻي وارڊ ۾ دل جي دوري پوڻ سبب هن دنيا کي الوداع ڪري ويو. هن جي وڇوڙي ۾ نه رڳو وَٽ وِنجهلي ٿي، پر سامروٽي به سُڏڪا ڀري ساري ٿي. ٽيپاري جي سُن کان وٺي لاڏڪيءَ واري لوهرٽي تائين سمورو ڏيهه هن سوڍي کي صدين تائين ساريندو رهندو.
پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اڇي ٽويوٽا ۾ سفر ڪندو هو. جتي به شادي مُرادي يا فيصلي وغيره ۾ وڃڻ ٿيندو هو، تقريبن ڏينهوڙي واپس ورندو هو، پر جي رات ٽِڪي به رهيو ته، رات واري محفل سڀنيءَ کان الڳ اوطاري ۾ هوندي هُئي جتي هڪ ٻه مخصوص ماڻھن سان گڏ مئه نوشي ڪندو هو. ارباب عطاالله ، ارباب جبار ۽ ارباب سَتار جو نڪٽم سمٻنڌي هو. ان ڪري ٿر جي سياست تي به هن جو وڏو اثر هو. کيتلاري، لاڏڪي ارجڻ، ڊونڊيو، ناٿڙو ۽ ڪونئرل ۾ مِٽي مائٽي هُئڻ ڪري اڪثر ويندو رهندو هو. ڪٿي ڪنهن سان ڪا ڪونسل (صلاح مشورو) ڪندو هو ته، ماڻھوءَ کي ميڙ مان ٻاهر وٺي پرڀرو ڳالهه ٻولهه ڪندو هو، پر ايڏي وڏي آواز سان ڳالهائيندو هو جو اوطاري ۾ ويٺل سمورو ميڙ ڳجهه ڳوھ واري صلاح صفا سولي نموني سمجهي وٺندو هو. ماڻهو کي مُنهن تي چوڻ ڪڏھن به نه وساريو. پرپُٺ گلا ڪرڻ هن جي مزاج ۾ ئي نه هو. نواب کي به سچ مُنهن تي چئي ڏيندو هو.
هڪڙي ڀيري سندس ڳوٺ ۾ منهنجي به ٺيڪ ٺاڪ تيماداري ڪئي هيائين ته نشا ڪرين ٿو. مُنهنجي ماءُ جو سڳو ماسات هو. اُن حساب سان منهنجو مامو ٿيندو هو. هن جو چوڻ حق هو. مون هن جي ڳالهه دل ۾ نه ڪئي.
ڀُورجي درٻار ڳوٺ ٻانڌي جي ڏوهٽ راٺوڙن مان شادي ڪئي، اولاد ۾ کيس پنج پُٽ ۽ پنج نياڻيون آھن. پرٿوي راج سنگهه وڏو پُٽ آھي، رٽائرڊ ماستر آھي جيڪو ڳوٺ ڊونڊيو مان اگروجي ٻاڙميرا جي گهران پرڻيو آھي، لڇمڻ سنگهه به ماستر آھي. ڪَنڊارو مان پرڻيو آھي. وينجهراج سنگهه ڊونڊيو مان هٺوجي ٻاڙميرا جي گهران پرڻيو آھي. رام سنگهه جُهن مان شادي ڪئي ۽ ڪوجهراج سنگهه سڀني کان ننڍو آھي. سڀئي سَرڪاري ملازم آھن. تمام پيارا ۽ مُحبتي ماڻھو آھن. مهمان نوازيءَ ۾ ڀُورجي کان مٿڀرا آھن. مڇيءَ ماني وارا آھن.