جاني لنجو
اهو هو ڀوڄاسر جو جاني لنجو...! ڀوڄاسر جيڪو هينئر تعلقي اسلام ڪوٽ جي يوسي سينگارو ۾ شامل آھي. چون ٿا ته، جاني لنجي جو جنم ڏانڪي ڏھر ۾ ٿيو هو. ڏانڪي ڏاهر نالي ڳوٺ ڀوڄاسر کان اُتر طرف ٿورڙي مفاصلي تي واقع هوندو هو، جتي هينئر ڪا به آبادي آھي. جاني لنجو اُتان الئه ڪهڙي سبب ڪري لڏي جتي هينئر ڀوڄاسر آھي اُتي اچي ويٺو، ۽ اتي پيئڻ جي پاڻيءَ لئه کوھ کوٽايو ته، پاڻيءَ بدران رڳا انگارا (ڪوئلا) نڪتا. هُن ٻيو کوھ کوٽايو ته به ساڳي مسئلو نڪتو ائين هن الئه ڪيترا کوھ کوٽايا پر پاڻي نه نڪتو. نيٺ پريشان ٿي ان جو حل ڪنهن کان پُڇيو ته ڪنهن ڏس ڏنو ته رڙياڙي ڳوٺ ۾ ڪو الله لوڪ درويش رهي ٿو جنهن جو نالو ڀوڄو آھي ان کان پُڇائي اچ. جاني رڙياڙي ويو اُتان ڀوڄي کي وٺي آيو جنهن سڄو پڊ گهمي هڪڙي هند گهوڙي جو سُنب ڏسي اُتي نشان هڻي ڏنو. جتي کوھ کوٽڻ سان پاڻي نڪتو. چون ٿا ته ڀوڄو پٿوري پير جو پهتل ڀڳت هو. پاڻي نڪرڻ کان پوءِ جاني لنجو تمام گهڻو خوش ٿيو، ۽ ڀوڄي ڀڳت کي چيائين ته هاڻي توکي چانديءَ جي مهار سميت اُٺ ڏيان يا جيڪي گهرين سو ڏيان. ڀوڄي ڀڳت چيو ته مون کي ڪجهه به نه کپي، بس هن ڳوٺ جو نالو منهنجي نالي تي رکي ڇڏ. جاني ڀوڄي جو ڀرم رکيو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين جاني لنجي جي اُن ڳوٺ جو نالو ڀوڄاسر ئي آھي. جتي هن وقت ميگهواڙ ۽ لنجا رهن ٿا.
جاني لنجي جي مهمان نوازي مثالي هُئي. هن جي باري ۾ هڪڙي روايت مشھور آھي ته، هُن جو نالو وٺڻ سان ٽيئڙ تپ ڇڏي ويندو آھي. ماڻھوءَ کي ٽيئڙ تپ يعني ٻيئنيون ٻرو هُجي ۽ اهو چوي ته، ” سؤ گهوڙن ۽ اُٺن سان سؤ مهمان اچن، ميهوڳي رات هُجي، جاني جي گهر ۾ لپ اٽي جي به نه هُجي تب جاني جي ايمان کي لوڏو نه اچي. ته بخار ڀڄي وڃ.“ ته بخار لهي ويندو. ڇا ته مهمان نواز هو جنهن جي تاريخ اڄ به طب طور گواهي ڏئي ٿي. سؤ گهوڙن ۽ اُٺن سان مهمان اهو به ميهوڳي رات وري گهر ۾ به ڪجهه به نه هجي پوءِ به ايمان ڪوھ ڪارونجهر جيان اٽل هجي ته مسئلو ئي ناهي. روزي مالڪ ڏيندو. اهڙا ئي هئا صدين جا امر ڦَل ۽ اڏول ڪردار جن تي ڌرتيءَ مَرڪ ڪري ٿي.
جاني لنجي جي باري ۾ راوي روايت ڪن ٿا ته، هڪ ڀيرو آڌيءَ رات جو هن وٽ ڪجهه مهمان آيا. هن پنهنجي گهر واريءَ کان اٽي ڀتي جو پُڇيو. سندس گهر واري وراڻيو ته گهر ۾ ڪجهه به ناهي. هي پريشان ضرور ٿيو پر مايوس قطعي نه ٿيو. هن گهر واريءَ کي چيو تس ڏئي ته پاڙي مان اٽو وٺي اچان. تون ٽانڊو ٻار ته اجهو ٿو موٽان. پاڙي ۾ ويو، پر بدقسمتيءَ سان ڪٿان به اٽو نه مليو نيٺ هي واپس موٽي آيو ۽ گهر واريءَ کي چيائينءَ ته تس ننڍو آھي ڪو ڌُوتل ۽ صاف ڪپڙو هُجي ته ڏئي هن ۾ اٽو نه ٿو اچي. گهر واريءَ ڌُوتل ڪپڙي جو ٽُڪر ڏنو جنهن کي کڻي جاني اُتر طرف اڇي ريت تي ويو ۽ اکيون پوري الله کي ياد ڪري واريءَ مان ڪجهه ٻُڪ ڀري ڪپڙي ۾ وجهي کڻي آيو ۽ جوڻس کي چيائين هن مان ماني پڇائي ڇڏجانءِ بچائي نه رکجانءِ. مائي ماني پچائي جاني کي ڏني ۽ ڪجهه اٽو بچائي رکي ڇڏيو. جاني مهمانن کي ماني کارائي سڪون سان سُمهي رهيو. صبح جو سوير مائي اُٿي ماني پچائڻ لئه جيئن ئي رات واري پوٽلي کولي ته ڇا ڏسي رڳو واري پيئي آھي. هي حيران ٿي ويئي ۽ سڄي ماجرا جاني سان ڪرڻ لڳي. جاني وراڻيو ته هي روزي انهن مهمانن جي هُئي، مون توکي چيو پئي ته اٽو بچائي نه رکجانءِ. اهڙا هئا الله لوڪ مهمان نواز جن جي پُڪار ٻُڌي پالڻهار واريءَ مان اٽو ڪندي ويرم ئي نه ڪندو هو.
جاني لنجي جي هٿ جو پوکيل نم جو وڻ اڄ به اُتي بيٺو آھي، جتي جاني جو گهر هوندو هو. ان جهوني نم جي هڪ منگهه نما پاڙ آھي جنهن هيٺان ٽيئڙ تپ واري کي مٽائيندا آھن ته بخار ڇڏي ويندو آھي. اڄ نه جاني آھي نه جاني جو گهر، پر روهيڙي جهڙو وشواس اڄ به زنده آھي.