شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

نثار بلوچ

اسلام ڪوٽ جي ڏکڻ اولهه واري ڪُنڊ ۾ واقع ڳوٺ کاکڻهار رحم علي جو هي خوبصورت ڇوڪرو ذات جو وسائيپوٽو ٻروچ آھي. ٿر جي اُن تاريخي ۽ سُگهڙ شاعر حاصل فقير جو ڳوٺائي آھي، جنهن ڪنڊيءَ تي بيت لکي مٽيءَ جو حقُ ادا ڪيو هو. هي به پنهنجي ڀومي جو حق ادا ڪرڻ خاطر وس کان وڌيڪ لکي ٿو ۽ اُهو به خوبصورت لکي ٿو. 27 جنوري 1988ع تي جنم وٺندڙ، مٽيءَ جو هي محبوب شاعر تعليم جي حوالي سان پوسٽ گريجوئيٽ آھي. هن وقت هڪڙي اين جي اوز ۾ برسر روزگار آھي. تمام پيارو ماڻھو آھي.
هُو جيڪو پرھ جو پياڪُ آھي، اهڙو پياڪُ جڪو ڍُڪ ڍُڪ ڀري شراب کي ڍُڪ ڏيڻ بدران هڪڙي ئي ڌَڪ سان گلاس کي ڳيت ڏيئي مئه کي مهڪائيندو آھي، پاڻي وانگي پيئندو آھي، پيئندو ڪٿي آھي، هُو ته ڏوڪيندو آھي. ڏوڪڻ کان پوءِ مليريا ۾ مُبتلا ڪنهن مريض وانگي وڦلڻ بدران سُر ۽ تال ۾ ڳالهيون ڪندي سموري محفل کي مچائي ڇڏيندو آھي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي تاڙي ملائڻ واري انوکي عادت به هن جي شُڀ گُڻن ۾ شُمار ٿئي ٿي. هُو جڏھن اسلام ڪوٽ واري نند لعل ميگهواڙ ۽ ميرپورخاص واري اوطاق ڌڻي صفدر پنهنور وٽ مئه نوشي ڪندو آھي تڏھن شراب به نشي ۾ ٻُڏي ويندو آھي. ميان گُل محمد ڪلهوڙي جون ٻوليءَ جي سُڌاري لئه نيڪ صلاحون ۽ غُلام رسُول مڱرئي جا ٽهڪ به ڪڏھن ڪڏھن هن محفل جي رونق هوندا آھن. سُرورن ۾ سرشار اُن مڌڀري محفل ۾ نه رڳو منٽُو جي افسانن جون ڳالهيون ڇڙنديون آھن، پر بيديءَ کان وٺي ٽئگور تائين سڀني عالمي اديبن تي ڳالهايو ويندو آھي. ڳالهايو ته، سنڌُ جي سُورن ۽ پرينءَ جي پُورن تي به ويندو آھي. ماڌُوري جي موهي ماريندڙ حُسن کان وٺي دپيڪا پڙاڪون جي ڊانس تائين بالي ووڊ جي سُندرين جي جسماني خدو خال تي حال احوال ڪيا ويندا آھن. شاعريءَ جي فني ۽ فڪري لوازمات جي باري ۾ به بحث ٿيندا آھن.
صحرا جو هي پياسو مور مئه تلاءَ مان سيراب ٿيڻ کان پوءِ شاعريءَ جي سُندر ديويءَ سان هم ڪلام ٿيندو آهي. ڪلا جي ڪلاونتي سورنهن سينگار ڪري هن اڳيان ٻانهون ٻڌي بيهي رهندي آھي، ۽ هُو شاعريءَ کي سجدو ڪري من مندر ۾ آرتي شاعريءَ کي ديوي جو درجو ڏيندو آھي، ۽ هن جي هردي ۾ براجمان ٿيڻ کانپوءِ ڪويتا راڻيءَ هن کي مهاڙيئي جي گگر جهڙا وڄندڙ نظم ڀيٽا سوروپ ڏيندي آھي. ”شهر رنڊيءَ جو بدن“، ”شهر ۾ پاڻ وڃائڻ وارا“، ”دپيڪا تون نچين ٿي“ ۽ ”يار سان به ملڻو آھي“ جهڙا عالمي ميار جا نظم هن جي شاندار ۽ جاندار شاعراڻي حيثيت جو ثبوت آھن. نثار جو نظم کان نثر وارو پاسو گهڻو وزندار آھي. هن جي نثر ۾ عالمي معيار جي جَهلڪ پسي سگهجي ٿي. نئين پرڻيل ناريءَ جي ماڻي ۽ ڪاڪ جي لاڻي جهڙو هن جو لاجواب نثر اجائي لفاظيءَ جي لُڙ بکيڙي کان پاڪ آھي. هُو تمام گهٽ لکي ٿو، پر جڏھن به لکي ٿو تڏھن ڳائي وڄائي لکي ٿو. چوڻ جو مطلب ته هُو مڃيل نثر نگار آھي. جڏھن به هن جي دادلي دل چاهيو آھي، تڏھن ڪنهن وينگس جي ڳاڙھين اکين جهڙو نشيلو نثر هن تي نشي وانگي حاوي ٿيو آھي، ۽ پوءِ هي آفريڪا جي ڳاڙھن انگورن جهڙو نثر لکي گهڻن تي اثر انداز ٿيو آھي. خطن جو ته هُئين شهنشاھ ڪاريگر آھي، پر ڪهاڻيون به ڪمال جون لکي ٿو. هن جي هڪڙي ڪهاڻي ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تان نشر ڪندي آئون پاڻ آن ايئر روئي ويٺو هئس. اُن ڪهاڻيءَ ۾ نائڪ کي بليڊ ڪينسر هوندي آھي. هن جا خط پڙھي مون اڪثر اها راءِ قائم ڪئي آھي ته، هي رابندر ناٿ ٽئگور جو ڪو اوتار آھي. وئيشيا ڏي لکيل خط پڙھندي مون کي گيتا انجلي وارو نثر ياد اچي ويو. بُک بابت لکيل هن جو خط بُک جي آخري تشريح آھي. مُحبت جي محور ۾ لکيل خط پڙھي ماڻھو مُحبت جي مٺڙي احساس سان لبريز ٿيو وڃي. هن جا خط پڙھي ٿر جا گهڻا تڻا شاعر نثر نگار ته ٿي ويا، پر نثار ٿي نه سگهيا. نثار ٿيڻ لئه انهن کي واقعي نثر تان نثار ٿيڻو پوندو. پاڻ ولوڙي تخيل کي تخليق جو ويس پارائڻ ڏاڍو ڪَٺن ڪم آھي. اهو ڪم ڪو دردن جو پاٿاريدار ئي ڪري سگهي ٿو. باقي هلڪي ڦُلڪي درد جي چور جي ڳالهه جي دال ئي ڪانه ڳرندي.
جيئن ته هن جو تعلق هڪ سياسي خاندان سان آهي، ان ڪري چوويھ ڪلاڪ پنهنجي در تي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي حاضري ڏيندي، ڪم ڪار لاءِ واجهائيندي ۽ سڄو ڏينهن جي حُضوري ڪندي ڏسي هن جي ميڻ جهڙي دل درد ۾، پَڪل پيرون وانگي ڦسي پيئي ۽ هن کي سماجي ڍانچي کان سخت نفرت ٿيڻ لڳي. هن نه ٿي چاهيو ته، ڪو مسڪين ماڻھو پنهنجي جائز ڪم لاءِ به ائين سڄو ڏينهن هٿ ٻَڌي جي حُضوري ڪندو رهي. ان ڪري هن جي سيني ۾ سُتل شاعراڻو احساس آرس موڙي اُٿي پيو، ۽ هن سماج جي سُور تي لکڻ شروع ڪيو. لکڻ سان پڙھڻ به هن جو ننڍي لاڪون وڏو شوق هو. اهو شوق سندس ڀاءُ جي ورتل ڪتابن مان پورو ڪندو هو. هن جي وڏي ۾ وڏي خوشنصيبي اها ھُئي جو هن جي والده ماجده ڀٽائيءَ جي پارکو هُئي. سُگهڙ سياڻي هُئي. سندس ماءُ جي واتان ڀٽائيءَ جا بيت ترنم ۾ ٻُڌي هن کي دُنيا جي سموري موسيقي وسري ويئي. هن کي وڻيو ته صرف ماءُ جو مقدس راڳ ۽ پکين جون پرھ ويلي ٻوليون. انهن مان ئي متاثر ٿي هن اهڙو نثر لکيو جو اڄ ان کان الئه ڪيترا متاثر آھن.