شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ممتاز نهڙيو

هُو، جنهن کي ٿر جو بيباڪ ۽ نامور صحافي چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته، هن صحافت لئي مان لٺ ڀنڃي ناهي سکي ۽ نه ئي وري بليڪ ميلنگ واري بارگينگ ذريعي مال ميڙڻ لاءِ انهي ڪرت ۾ ڪاهي پيو. هُو ته بس انهن مسڪينن جا آواز ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ انهي پُر پيچ مارگ جو مسافر بڻيو، جيڪي مٺيءَ جي ”نام ڪٺين“ صحافين جي نظر کان پري هيا، جن کي مٺيءَ جي هڪ هٽي ميڊيا ” لانڍ “ چئي نظر انداز ڪندي آهي. هي انهن گگرال جي واپاري صحافين کان الاهي مختلف آھي. ان هيڻن جي همدرد صحافي جو جنم مهراڻي جي مٽيءَ ۾ تڏهن ٿيو هو، جڏهن ٿر ۾”وارڙيا مٽر “ لوڪ ڌُنن وانگي دڙن تي وڄندا هئا، جن جا الولڪ آواز ٻڌي ڌراڙن جون دليون ائين خوش ٿينديون هيون، جئين وڄڙين جا اُهاءَ ڏسي ننگر جا هرڻ خوش ٿيندا آهن، تڏهن ٿر ڇڪڙي جي لوڏن، آکي پائي جي ڪوڏن، پاڻياريءَ جي چيلهه تي گهڙن، ويڪرن پڙن، ٻاجهر جي روٽي، لڪ لڪوٽي، عاج جي اڇن چُوڙن، ٻانڌاڻن جي ٻُڙن، اڪ جي پُڙن، اُٺن جي جُهلن، روهيڙي جي گلن، ساٺيڪن کوهن ۽ ڀوجن ٻُوهن واري ديس طور مشهور هو. ماءُ جي هنج ۾ ايندڙ مٺڙي ننڊ جهڙي اُن محبوبي وقت ۾ مٺيءَ کان ڏور ڳوٺ ٻانڀڻڪي جي نامدار نهڙيي خان محمد جي گهر ۾، اماس جهڙي تاريڪي رات ۾ آڌي ويلي هڪ چوڏس جهڙو چنڊ اڳو هو، جنهن کي سَموري سنڌ ممتاز نهِڙيو جي نالي سان سڏي ۽ سُڃاڻي ٿي، جنهن کي اڄ هر مڪتب فڪر جو ماڻهو هڪ ايماندار صحافي طور سُڃاڻي ٿو. هُو جنهن جي هٿ ۾ حرڪت ڪندڙ قلم سچ لکڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو، هن جي صحافتي انٽري ۾ مٺيءَ جي گهڻن ”معتبر“ صحافين جي ڪنڌ مان ڪلي نڪري ويئي، نه رڳو ايترو پر ٻين نوجوانن کي پڻ صحافتي ميدان ۾ سويڪار ڪرائڻ ۾ هن وسان ناهي گهٽايو. جنهن جو مثال ڏيپلي کان وٺي ڏاهليءَ ۽ مٺيءَ کان وٺي مالسريي تائين جا اهي محنتي صحافي آهن، جن کي ٿر جي ميڊيا هاڪر طور به تسليم نه ٿي ڪيا، پر اڄ اهي صحافتي آکاڙي ۾ سڀني کان ملهه ماري بيٺا آهن. ان جو سهرو ممتاز نهڙيي جي سِر ڏانهن وڃي ٿو. جنهن ڪنهن گيڙو ويس گُرو جيان گيان ۾ پنهنجن چهيتن چيلن کي صحافت جا سڀئي گُر اهڙا سيکاريا آهن، جو ڪاميابي انهن جا قدم چمڻ لاءِ مجبور آهي، خالد عُمراڻي، ناشاد سمون، ساجد بجير، غازي بجير، سليم کوسو ۽ ٻيا کوڙ اهڙا نوجوان آهن، جن کي سُڌارڻ ۾ ممتاز نهڙيو جو وڏو ڪردار آهي. ان ڪري هن کي هرڪو اڄ استاد چوي ٿو. ٿر جي گيٽ وي نئون ڪوٽ جي نگر مان تعليم توڙي صحافت جو سفر شروع ڪندڙ هن محنتي ماڻهو مادر علمي سنڌ مان 97 _ 1996ع ۾ فلاسافي ۾ داخلا ورتي، فلسفي جهڙو پيچيده مضمون پڙهندي به صحافتي دنيا تان دستبرداري نه ڪئي. الک، دعا ۽ عبرت جو سب ايڊيٽر ٿي رهيو.
ممتاز نهڙيو صحافتي دنيا ۾ تڏهن پير پاتو جڏهن ”الک“ جو عروج هو. جڏهن نئونڪوٽ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ صبح جي ماڪ سان گڏ ”پاڪ“ پڄندي هئي. ان پاڪ جي وڏن پنن تي هن بيباڪ ٿي خبرن جا کُڙکيٻتا کيڙي، ٿر جي پُٺ تي پيل انهن علائقن جا درد ايوانن تائين پهچايا، جيڪي صفا ويرانيءَ جي ور چڙھيل هُئا. جڏهن رڻن ۾ ريڊيا وڄندا هئا، جڏهن خبرن جو وڏو وسيلو صرف لڪڙ تار هوندي هئي، درويش جي دردن جهڙي ان دور ۾ هن نئون ڪوٽ مان نه رڳو صحافت جو سج اُڀاريو، پر بڙ جي ڍوري کان وٺي ڪارونجهر تائين ڪئي چنڊ پڻ چمڪايا، جن جي چانڊوڪي ٿر جي مستقبل کي منور ڪرڻ ۾ رات ڏينهن رُڌل آهي، نُور تي سدائين چشم چاڙهي هلندڙ، سانوري رنگ وارو جسم ۾ پورو پنو ۽ هر وقت خبرن جي خفت ۾ رُڌل، هي صحتمند صحافي هر اُڀرندڙ سِج جو سلامي آهي، 2001ع ۾ عبرت جو خصوصي رپورٽر ٿي رهيو، 2003ع ۾ خبرون آئي ته ان جو ضلعي رپورٽر ٿيو ۽ خبرون کي اوج تي پڄايو. 2007ع ۾ سنڌ ٽي وي چنيل کليو ته اُن جو ضلعي رپورٽر ٿيو ۽ پوءِ ميرپورخاص جو بيورو چيف رهيو. حيدرآباد لئه آوز ٽي وي جو بيورو چيف ٿي رهيو. حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن جي شهر جا سُمورا سُک تياگي ڏيهه واسين جي ڏکن ۽ ڏولاون سان لائون لهڻ لئه هي وري به واري جي دڙن جو مسافر بڻيو. فاروق سومري جڏهن ”سنڌ ايڪسپريس“ کي سنڌ جي واهڻن، وستين ۾ هلائيندي دڙن جي ديس ڏانهن لاٿو، تڏهن اُن کي ممتاز نهڙيي جهڙو آڙيڪاپ صحافي ملي ويو، جنهن صحافتي پليٽ فارم تان بيهي بابُو وانگي ڀري سيٽي وڄائي ۽ سنڌ ايڪسپريس تيز گام جيان تيز ڀڄندي چند ڏينهن ۾ چوڙيي تائين پڄي وئي. اڄ ٿر ۾ سنڌ ايڪسپريس ٽاپ تي آهي، ان جو سمورو ڪريڊٽ ممتاز ڏانهن وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ممتاز وڏي ڪوشش سان ان ڪاميابي تي پهچايو آهي. پر وري به هڪ نئين اخبار آئي ته، ممتاز سنڌ ايڪسپريس سان سموريون وفاداريون پنهنجي پُراڻي بريف ڪيس ۾ بند ڪري نئين سان نينهن نڀائڻ لڳو. جي ها هُو هن وقت علي قاضيءَ جي اخبار ”روزاني پنهنجي“ سان پنهنجائپ ڏيکارڻ ۾ پُورو آھي. ممتاز جون صحافتي سوچون گهڻن جي سمجهه کان مٿي آهن. حيرانگي جي حد تڏهن رهي ٿي، جڏهن هي جنهن به اداري کي جوائن ڪري ٿو ته ان کي صحرا ۾ چندن بڻائي ڇڏي ٿو. چوڻ جو مطلب ته هي لوهه کي سون ۾ تبديل ڪرڻ وارا گڻ ڄاڻي ٿو. اهي گڻ گهڻن صحافين جي خواهش رهجيو وڃن، پنهنجي ادارت هيٺ هفتيوار ” ٿر آواز “ اخبار ڪڍي، ٿر ۾ ٿرٿلا مچائيندڙ ممتاز سان منهنجي پهرين ملاقات ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جي بلڊنگ ۾ تڏهن ٿي هئي، جڏهن اسٽيشن ڊائريڪٽر علي نواز خاصخيلي هو. 4 نومبر 2006ع وارو اهو ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهي، ان ڏينهن آئون ريڊيو مٺيءَ تي بطور ميزبان آڊيشن ڏيڻ ويو هئس. اتي ممتاز موجود هو جنهن منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، اسين هڪٻئي لاءِ اجنبي هئاسين، پر پوءِ به هن منهنجي ڀرپور مدد ڪئي. هڪ راجپوت هئڻ جي ناتي، ڇاڪاڻ ته هو راجپوتن سان وڏي محبت ڪري ٿو، شايد ان ڪري جو هن جو تعلق پڻ سماٽ ذات سان آهي.
مهراڻي جي هن ماروت مون تي ٿر جيڏو ٿورو تڏهن ڪيو هو، جڏهن مٺي شهر مون لئه انتهائي اوپرو هو. جڏهن آئون ادب جي پهرين وک کڻن خاطر پنهنجي حال جي حقيقت ست راڄي ۾ سڻائڻ لئه ادب جي صحرا ۾ ڀٽڪيس پئي .جڏهن مٺي جي وڏن اديبن مون کي ڪتاب جو مهاڳ اهو چئي لکي نه ٿي ڏنو ته، تون اديب جي الف کان به واقف ناهين، شابس ته پوءِ به نور احمد جنجهي کي هجي، جنهن منهنجي لڄ ۾ ڦڪ رکندي ٻه اکر لکي ڏنا. تڏهن هن محبوب ماڻهو مون کي ايوب کوسي کان با منعيٰ مهاڳ لکرائي ڏنو، ۽ ايوب کوسي اُن مهاڳ ۾ جيڪا منهنجي حوصلا افزائي ڪئي اها ئي مون کي هن منزل تي وٺي آئي. ايوب کوسي کي مهاڳ لئه فون ڪندي چيائين ته، ”يار تون ۽ امر رائسنگهه لفظن جي لفاظي ڪيو ٿا. آئون جُملن جي لفاظي ڪرڻ ڄاڻان ٿو پر ”بريڪنگ نيوز“ واري ڀيڙ ۾ وقت وٿي ئي نٿو ڏئي جو ٻه اکر لکي سگهون. ان ڪري اهو بار توتي رکان ٿو.“ ممتاز جي چيل اها ڳالهه مون کي ان وقت ”ٺلهي ٺڪرائي“ وانگي محظ هڪ هام لگي، پر جڏهن مون سانوڻ ٽيج تي ريڊيي مٺيءَ تان هن کي پارس پروگرام ۾ ٻڌو تڏهن دنگ رهجي ويس. ٿاريلي زندگيءَ ۽ سانوڻ ٽيج جي سُندرتا تي واھ جو اسڪرپٽ لکيل هو. ان ڏينهن خبر پئي ته ممتاز سچ چيو هو ته، جملن جي لفاظي ڪندڙ ليکڪ آهي. يارن جو يار، دشمن لاءِ تلوار ۽ مسڪين ٿاريلن لاءِ بهار جهڙو بانورو ممتاز نهڙيو نه رڳو صحافيءَ ۽ ليکڪ آهي، پر شاعريءَ سان پيار ڪندڙ مٺڙي آواز جو مالڪ ميزبان پڻ آھي. سندن دل وانگي دسترخوان به ڪشادي جو مالڪ آهي، مجموعي طور تي چئجي ته ممتاز مُڪمل ماڻهو آهي. هڪ اهڙو ماڻهو جنهن ۾ ماڻهپو ائين جَهلڪي ٿو، جئين ڪنهن سهاگڻ جي سينڌ ۾ سندُور جرڪندو آهي. ممتاز جي لئه دلي دعا آهي ته شل حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندي سدائين ٿر جي خدمت ڪندو رهي ۽ ڪاميابي سندس پير چميندي رهي ...!