شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

سُومجي مل ڌاراڻي

هُي اُن شهر جو جُهونڙو ڪلاڪار آهي، جنهن شهر ميمڻن جي موجودگيءَ ۾ پئرس جهڙو اوج به ڏٺو، ته اُنهن جي الوداعي کانپوءِ بغداد جهڙي بربادي به...! جنهن شهر فانوسن جي روشنيءَ ۾ رقص ڪندڙ ماهه پيڪر مُکڙين جون مُرڪون به ڏٺيون ته 65ع ۽ 71ع جي پاڪ ڀارت جنگين ۾ آڌي رات ويلي پنهنجي ڌرتي ڇڏي ويل ڌيئرن جا خاموش سُڏڪا به ٻُڌا، هي اُن شهر جو سپوٽ ليکڪ آهي، جنهن شهر سنڌي ادب کي ”ساگهڙ “ جهڙو ناول لکي ڏيندڙ ليکڪ عثمان ڏيپلائي ڏنو. جنهن شهر سنڌي شاعريءَ کي مصري تڙن جهڙو مٺڙو راڳي مصري ڏيپلائي ڏٺو. جنهن شهر سنڌ جو وڪٽر هارا صادق فقير به ڏٺو. هي اُن شهر جي باغ ۾ موجود هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جي واسنا صدين تائين هن شهر کي سُرهاڻ سان واسيندي رهندي. هن جي ڏرا ڏيئي ويل اکين ۾ اڄ به ڏيپلو ڪنهن ٻوگهلي ٻار وانگي مُرڪي ٿو. هي اڄ به ڏڪندڙ هٿن ۾ قلم کڻي ڪجهه لکي ٿو ته ڏيپلو ٽهڪ ڏيئي سرهو ٿئي ٿو. امرتا پريتم جي آپ بيتي جهڙو اتهاس رکندڙ ڏيپلي شهر جي هڪ غريب پورهيت ميگهواڙ لڌارام جي گهر ۾ 12 نومبر 1946ع تي اک کوليندڙ سومجي مل ڌاراڻي هڪ اهڙو پراڪرمي پُرش آهي، جنهن جي مهانتا سندس للاٽ تي لاٽ وانگي جرڪي ٿي. سندس ماتا حوا ٻائي جي گود ۾ گُد ڏيئي، وڏو ٿيل سومجي مل ننڍي کان ئي وڏو ذهين هوندو هو. هن شروعاتي تعليم ڏيپلي مان پرائي ۽ ميٽرڪ پڻ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان ئي پاس ڪئي. 1977ع ۾ اليمينٽريءَ ۽ انٽر ڊرائينگ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو. گريجيوشن 1980ع ۾ ڪئي ۽ پوسٽ گريجيوشن پوليٽيڪل سائنس ۾ 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيو. ننڍي هوندي ڪتابن سان عشق جي حد تائين انسيت هئڻ ڪري هن تمام گهڻو مطالعو ڪيو. هن سنڌي ادب جا اُهي سڀ ڪتاب پڙهيا جيڪي مشهور هئا. هن جي. ايم سيد جو ”جنب گذاريم جن سن“ به پڙهيو ته پير علي محمد راشديءَ جو ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ به پڙهيو. غلام رباني آگري جو ”جهڙا گُل گُلاب جا “ به پڙهيو، پر هي تمام گهڻو متاثر تڏهن ٿيو، جڏهن رائچند راٺوڙ جو شهر آفاق ڪتاب ” تاريخ ريگستان“ پڙهيو. هن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته، هڪ ڏُتڙيل قبيلي جي ماستر ماڻهو سهولتين جي ڏڪار ۾ ايڏو وڏو ڪم ڪئين ڪيو؟ هن معصوم انسان جي اندر ۾ سائين هريجن لاءِ گهڻي محبت پيدا ٿي. هن سوچيو ته اهڙي املهه هيري بابت مڪمل ڄاڻ هٿ ڪجي. سو هن سنڌي ادب جا تقريبن سڀئي ڪتاب پڙهيا، پر رائچند بابت ڪٿي به ٻه اکر لکيل نه ڏٺا. هن کي تمام گهڻو ڏُک ٿيو، اُنهن ليکڪن ۽ تاريخدانن تي جن هن جي قبيلي جي هيڏي وڏي شخص کي اڇوت جي ڪري وساري ڇڏيو. ان ڏينهن هن پڪو پهه ڪيو ته پنهنجي ذات جي هيرن جو هار ٺاهيندس. اهڙي مالها پروئيندس جنهن ۾ ”رِکيا“ رتن جوت وانگي جرڪندا، ۽ هن سڄي عمر جاکوڙي نيٺ اهو ڪارنامو ڪري به ڏيکاريو. سال 2015ع جي نائين مهيني ۾ 470 صفحن تي مشتمتل ڪتاب ”ميگهه ونس مالھا“ ڇپائي ماروئڙن جي هٿن تائين پهچايو. سومجي مل ڌاراڻيءَ جو هي ڪارنامو تمام وڏو ڪم آهي. ميگهه ونس مالھا جا 108 ئي مڻيا ميگھواڙ جاتي سان تعلق رکن ٿا. هن ڪتاب ۾ سومجي مل هر اُن ميگھواڙ هيري تي لکيو آهي جنهن پنهنجو نالو جڳ ۾ روشن ڪيو آهي. سومجي مل ڪتاب ۾ اول لکيو آهي اُنهن تي جن ”جڳ پڙهايو ۽ پاڻ پڙهيا“ هن لکيو آھي ”کاري کيڙائوُئن“ تي، هن لکيو انهن تي”جلي جي ٻين کي سُهائو ڏين ٿا“ هن لکيو انهن تي جيڪي”کرڪڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهن“ هن ”جيون جاکوڙين تي به لکيو“ ته ”تن جي طبيبن تي به لکيو“ هن انهن مائرن، ڀينرن تي به لکيو جيڪي ”مهان“ هُيون. هن ميگهواڙ جاتيءَ جي انهن چترڪارن تي به لکيو جن ”مانجهين جي من ۾ عڪس چٽيا“ هن انهن درويش صفت سنتن تي به لکيو جي”پوڄارا پُر ٿيا“ هن انهن ڪلاڪارن تي به لکيو، جن جي”ڪنٺ ۾ ڪلا “ ڪوڪي ٿي. هن هر ”سماج سُڌارڪ“ تي لکڻ سان گڏ اُنهن ”مُٺ مُٺ موتين“ تي به لکيو جن ”موتي آڇيا من جا مُتفرقه “ طور لکندي هن ميگهه وس مالها ۾ ميگھواڙ جاتيءَ کي جُڳن تائين جيئرو رکي ڇڏيو آهي. ميگهواڙ جاتيءَ جي هن منفرد ليکڪ نوڪريءَ جي شروعات 13 نومبر 1964ع تي يونين ڪائونسل ڏيپلو ۾ لئبريري ڪلارڪ طور 70 رويپه ماهوار پگهار تي ڪئي، جتان پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ جي ڪري ڏاڪي به ڏاڪي ترقي ڪندو رهيو. لئبريري ڪلرڪ مان سينئر ڪلرڪ ٿيو ۽ پوءِ آفيس اسٽنٽ ۽ 2000ع ۾ مڪاني حڪومت جي نظام ۾ تعلقه ميونسيپل ايڊمنسٽريشن ڏيپلو ۾ تعلقه آفيسر فناس 17 گريڊ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رٽائرڊ ٿيو. سٺو ليکڪ، سٺو انسان ۽ محنتي آفيسر هئڻ سان گڏ هي هڪ سُٺو مصور به آهي. هي زندگيءَ جا سڀئي رنگ ڪاغذ جي ڪينواس تي اهڙي طريقي سان چٽي ٿو جو ان کي ڏسندي ماڻهوءَ جي دل دنگ رهجيو وڃي. حياتيءَ جا ڏک، سک، رنگ ۽ رُوپ سڀ ڪُجهه چترن ۾ چٽيندڙ مسٽر سومجي مل ڌاراڻي هڪ خُوبصورت خطاط ڊزائينر، مترجم ۽ سماج سُڌارڪ به آهي. کيس ڪيئي پُرسڪار به ملي چڪا آهن. ”امر وير لڌارام“ ايوارڊ 2014 ع خوبصورت خطاطيءَ تي مليو ۽ ساڳي سال سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپلو پاران ”بيسٽ آرٽسٽ“ جو اعزاز مليو. واجد منگي ايوارڊ 2014ع ۾ ڀٽائي آرٽ ڪائونسل ماتلي پاران ”شانتي “ ڊرامي جي ڍاٽڪي ترجمي تي مڃتا طور مليو. فنون لطيفه ۾ ماهر هئڻ سان گڏ سومجي مل ذهني طور به تمام ذهين انسان آهي. رياضي تي تمام گھڻو عبورحاصل آهي. ان جو مثال هي آهي ته سال 2011ع ۾ بجيٽ رول مطابق بجيٽ ٺاهڻ لاءِ سڄي سنڌ مان 9 اڪائونٽ آفيسر ضلع وائيز چونڊيا ويا، ڪو به اڪائونٽ آفيسر بجيٽ نه ٺاهي سگهيو، پر سومجي مل ڌاراڻي اهو واحد ماڻهو هو جنهن رول 2011ع مطابق بجيٽ ٺاهي ڏني. جنهن جي مڃتا طور سنڌ سرڪار ٽيهه هزار روپيه روڪ رقم انعام طور ڏني. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏيپلو پاران 2018ع ۾ کيس لائيف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ مليو ۽ 2019ع ۾ غُلام محمد جنجهي يادگار فائونڊيشن پاران بهترين چترڪار جو ايوارڊ مليو.
ڪبير جي دوُهن جهڙو هي دادلو قلم ڪار هن وقت عمر جي ان ڏاڪي ۾ آهي جنهن ۾ ماڻهون مُڪتي لاءِ سوچيندو آهي، جنهن ۾ گناھ بخشائڻ لاءِ رات ڏنيهن مندر ۾ مٿو ٽيڪيندو آهي، پر هي نه ٿو ڪري. هي اڄ به ادب ۽ سماج جي خدمتن جي لاءِ سوچيندو آهي. شگر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هوندي به هي لکي ٿو. اڄ ڪلهه ٿر جي ريتن، رسمن تي لکي رهيو آهي. حياتيءَ جي ڊگھي سفر ۾ هن ڏک به ڏٺا ته سک به ڏٺا. ڌن دولت سڀ ڪُجهه هوندي به هو اڌوُرو آهي. ڇاڪاڻ ته مالڪ مٽيءَ جي سير لاءِ سڪائي ڇڏيو آهي. اولاد جي اڻهوند ۾ هُن جي حياتي پورڻتا جي پد کي پراپت نه ڪري سگھي. پر پوءِ به هي هر وقت مرڪي جيئي ٿو. چوي ٿو ته منهنجو اولاد منهنجو قلمي پورهيو آهي. واقعي قلمي پورهئي کان وڌيڪ ڪو سپُوٽ اولاد ٿي ئي نه ٿو سگهي. ماڻهو آخر مٽيءَ جو کاڄُ ٿيو وڃي، پر ڪتاب صدين تائين سيني به سيني قائم ۽ دائم رهندا آهن. هر وقت مرڪي ملڻ وارو هي مهان انسان صفا سادي طبيعت جو مالڪ آهي. هر آيل کي آدر ڏيندڙ هي ڏوڪرو اڄ به هر سانجهه ويلي هٿ ۾ لٺ کڻي ڏيپلي جي گهٽين ۾ پسار ڪندي، انهن وڻن سان پنهنجون وارتائون اوريندو آهي، جن هيٺ ويهي هن ڪڏهن سُپرين سان گوڏو گڏي ڪچهريون ڪيون هيون. هي هر روز اُنهن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي پنهنجي محبوب ماضيءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ننڍي وڏي هر ڪنهن سان هڪ جيترو پيار ڪندڙ سومجي مل ڏيپلي جي ماٿي تي گُلال جي تلڪ جهڙو وڻندڙ آهي. دعا آهي ته اڃان به گهڻي ڄمار ماڻي ۽ ڏيپلي جي رستن تي رواداري جا ڏيئا ٻاريندو رهي. ڏيپلي کي هن جهڙن ڏيئن جي سُهائيءَ جي گهڻي ضرورت آهي. مُني صدي ڏيپلي جي خدمت ڪندڙ سائين سومجي مل ڌاراڻي اڄ به سماجي ڪمن ۾ رڌل هوندو آهي. هاءِ اسڪول جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ٽرافيون، يونيفارم، چانديءَ جا ميڊل، ڪاپيون ۽ جاميٽريون وغيره ڏيڻ، غريبن کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ هينڊ پمپ ڏيڻ ۽ اسڪول ۾ پنکا لڳرائي ڏيڻ جهڙا نيڪ ڪم انيڪ ڪندي سائين اڄ به سرهائي محسوس ڪندو آهي. پر افسوس جو اسان جو هي مرده پرست سماج جيئري ڪنهن جو قدر ناهي ڪندو. اسان کي گهرجي ته اسين اهڙي ڳڻوان بزرگ جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ کين خراج تحسين پيش ڪيون ۽ ان کي اُهو احساس ڏياريون ته اسين اوهان جي ڪيل پورهئي کي سچي دل سان سويڪار ڪيون ٿا.