تپيدار سروپ سنگهه ڪوٽڙيو
سروپ سنگهه کي ڪيرٽيءَ جي ڪُل ڌڻي خانجي سوڍي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ 21 جنوري 1984ع ۾ تپيدار واري نوڪري وٺي ڏني. شروعات ۾ بئراجي تپن تي ڪجهه عرصو نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ٿر جي باراني تپن تي تمام گهڻو عرصو پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. روينيو کاتي ۾ تمام گهڻي مهارت رکڻ جي ڪري ضلعي جا سمورا اعليٰ آفيسر کيس عزت جي نگاھ سان ڏسندا هُئا. سروپ سنگهه جهڙو ماهر تپيدار ٿرپارڪر ۾ هاڻ نه ملندو. سروپ جو وڇوڙو ٿر ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آھي. جيڪو ڀرجڻ مشڪل بلڪه ناممڪن به آھي. هُو پنهنجي رات وٺي آيو هو. ھڪُ ڏينھن اچانڪ قضا جو قھر ڪڙڪيو، تاريخ 19 آگسٽ 2019ع جو ميرپورخاص مان واپس ورندي نئون ڪوٽ مٺي روڊ تي ڳوٺ سانياسر نھڙي وٽ رات جو يارنهن وڳي روڊ حادثو ٿيو جنهن ۾ هي هنس هميشه لاءِ اُڏامي ويو. پوٽوهار گاڏي هُئي، جيڪا پاٻوهر جي تپيدار ڪانجي چارڻ جي هُئي، ۽ هُن پاڻ ڊرائيونگ پئي ڪئي. سروپ خالي سائيڊ ويٺو هو. سانياسر وٽ روڊ تي مينهون اچي ويون، ڪانجي چارڻ مينهُن کي بچائيندي رانگ سائيڊ گاڏي وٺي ويو جتان تيز رفتار ۾ سامهون ٽرڪ آئي ان سان ٽڪرائجڻ ڪري حادثو پيشُ آيو، ڪانجي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي آغا خان اسپتال ڪراچي نيو ويو ۽ سروپ پڙ تي دم ڌڻي حوالي ڪري ويو.
سروپ سنگهه عمرڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ کرڙو جي آسڪن سوڍن مان 9 ڊسمبر 1984ع تي شادي ڪئي، جنهن مان کيس پنج نياڻين ۽ ست پُٽن جو اولاد آھي. وڏو پُٽ گُلاب سنگهه آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر آھي. ننڍو پُٽ نخت سنگهه وٽرنري کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ آھي. نخت سنگهه سوڍو ڳوٺ آروکيءَ مان تپيدار گمان سنگهه جي گهران پرڻيو آهي، انتهائي سپوت، عقلمند ۽ بردبار آهي. اميد ته نخت سنگهه سندس والد صاحب جون سِڪون لاهيندو. ان کان ننڍا پريم سنگهه، لکجي، وير وڪرم سنگهه، لجپت سنگهه ۽ تيرٿ سنگهه زير تعليم آھن. سروپ سنگهه جي وڇوڙي تي رت روئندي لکيل سندم خط هتي ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو.
مُنهنجا ڀاءُ! ڀرئي وسڪاري ۾ ڌڪ ڪڍي وئين....!
آئون هن وقت ڏيپلي جي ڏاکڻي بازار ۾ ويٺو آھيان، صبح جا ست ٿيا آھن. پکي پرميشور جا گيت ڳائي پنهنجي صبح جي شروعات ڪري رهيا آھن، ننڊ ۾ سُتل ڪنهن آلسُو ٻار وانگي ڏيپلي جي اڌ اک کُلي آھي، ۽ مون فيسبوڪ کوليو آھي. کوليندي ئي فيسبوڪ جي مين وال تي مُنهنجي نظر اُن اڀاڳي پوسٽ تي پيئي آھي جنهن کي پڙھي منهنجا نيڻ پُرنم ٿي ويا آھن. سرير مان ست ڇڏائي ويو آھي. اوڇنگار نڙي ۾ اٽڪي پيئي آھي. پهاڙن کان ڀاري اُها پوسٽ تُنهنجي ڳوٺائي پريم سنگهه مهر جي آھي جنهن لکيو آھي؛
Tapedar sarooop Singh is no more with us.....!
پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي آھي. يقين ئي نه ٿو اچي ته ڪو تُنهنجو ائين ڪُڍالو موت ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته تون انتهائي نرم دل، نيڪ دل، ايشور ڀڳت هُئين. دل مڃي ئي نٿي. دل چئي ٿي ڀڳوان ڪندو اها ڪوڙي خبر هوندي. پريم سنگهه مذاق ڪيو هوندو، پر وري سوچيان ٿو ههڙو مذاق ڪيئن ڪندو...وري وري فيسبوڪ جون پوسٽون تڙ تڪڙ ۾ اُٿلائيندو وڃان ٿو، هڪ، ٻه، ٽي چار ائين الائي ڪيتريون ساڳي نوعيت واريون پوسٽون پڙھي پڪ ٿئي ٿي ته، هنسلا اُڏامي ويا آھن. منهنجي ماسيءَ جي جُهور پوڙھي وجود کي ٻي ڀاري بندوق لڳي چُڪي آھي. منهنجي ڀاڀيءَ جي سينڌُ جي سندُور جي لالائي لهي ويئي آھي. منهنجي درويش دل ڀائٽئي گُلاب جون سموريون بي پرواهيون پيءُ جي موت ۾ لُڙھي ويون آھن. اکيون پوري تصورن ۾ اوڀر ڏي نگاھ ڪيان ٿو ته ائين لڳي ٿو اڄُ آفتاب اُڀرندي ئي لهي چُڪو آھي، ڪوٽڙيا ڍاڻيءَ واري ٽيليفون ٽاور تي ويٺل ڪانگڙي اسر ويلي هڪڙي اُداس ڪُوڪ ڪئي آھي، جنهن کي ٻُڌي ٻارڙن کان چيخون نڪري ويون آھن. ڪُتا اُڀرندڙ سجُ ڏي مُنهن ڪري اونائي رهيا آھن. تُنهنجي لڳرايل آر او پلانٽ تان پاڻي پيئندڙ پکين جي اکين ۾ پاڻي آھي! جهپيئي جي اُفق تي چمڪندڙ قمر جو جوهر جَهڪو ٿي ويو آھي. هولي گرائونڊ جي ڀر ۾ تُنهنجي گهر جا فانوس وساميل آھن، تُنهنجي جهپئي واري گهر ۾ قيامت صغرا وارو قهرام متل آھي، ۽ هتي مُنهنجون اکيون آگميل آھن...! مُنهنجو اکيون جن جا ڳوڙھا به ڪير نٿو اُگهي، سارو شهر بي رحم تماشائي بڻيل آھي، ۽ آئون تُنهنجي موت جي بي مندائتي بارش ۾ ٻُڏي ويو آھيان..
مُنهنجا مٺا ڀاءُ...! راتوڪي رات جَهپيئي وارن ڪيئن ڪَٽي هوندي؟ ڪيئن ڪَٽي هوندي اُن معصوم پُٽ جيڪو اها آس رکي سَنجهي مان سُتو هوندو ته، صبح جو بابا ايندو ته مون لاءِ شيءِ وٺي ايندو. قيامت جهڙي اها ڪاري رات اُن ماءُ ڪيئن ڪَٽي هوندي جيڪا تُنهنجي موت جو ٻُڌڻ کانپوءِ دماغي توازن وڃائي ويٺي آھي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي اها ويرڻ رات اُنهن ڀائرن تي به ڀاري بم وانگي ڪڙڪي هوندي جن جو سڀ ڪجهه توسان وابسته هو. ڪاري رات جو هڪ بجي ڌاري ننڊ سُتل تُنهنجي بي خبر گهر ڀاتين کي ڪنهن ننڊ مان جاڳائي تُنهنجي موت جي خبر ڏني هوندي تڏھن انهن مٿان ڇا گُذريو هوندو! هي هڪ اهڙو درد آھي جيڪو ڪٿڻ کان مٿڀرو آھي. هي هڪ اهڙو درد آھي جنهن ۾ ڪير ڪاتيءَ سان ڪهي پيو. پر ماڻهوءَ جو ساھُ نٿو ٽُٽي...! ڪنهن پکيءَ جا پَر ڪَٽي پوءِ اُڏامڻ لاءِ چئجي هي درد ان ڪيفيت ۾ ڪرٽ وانگي وهي ٿو. هي هڪ اهڙو درد آھي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي مَت ڇڏائجي وڃي ٿي. ڪنهن پياسي مسافر جي وچ رڻ ۾ سانداري ڦاٽي وڃي ائين هن درد تُنهنجي چاهيندڙن کي چيريو آھي...!
اي مُنهنجا مٺا ماسات ڀاءُ...! ائين اچانڪ ڪئين هليو وئين .موڪلائي به نه وئين يار توکي ڏٺي سال ٿي ويو هو. ڪهڙي خبر هيئن اوچتو هليو ويندين اها خبر هُجي ها ته هاسيڪارڻ مٺي اچي توسان ملاقات ڪيان ها. توکي خبر آھي اوچتو موت ڪيتريون حياتيون وڃائي ڇڏي ٿو. ڀايا وڃڻ ۾ ايڏي تڪڙ ڇو ڪيئي...! توکي اڃا ننڍڙي نياڻيءَ جو نياڻڪو بار لاهي، حياتيءَ جو قرار ماڻڻو هو. توکي اڃا لجپت جي مُنهن تي به موڙ ڏسڻا هُئا. توکي ريٽارڊ ٿي ايشور ڀڳتي به ڪرڻي هُئي. پنهنجي اُن پوڙھي ماءُ جو ڪُلهي ڪانڌي ٿيڻو هو جنهن کي اڳي تُنهنجو ڀاءُ وڇوڙي جو وڏو ڏنڀ ڏيئي ويو آھي. اڄ اُن اڀاڳڻ ماءُ کي ويتر وڍي ڇڏيئي. پيارا ائين ڇو ڪيئي!
اي ڪُلوڌر ڪُل رتن ڪوٽڙيا...! تُنهنجي پرلوڪ پَڌارڻ سان ڀلي ڪنهن تي ڪو فرق نه پوي، پر توکان سواءِ تُنهنجا ٻچڙا رُلي ويندا، مڃان ٿو ته پيٽ ڀري ماني انهن کي به ملندي پر پيارا! پيئرڪو ڏڍُ نه ملندو. انهن کي بُک نه ماريندي، پر ماڻهن جا رويا ماري وجهندا، يتيم لفظ انهن معصومن جا وڻ ئي وڄائي ڇڏيندو. انهن جي زندگيءَ شفقت ڀري ڇپر ڇانوَ کان محروم ٿي ويئي آھي.
مڃان ٿو وقت پُڄاڻان تون وسري ويندين، ڪامورن کان، ڪمندارن کان، هارين کان، زميندارن کان، کاتيدارن کان ۽ سمورن يارن کان، پر پيارا! تون لکجي مهر کان ڪئين وسرندين؟ لکجي لاءِ تون ساڄي ٻانهن ھُئين. اڄُ ھُو دانهن ڪري توکي پُڪاري پيو. ڀايا! تون اُن ماءُ کان ڪيئن وسرندين جيڪا اڃان به جيئري آھي. موڀيءَ پُٽ جي موت کان پوءِ جيئري رهندڙ ماءُ کان مٿي هن دنيا ۾ ڀلا ڪير بدنصيب هوندو. ڪاش! تُنهنجي موت جو ٻُڌي تُنهنجي اُن ماءُ جا پراڻ پورا ٿي وڃن ها جيڪا هاڻ جيئرو لاش ٿي پيئي آهي. اُها اڀاڳڻ ماءُ جنهن کي ڪهڻ سان اڄُ رت به نه نڪرندو، اُھا مرڻ کان اڳ ڪيترا ڀيرا مرندي اهو اندازو لڳائينداسين ته مري وينداسين. پيارا! تون سڀنيءَ کان وسري ويندين پر انهن ڀائرن کان ڪڏھن به نه وسرندين جن جون ٻانهون ٽُٽي چُڪيون آھن. آنٻجي ۽ کيمجي کان تون مُئي نه وسرين. ماڻهو ساھُ کڻڻ وساري سگهي ٿو، پر ڀَوَ جا ڀائر ڪڏھن نٿا وسرن. وساري ته توکي تُنهنجو موڀي پُٽ به نه سگهندو جنهن جي ڪچهرين جو موضوع ئي تون هُئين. هر ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ چوندو هو بابا اڄ هيئن چيو هُوئن چيو… الا! منهنجو مولائي ڀائٽيو گُلاب اڄُ پيلو پَن ٿي ويو آھي. هُن جي واتان اڄ بابا جو شٻڌ ٻُڌي اوڇنگار نڪريو وڃي ٿي. مڃون ٿا ته، سڀنيءَ کان وسري ويندين، پر انهن ڌيئرن کان پَل به نه وسرندين جيڪي پيئرڪي پيار لاءِ هاڻ بنان جَل مڇيءَ وانگي ڦٿڪنديون رهنديون. مُنهنجا پيارا ماسات! وسرندين ته مون کان به نه، ڇاڪاڻ ته هن دُنيا ۾ شايد تُون ئي منهنجو ايڏو خيال ڪندڙ ڀائر هُئين جو مون تُنهنجي روبرو ڪڏھن سگريٽ ئي نه پيتو. هاڻي مون کي هدايتون ڪير ڪندو پيارا! مون کي نيڪ صلاحون ڪير ڏيندو. هن منافق دنيا ۾ پنهنجائپ جو احساس ڪير ڏيندو، تون ته مون کي به يتيم ڪري وئين.
مٺا! مون کي سڀاڻي رسمي طور تُنهنجي تڏي تي تعزيت لاءِ وڃڻو آھي. تُنهنجي تعزيت جو اصل تڏو ته منهنجي دل ۾ وڇائجي چُڪو آھي. باقي دنياداريءَ جي حساب سان وڃڻو پوندو ڇاڪاڻ ته آئون به اڃان زنده آھيان. مري ويندڙ کان جيئرا گهڻو ڀوڳيندا آھن. تُنهنجي تڏي تي وڃي تُنهنجي ننڍڙن کي ڪهڙو ڏڍ ڏيان يار! اها دل ڪٿان آڻيان جيڪا چئي ماٺ ڪيو ٻچڙا ”مرتيو آتما جو ڌرم آھي“ گُلاب کي ڀاڪر ۾ پائي ڏڍ ڏيئڻ جيتري مون ۾ سگهه ئي ناهي. کيمجي ۽ آنٻجي کي آٿت ڪهڙن لفظن ۾ ڏيان؟ ڇا ڪيان منهنجا ڀاءُ! آئون اهڙو پٿر ڪٿان آڻيان جيڪا منهنجي مور جهڙي معصوم دل تي رکي تُنهنجي تڏي تي وڃي تعزيت ڪيان...! پر مٺا! هر حال ۾ ويندس…تُنهنجو اڳي ئي مياري آھيان جو مٺي ۾ ايندي ويندي به توسان سال ٿيو ملي نه سگهيس. هاڻ سڀئي ميارون لاهڻ ايندس. اکين جي پلر سان تُنهنجي تڏي کي پويتر ڪندس. پر ها مٺا! منهنجي هڪڙي ميار توتي رهجي ويندي آئون جڏھن مري ويندس تڏھن تون منهنجي تڏي تي تعزيت لاءِ اچي نه سگهندين…
پيارا...! اڄ آئون تُنهنجي تڏي تان تعزيت ڪري موٽيو آھيان. تُنهنجا ٺاهيل ٺاٺ اڄ به اوچي ڳاٽ تنهنجو تعارف ڪرائي رهيا هُئا. سمورو ڳوٺ تُنهنجي تڏي تي موجود هو. درد کي دلين ۾ پاليندڙ ڪيرٽيءَ جا مگهجياڻي سوڍا به موجود ھُئا. منهنجن ڀائٽين جون اکيون ڀنل هُيون. انهن معصومن لاءِ هاڻي چارئي ڏسون سريکيون ٿي ويون آھن. تُنهنجو پيٽ لوڻيون پُٽ چرين وانگي توکي ڳولي رهيو هو. آنٻجي جهڙي قدآور شخص جو ڪنڌُ جُهڪيل هو. ڀائرن جي جوڙ ٽُٽڻ کانپوءِ واهيون بتال ٿي وينديون آھن. اھا اڄُ خبر پيئي... فقير شير محمد بلالاڻيءَ ۽ تيجوير سنگهه سوڍو تُنهنجي تعزيت لاءِ آيل هُئا. سوين ماڻهو روز اچن ٿا، جن کي آدر به ملي ٿو، پر تون ناهين. تو بنان جَهپيو سُڃو ٿي ويو آھي...مُنهنجا ڀاءُ! ڀرئي وسڪاري ۾ ڌڪ ڪڍي وئين...!