نُور احمد جنجهي
ڳوٺ وڪڙيو جنجهي ۾ 30 نومبر 1968ع تي مرحوم غُلام محمد جنجهي جي گهر ۾ پرڀات ويلي ٽڙندڙ ان گل جو نانءُ آهي نُور احمد جنجهي! جنهن جي نالي مان ئي نُور ڇڻي ان وجود جي واسنا ڪنهن گلاب کان گهٽ ناهي هوندي، بلڪه چانپي مروي کان به چڙهت هوندي آهي. اها مهڪ نه رڳو پنهنجا اڱڻ اُجاريندي آهي، پر سموري وطن جا ويڙها به واسي ڇڏيندي آهي. اهڙي ئي مهڪ سائين نُور احمد جنجهيءَ جي علمي ادبي سفر مان پڻ اچي ٿي. جيڪو سفر اندازن اڌي صديءَ تي محيط آهي!
غُلام محمد جنجهيءَ جي ھنج ۾ هٺيلايون ڪندي، وڏي ٿيل نُور احمد ننڍ پڻ ۾ ابتدائي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان پاس ڪئي ۽ ثانوي تعليم جو سرٽيفڪيٽ سٺن نمبرن ۾ هاءِ اسڪول مٺي مان ماڻيو. 1996ع ۾ مادر علمي سنڌ ورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ماسٽر ڪرڻ کان سواءِ مادر عملي سنڌ مان تدريسي تعليم ۾ به ماسٽر واري سند ماڻي. ان کان سواءِ قانون جي بيچلر ڊگري (ايل_ ايل_ بي ) به حاصل ڪئي. تمام گهڻ پڙهيو هي سنڌ جو ليجنڊ ليکڪ 1997ع ۾ تعليم کاتي سنڌ ۾ بطور ليڪچرر ڀرتي ٿو. گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٺيءَ کان وٺي ڪالي موري، عمرڪوٽ، پريت آباد ۽ قاسم آباد تائين مختلف ڪاليجن ۾ پنهنجا فرضِ سچي دل سان سرانجام ڏيندو رهيو. هن علمي ۽ ادبي سفر کي به روان ۽ دوان رکيو. ڪڏهن به ورچي نه ويٺو ڇو ته هن ويڙهيچن سان وچن ڪيو هو .اهڙو وچن جنهن جي قرب جي ڪچاٽ کي محبت جو ميڻ ڏنل آهي، جنهن جو ٽانڪو ڪڏهن به ٽُٽي نٿو سگهي، ڀٽائي چوي ٿو ته؛
الست بربڪُم ، جڏهن ڪن پيوم،
قالوبليٰ قلب سين، تڏهن تتِ چيوم،
تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين،
آدجگاد کان ڪيل انهيءَ وچن کي نڀائيندي نُور احمد نت روز نوان لفظن جا ٽول سنڌي ٻوليءَ جي ٻهگڻ ڪُنوار جي ڪنڌ ۾ پارايا آهن. هن نه رڳو ٻوليءَ کي بيش بها قيمتي لفظن سان مالامال ڪيو آهي، پر ويڙهيچن جي دردن کي دل سان بيان پڻ ڪيو آهي. هن سسئي جيان سور ڀوڳيندڙ ماروئڙن جي ديس مان غربت گهٽائڻ لئه سنڌ جي آفاقي شاعر لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. هن ته وڏي واڪي اهو هوڪو هلايو آهي ته امير ۽ غريب وارو طبقاتي توازن جيستائين ٺيڪ نه رهندو تستائين سنڌ مان غربت ڪڏهن به نه گهٽجندي. ان ڪري اميرن کي غريب سان نفرت بجاءِ محبت ڪرڻي پوندي. ائين جئين ڄام تماچي ڪئي هئي ڪينجهر جي ڪناري تي نُوري گندريءَ سان بقول ڀٽائي رح جي ته؛
ککيءَ هاڻيو کاريون ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ
پاند جني جي پاند سان لڳو ٿئي لڄ
سمون ڄام سهنج اڀو ڪري ان سين،
سائين نور احمد جنجهيءَ جو وڏي ۾ وڏو تعارف تعليمي ماهر سان گڏ ماهر لسانيت به آهي. هو نه رڳو ٻوليءَ تي عبور رکي ٿو، پر ان جي وياڪرڻي معاملن کان به ڀلي ڀت واقف آهي. ٻوليءَ تي عبور رکندڙ هن مهل مون کي ٿر ۾ ٻيو ڪو اهڙو نظر نٿو اچي، جيڪو نُور محمد جنجهيءَ جي ليول جو هجي. مٺيءَ جي ادبي لڏي ۾ منفرد حيثيت جي مالڪ نُور احمد جنجهيءَ جا علمي ادبيءَ ۽ تحقيقي تقريبن 500 کان مٿي ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. نُور احمد فرمانبردار فرزند وارو ڪردار ادا ڪندي سندس پيءُ مرحوم غلام محمد جنجهيءَ جي شاعريءَ کي سيهڙي 2010ع ۾ ”ويجها ٿيا وصال کي“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو آھي. ان کانسواءِ سنڌ جي غيرسرڪاري اداري ٿرديپ ۾ ڪم ڪندي ڳوٺاڻن جي ڀلائي لئه به ڪجهه ڪتاب تصنيف ڪري ڇپرايا آھن. ڊاڪٽر ڪشن مل پنواڻيءَ جو هندي ٻوليءَ ۾ ڇپيل لوڪ ادب تي مشتمل ڪتاب سنڌي ۾ ترجمون ڪري 2008 ع ۾ ”ٿر جا ڳائجندڙ داستان“ جي نالي سان ڇپرايو آھي. سنڌ جي سياحتي سرڳ ”گورک“ بابت معلوماتي ڪتاب کي سنڌي مان انگريزيءَ ۾ اُتاريو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته نور احمد جنجهي نه رڳو تاريخ جي تهه خانن ۾ ڪُوڙ جي ملبي هيٺ دٻجي ويل حقيقتن جي حُور کي ڳوليندڙ ماهر محقق آهي، پر اهو من موهيندڙ مترجم به آهي، جيڪو مختلف ٻولين کي پنهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ جي ڦول مالها ۾ اهڙي نموني پوئي ٿو، جو هر ڪنهن کي آئڙي ٿو. نور احمد جا درجن کان مٿي ڇپيل ڪتاب آهن جن ۾ ٿر جي وڏي تاريخ بيان ڪيل آهي. ثقافتيءَ ۽ حب الوطني سبب دنيا ۾ پنهنجي الڳ حيثيت رکندڙ هن ٿر کي رنگن جي سر زمين سڏيندي هتي جي لوڪ ادب ٻاٻاڻي ٻولي ثقافتي سمري ۽ ”چندن گڊ چاووڪ ڪريو“جهڙا بي ملهه ڪتاب لکي ٿرين جي ٿر تي ٿر جيڏو ٿورو ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب اڻ ڇپيل آهي. اسان کي ان جي ڇپجڻ جو اوسيئڙو رهندو. ڇپيل ڪتابن ۾ ”اڃ سين اڃ ٿيار“ جهڙي لطيفيات تي لکيل لازوال ڪتاب کانسواءِ ”پڙهيو ٿا پڙهن“ جهڙي تدريسي تعليم بابت لکيل ڪتاب به شامل آهي .ان کان سواءِ ٻه اهم ڪتاب ” ساچي جگ راچي نهين “ ۽ ”جبل مٿي باهڙي“ تنقيد تي ٻڌل آهن. جيڪي مارڪيٽ ۾ آيا تڏهن ادبي ڀنڀور ۾ چڱي خاصي باھ ڏيندا. ڇاڪاڻ ته نور احمد جنجهيءَ جو هڪڙو تعارف نقاد وارو به آهي. اهڙو نقاد جيڪو اديبن جي تخليق تي رڳو ساراھ جون سرڪيون نه ٿو ڀري، پر طنزو مزاح جا تير هڻي، انهن جي علمي آبياري به ڪري ٿو. جيڪو تمام ساراھ جوڳو عمل آهي. ان کان علاوه ڪجهه رسالن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو هو. جهڙوڪ مٺي جاڳرتا ۽ لوئي وغيره. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ڇپرايل سنڌي لغات ۽ انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ به شامل رهڻ سان گڏ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تيار ڪيل انگريزي لغات ۾ حصو وٺڻ تائين هر ڪم ۾ اڳڀرو رهيو. ٿرپارڪر جو پهرين ضلعي ايڊمنسٽريٽو هئڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ سان گڏ وفاقي ادبي اداري اڪادمي ادبيات جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي. ايترا سارا عهدا ۽ اعزاز ماڻڻ باوجود هن ڪڏهن به فر مان پاڻ پڏائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. نوڙت، نهٺائيءَ ۽ رحم دلي هن جي رت ۾ شامل آهي.
غلام محمد جنجهي فائونڊيشن پاران درس لطيف جي عنوان هيٺ پروگرام ڪرائي، لطيف جي پيغام کي ٿر ۾ عام ڪرڻ سان گڏ شيخ اياز جي فن ۽ فڪر کي ڦهلائڻ ۾ به هن وسان ناهي گھٽايو. ڀٽائي جي بيتن مان ”وحد الوجود“ وارو درس ماڻي، ڪبير جي ڪويتائن ۾ لکيل ”الک ايڪ هي“ وارو فلسفو سمجھائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، نور احمد سچل جي ”مان جوئي آهيان سوئي آهيان“ واري آفاقي نظريي تي خوب لکيو آهي. ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو بهترين ڪمپيئر هئڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ هي خوبصورت ليکڪ، روم جي رهواسي مولانا جلال الدين روميءَ جو عاشق آهي، روميءَ جي روم روم مان سوم رس جي سڳنڌ بڻجي نڪتل شاعريءَ ۾ روحاني راز ڳولي ٿو. روميءَ جي ڏات ۽ ذات تي هن وس کان وڌيڪ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
لطيفيات تي ترقياتي اقتصاديات جي روشنيءَ ۾ جديد دنيا ۾ لطيف جي فڪرکي اجاڳر ڪرڻ ۽ سنڌي نوجوان ۾ ان بابت جاڳرتا ۽ شعور بابت سندس ليڪچر سيريز به املهه علمي ڪم آهي. سنڌي سماج جي تحرڪ ۽ ان ۾ نوجوانن جي ڪردار ۽ ڳوٺن جي ماڻهن ۽ مسئلن بابت سندس لکڻيون ڪارائتيون آهن. لغات نويسي جي ميدان ۾ آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس پاران تيار ڪيل ٻه ٻوليائي لغاتن کانسواءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران تيار ٿيندڙ مفصل سنڌي لغات بورڊ جي ميمبر طور سندس ڪم ساراهڻ جهڙو آهي ته سندس اڻ ڇپيل لغات ”ٿرٻول ڀنڊار“ ٿر جي اصطلاحن جي املهه ميڙاچونڊي آهي. تصوف تي ڪبير، شاه لطيف، شاه ڪريم ، ميران ٻائي، رومي، غلام محمد جنجهي، اعجاز سائين، خليفي نبي بخش لغاريءَ جي شاعري جي روشنيءَ ۾ ڪيل ڪم به پڙهڻ وٽان آهي. سنڌي، اردو، انگريزي، عربي، فارسي، ڍاٽڪي، هندي ٻوليون ڄاڻندڙ هن ليکڪ ترجمي جي ميدان ۾ ڪشني ڦلواڻي جي ڪتاب ”راجستان جا ڳائجندڙ داستان“ جو هندي ديوناگري لپيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي . سنڌيءَ مان انگريزي ۾ ڪيل سندس ترجمن ۾ ”گورک“ ۽ ” وائس آف ساليٽيوڊ “ آهن. انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڇهه کن ترقيءَ بابت دستي ڪتاب ترجمو ٿيل آهن .”پلر پاڻي گڏ ڪرڻ جي اهميت ۽ ان جي گڏ ڪرڻ جا طريقا“ ۽ ”ٻالجتيءَ جون شاديون ۽ انهن جا اثر“ نالي سان ٻه بهترين دستي ڪتاب به سندس محنت جو نتيجو آهن. مئگزين ”جاڳرتا“، ”مٺي“ ۽ ”لوئي “ جو ايڊيٽرپڻ رهيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان وٺي اڄ تائين هن اورچ ليکڪ ”ساڌ ڪهاوڻ ڪٺن هي“، ”ٿر کي ڀانيون ٿوڪ“، ”ڪارونجهر تي باهڙي“، ”سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي“ ، ”وڍيل ٿي وايون ڪري “ ، ”وڄي ٿو وجود ۾“ ۽ ”ڀنيءَ منجهه ڀٽون“ ، ”ڏور تئائين ڏس (لطيف شناسي )“ ۽ ”اڍائي اکر عشق جا (ڪبير شناسي)“ ، ”ڪارونجهر تي باهڙي“، ”واريءَ تي وس“ ، ”جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين“، ”سامين سفر کٽيو“ جهڙا ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنا آهن. گذريل ڪجهه سالن کان وٺي هن پنهنجي سالگرهه تي ٻه ڪتاب چپائي پڌرا ڪرڻ ۽ نئين سال جي آجيان اياز شناسيءَ بابت ڪتاب لکي ڇپائڻ جي روايت شروع ڪئي آهي . ٿرجي هن گهڻ رُخي ليکڪ 100 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ پنهنجا مقالا پيش ڪيا آهن.
نور احمد جنجهيءَ جي لاجواب لکتن ۾ لوڪ ڏاهپ سان ڀرپور ڪي گيان گفتا به آهن ته شاعراڻي سڀاءَ سان سرشار حرفي تجنيس وارو حس به آهي، ثقافتي سونهن تي ٻڌل ٿر جا ٿاڪ به آهن ته تهذيب جي اعليٰ تاريخ جي تبسم به آهي. گوڇارن ۾ ٽڙيل ڳاڱين جهڙا مٺڙا مٺڙا لفظ به آهن ته ڪئلاش پربت کان ڪهي ايندڙ سنڌو جهڙي روانيءَ ۽ رڌم به آهي. هن جي ناگر ويل جهڙي نثر ۾ کٿوريءَ جي خوشبو به آهي، ته لال مرچي جهڙو رنگ به آهي، ان رنگ ۾ ٿر مور جو تاج به آهي، ته تاڙي جي تونس به آهي، ڏڪار جا ڏک به آهن، ته سُڪار جا سک به آهن، مجموعي طور چئجي ته نور احمد جنجهي ٿر جو بلڪه سموري سنڌ جو مڃيل ليکڪ آهي ...