صفدر پنهور
هُن جون سُونهن شناس اکيون جڏهن خمارن جي کيپ ۾ ٻُڏي وينديون آھن، تڏھن هُن کي نه رڳو حُسن وڻندو آھي، پر هُو شاعريءَ جي سمندر ۾ به ترندو آھي، ۽ سنهڙا اڇا سگريٽ پيئندي هُن جي دل تي ڪيئي شعر تري ايندا آھن. هُو شاعري ٻُڌڻ جو بنهه گهڻو شوقين آھي. مشاعرن ۾ وڃڻ به سندس بهترين مشغلو آھي. هُو نه رڳو پرھ جو پياڪُ آھي، پر هُو سنڌُوءَ جي مٺي جل جو به متوالو آھي. هُو سنڌُ جو عاشقُ آھي، سنڌي ماڻھن جو عاشقُ آھي، سنڌي شاعريءَ جو عاشقُ آھي، هُو ڀٽائيءَ جو پاٺڪ آھي، هُو اياز شناسي به ڄاڻي ٿو ته، آريسر جي نثر کان وٺي امرتا پريتم تائين سڀني کي پڙھي ٿو.
ھُو هڪڙو اهڙو بي پرواھ بادشاھ آھي، جنهن کي ڪنهن جي به پرواھ ناھي، هُن کي پرواھ آھي ته صرف پنهنجي ماءُ جي جنهن کيس نو مهينا پيٽ ۾ پالي هن جهان ۾ جنم ڏنو، هن کي پرواھ آھي ته اُنهن وڻن ۽ هوائن جي جيڪي هن کي انبن جي ديس ۾ آڪسيجن ڏين ٿا. هن کي پرواھ آھي سنڌُوءَ جي شيتل جَل جي جنهن کي پِي هُو هينگ اوور اُتاري ٿو. هُن کي ڪنهن به عُقاب جو اُلڪو ناهي، پر اُن پکيءَ جي پرواھ ضرور آھي، جيڪو علي الصبح جو اُٿندي مٺي لات لنوي ٿو. هُن کي پراوھ آھي ته، اُن قوم پرست شاعر جي جيڪو تخلص مَٽائڻ سان گڏ نه رڳو ملڪ پرست بڻجي ويو آھي، پر شاعريءَ کي خيرآباد چئي رياضيدان به ٿي ويو آھي. گوگل وارو گول ته مالڪ ڄاڻي پورو ٿيندو يا نه پر رنگ جام مٽايا اٿس.
هُو جيڪو ڪڙئي گهنور جي ڪوڏيلي مصطفيٰ اياز مهيري سان گڏ نيري نديءَ ۾ ترندي، لاڙ جي سُڳداسي چانورن جي خوشبوءَ جهڙيون سنڌُ جي خوابن جون ڳالهيون ڪري ٿو. مهريءَ جا گُلئي ساحليءَ ۽ نندائي يار وارا من موهيندڙ مذاق ٻُڌندي ٻُڌندي اچانڪ اکين مان آب هاري وطن واسين جي پيڙائن ۾ پڄري ٿو. هُو ديس واسين جي درد ۾ ڪڙي جا ڪوزا ڀري پيئي ٿو. هُو ڪڏھن مهريءَ سان گڏ سنڌ جي سورن ۾ مري ٿو ته، ڪڏھن ڪانگل خط کڻي وڃ واري حفيظ ڪنڀر سان حال اوريندي ”موسو ماڇي“ بڻجيو وڃي ٿو.
هُو جيڪو اڌ قلندر ڇوڪري جي ڪُل قلندر شاعريءَ جو نه رڳو قدردان آھي، پر اُن شاعريءَ جي سِٽ سِٽ جو عاشقُ پڻ آھي. هُو جيڪو وطن جي دڳن کي ”درسي ڪتاب“ وانگي پڙھي ٿو. هُو جيڪو ٻوليءَ جي ٻاون وير ميان گُل محمد ڪلهوڙي، نثر جي نشانبر ليکڪ نثار بلوچ، جلال جان، ڀڳت هالار لغاري، نارُو ڀيل، ۽ ڀٽائيءَ جي پارکُو عطا چانهيو وارن جي چوياريءَ ۾ چنڊُ وانگي چمڪي ٿو. هُو انهي چندن چوڪڙيءَ ۾ اڪبر بادشاھ واري حيثيت رکي ٿو. توڙي جو هن وٽ بيربل جهڙو وزير ناهي، پر هن جي مئخاني جو ساقي بيربل ئي آھي. اُھو بيربل به توڙي جو ڪُل عقُل ناهي، پر گهڻن کان گهٽ به ناهي. هُن جي هٿ جو جام پيئندي ماڻهو انگوري ول ٿيو پوي. هو هڪڙو اهڙو بي ڊپو ڪردار آھي، جنهن کي ڪنهن جو به ڊپ ناهي. هُو نواب کي به مُنهن تي تڙو کڙو سچ چئي ڏيڻ وارو کرو ماڻهو آھي. هُن نه ڪڏھن ڪنهن جعلي ڪامريڊ وانگي ڪنهن اڻڏٺل مسئلي تي اوور ري ايڪٽ ڪيو آھي، نه ئي ٻئي جي مسئلي ۾ ڪڏھن ڪا ٽنگ اڙائي اٿس. هُن هر مسئلي تي سنجيدگيءَ سان سوچيو آھي. هُن نه ڪڏھن هندئن سان گهڻي همدرديءَ جو اجايو ڍونگ ڪيو آھي. ۽ نه ئي وري ڪڏھن مسلمانن سان بي انتها محبت جو بانور ڪرايو آھي. هُو هڪ اهڙو صوفياڻو توازن برقرار رکيو اچي جنهن کي هر ڪو دل سان قبول ڪري ٿو. هُو رحيم سان گڏ کائي ٿو، ته رام کي به ساڳي پيالي مان پياري ٿو. هُو هر متڀيد کان مٿانهون ماڻهو آھي. جيڪا هُن جي دل چئي ٿو، هُو ڪري ٿو. هُو ڪو به فعل ڪرڻ وقت ائين نه ٿو سوچي ته ماڻهو ڇا چوندا...! ڇاڪاڻ ته هُو بي پرواھ بادشاھ آھي. هُو سرعام شراب به پيئي ٿو ته، جيڪو دل تي آيو اهو عالمي اوطاق تي لکي ڇڏي ٿو. انبن جي ننگري ميرپورخاص ۾ رهندڙ ان بادشاھ جو اسم گرامي آھي صفدر ۽ سندس ذات پنهور آھي. سدائين اکين تي عينڪ ۽ مُنهن تي هلڪي مُرڪ هن جي شاندار سُڃاڻپ آھي. پيشي جي لحاظ سان ٽرانسپورٽر آهي، ۽ ان سان گڏ سندس بئراجي زمين به روزگار جو وسيلو آھي. کپري واري روڊ تي سندس دڪان آھي ۽ ڀر ۾ ئي مئخانو آھي. جتي هر روز ڪو نه ڪو شاعر، اديب، سگهڙ، ۽ راڳي هن وٽ مهمان هوندو آھي. شاعرن سان ته صفدر جون هُئين ٻٽيهه دليون آھن، پر هُو هر ماڻهوءَ جو آدر ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن وقت اڌ سنڌُ جا شاعر هن بي پرواھ بادشاھ جي نه رڳو فقيراڻي فقر جا پوئلڳ آھن، پر کيس اُستاد جي درجي سان نمي پرڻام به ڪندا آھن.
هُن جو مزاج جتي ڏونگر جهڙو ڏاڍو آھي، اُتي ڪپهه جهڙو ڪونئرو به آھي. هُو جيڪو وقت جي ڪنهن به جابر اڳيان جُهڪي نه ٿو، پر ديس جي هر مظلوم جي درد ۾ جُهوناڳڙھ وانگي جُهري پوي ٿو. هُو جهري پوي ٿو تڏھن جڏھن ڏسي ٿو ته، ڪو ٿر جو معصوم ٻار پيٽ جي باھ وسائڻ لاءِ هڪ اهڙو ڪرتب ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ اُن جو ساھ مُنجهڻ ڪري، نڙيءَ جون نبضون ڦُوڪڻي وانگي ڀرجي وڃن ٿيون. اهڙو هانءُ ڏاريندڙ منظر ڏسي هُو دانهن ڪري چوي ٿو بقولِ مهر ڊبائي ته؛
ساھُ هڪ هڪ جي قيمت ڀري آ
زندگيءَ آهي يا مشڪري آ