شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

محبُوب درس

هُو جيڪو ڪويتا راڻيءَ جي قرب ۾ قابو ٿيل اهڙو ڪلاونت آھي جنهن جي ڪلا جي جلا ۾ لاڙي لهجي ۾ لُبالُب ڪوتا ڪنهن ٿريچي لاڏيءَ جي لاڏ کان به وڌ لُڀائي ٿي. ھُو جيڪو لاڙ جي لينڊ اسڪيپ تان لهندڙ سورج جي رتاڻ کي ڏسي سورج مُکي جي گُلن جهڙي شاعري سرجي ٿو. اھڙي شاعري جنهن کي پڙھي ماڻھون جي وجود ۾ وطن جي ياد جون ويرون سنڌو جي سير جيان اُٿليو پون. اهڙي شاعري جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ سانولي جي سار جون پچارون گُلن جي مالها جيئن پويل آھن. اهڙي ڪويتا جنهن کي ڪنٺ سان ڳائجي ته روح کي راحت اچيو وڃي. هُو جيڪو پيرار جي پٽن تي ويهي پوپٽن جي اُڏار جهڙا البيلا شعر سرجي مهاڻي ٻار وانگي مُرڪي ٿو. هُو جيڪو گهوڙا ٻاريءَ جي گسن تان گُذرندي قلم جي ڪُميت کي شاعري جي سرزمين ۾ سراڙا ڪرائيندي دراوڙ دوشيزائن جي ڪُنڍن نڪن ۾ پيل نٿ ڦُلين جهڙا نظم تخليق ڪري ٿو. هُو لکي ٿو ڦُٽين جي سفيد ٻُڙن کي چونڊيدڙ ڳاڙھن هٿن جي هوشربا حُسن تي،ء هُو لکي ٿو ٺٽي جي ريشمي سونهن تي،ءهُو لکي ٿو مڪلي جي ماٺ تي ۽ ھُو لکي ٿو ڄامشوري جي جلواه افروز نگري ۾ نرت ڪندڙ جوالا مُکين جي موهي ماريندڙ سُندرتا تي.

وفائون ڄام شوري ۾ صدائون ڄام شوري ۾،
اوهان لاءِ رليون آھن پڇائون ڄام شوري ۾ ،
صنم جو شهر جنت آ، ٺرن ٿا نار نيڻن جا،
نہ ڪر غلطي سان گُلڙن جون گلائون ڄامشوري ۾،

هُن لکيو آھي لاڙ جي ليار پيروئن تي. هن لکيو آھي مندن جي مستي تي. هن لکيو آھي ڪينجهر جي جل ۾ ترندڙ دلڪش جسمن جي جل ٿل جوڀن ۾ جوار ڀاٽا جيئن ڇُلڪندڙ ڇاتين جي ڇولين تي. هُن لکيو آھي جوان کٿورين جي ڪنواري خوشبوءَ ۾ ڳهريل اباڻي ڳوٺ جي گُل لالا جهڙين گهٽين تي. هن لکيو آھي پيرا جي پٽن تي سنڌ جي سُرهاڻ جا نغما ڳائيندڙ ناز بوءَ ۽ هُرٻي جي هُٻڪار تي. هُن لکيو آھي جهمپير جي جهوني تاڙيءَ جي خمارن تي. هُن لکيو آھي ڪڙين جي ڪپن تي ڪنهن قداور وينگس جيان بيٺل بيد مشڪن جي ڊگهين لامن تي ڪوڪيندڙ ڪويلن تي. هن لکيو آھي وطن جي وڻن ٽڻن تي. هُن لکيو آھي محبوب جي هٿان تُحفن ۾ مليل چيچ جي ڇلن ۽ ريشمي رومالن ۾ ويڙھيل سونف ۽ جينور ٽڪين واري ديسي رومانس جي هر رنگ تي ها هن لکيو آھي جند جهڙي سنڌ تي.
هُو ان جُوءَ جو جوان شاعر آھي جنهن ڀوميءَ جي ڀاڳ ۾ حَسن درس جهڙو حسين شاعر لکيل هو. اهو حسن درس جنهن ناريل جي ننگن وڻن کي نظمن جي مالها ۾ پوئي سنڌي شاعريءَ جي ڪونج ڳچي ۾ ڪٺمال ڪري پارايو آھي. اهو حسن درس جنهن سمندر بدنيءَ عورتن جي هر انداز کي پنهنجي منفرد اسلوب واري ڪوتا ۾ رچي امرتا بخشي آھي. هُو ان ڌنوان ڌرتيءَ جو دلبند فرزند ارجمند آھي جنهن ڌرتيءَ رسول بخش درس جهڙو رتن هن وطن جي وراثت ۾ سونپيو آھي. اهو درس جنهن لئه امر ساهڙ جهڙي سٻاجهڙي ڪوي چيو آھي ته:
سارو ڏيهه سُڃاڻي توکي
تانگھ وطن جي تاڻي توکي
محبت ويئي ماڻي توکي
موت ڪندو ڇا هاڻي توکي
مئي 1975ع ۾ ڳوٺ حاجي سليمان درس درگاه پير پٺو پيرار جو پٽ تعلقو گهوڙاٻاري جي مسڪين پورهيت هاري محمد فقير درس جي اڀري اجهي ۾ اسر ويل ٽڙيل هن ڪنول جي گُل جو اصل اسم گرامي هو احمد درس...پر ادبي دنيا ۾ پير پائڻ کان پوءِ هُو محبوب بڻجي ويو. محبوب جنهن جو لفظ اُچارڻ سان ماڻهون جي روح ۾ مٺاس اوتجيو وڃي. هي محبوب بڻيو انهن مسڪين ماروئڙن لئه جن لئه هُو لاڙُو راتين جو ڀري ننڊ مان ڇرڪ ڀري شاعري لکندو آھي. هُن پنهنجي محبوبا کان مٿي ماروئڙن جي ڏُکن، ديس جي دانهن ۽ دردن تي شاعري ڪئي آھي. چوٿين درجي ۾ پڙھڻ واري دؤر کان شاعري جي شروعات ڪندڙ محبوب اڄ ڏينهن تائين شاعري سان ناتو نڀائيندو اچي. اڄ سموري سنڌ هن کي محبوب درس جي نالي سان سُڃاڻي ٿي. اُھو محبوب درس جيڪو نه رڳو نالي جو محبوب آھي پر مزاجن به محبوبيت سان سرشار آھي. انتهائي حساس دل جو مالڪ آھي. پرائي ڏُک ۾ تڙپي اُٿندڙ هي دلبر ماڻهون ماڻهپي جو مڪمل تعارف آھي. احساس جو جيئرو جاڳندو ڏيک آھي.
هُو جيڪو ويراڳي وڇوڙي جو وڍيل وجود آھي. هُن جي فراخ دل فراق جي ڦٽن ۾ ائين ڦٿڪيءَ آھي جيئن ٿر ٻاٻھيا ويساک ۾ ولکندا آھن. ھُو جنهن جون هٿ ڪرايون راکين کان محروم بڻجي ويون. هن لوڀي دنيا ۾ بي لوث محبت جو باب هن لئه بند ٿي ويو تڏھن جڏھن سندس نوجوان ڀيڻ جون ساحر اکيون هميشه لئه سُمهي پيون. ڀيڻ جهڙي ڀلوڙ رشتي جي ناگهاني حادثي هن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو پر پوءِ به هن همٿ نه هاري ۽ تڪليفن واري تپ کي دُور ڪرڻ لئه دردن کي دوا ڪري پيئندو رهيو. هُو مري به جيئندو رهيو. هُن کي ڪهڙي ڪل ته زندگيءَ جي رياضي ۾ رب اڃان به ڪو آزمائش جو آلجبرا جهڙو امتحان وٺندو. سندس محبوب ونيءَ جي وڇوڙي هن جي حياتيءَ جو هماليه ئي لوڏي ڇڏيو. دردن جو پئمانو لبريز ٿي ويو. نيڻن جو ڪجلاسر ناگهاني سورن جي نير ۾ ڇُلڪي پيو. هن مرد مجاهد هيڏي وڏي حادثي کي به ڀاون وٽان مليل ڀاويءَ جو ڀاڳ سمجهي ڀوڳي ڇڏيو. وري به ٿڪل ٽُٽل وجود کي سميٽي جيئڻ جي نئين سري سان جستجو ۾ لڳي ويو. حياتيءَ جي حادثن کي شاعريءَ ۾ سهيڙي ڪجھ سڪون محسوس ڪرڻ لڳو، پر قسمت وري به قهر ڪري ويئي. مقدر وڏي ملهه ڪري ويو. دردن دوستيءَ نه ڇڏي. سندس موڀي ڀاءُ دل جي عارضي ۾ اوچتو الوداع ڪري هن الستي وجود جا وڻ ئي وڄائي ويو. ڀاءُ جي تعزيت جي تڏي تي ويهڻ به هن جي اخترسوخته اکين جو مقدر بڻيو. تڪليفن جا ايڏا طور سينه سر ڪندي به هي سنڌ جو سورج سريکو شاعر ڪٿي به مايوس نه ٿيو. هي اهو ڏيئو آھي جيڪو ڪنهن به طوفان ۾ اُجهامي نه ٿو سگهي. هن جي وجود جي وٽ سهپ جي اهڙي ڌاڳي مان اُڻيل آھي جو هن کي ڪنهن به حادثي جي هوا جهڪائي نه ٿي سگهي.
محبوب درس جي دلربا شاعري تي ڪو شاعريءَ جو ماهر ئي ڳالهائي سگهي ٿو. آئون ته ايترو شاعريءَ مان ڄاڻان ئي ڪون پر منهنجي علم مطابق هن جي شاعري ڪمال جي آھي. محبوب جي ڪويتا ۾ لاڙ جو ذڪر تمام بهترين آھي. هن لاڙ جي لاڏلي سونهن کي لاجواب انداز سان بيان ڪيو آھي. هڪڙي طويل غزل جو بند آھي.

تون احمد ملاح جو غزل ٿي لڳين
سدا تنهنجا رهندا اثر لاڙ ۾

ڪيڏي نه خوبصورت تشبيه آھي.! احمد ملاح جو غزل ۽ ان جو لاڙ تي اثر..ان ئي غزل جو ٻيو بند آھي.
تون ڍورن ڍنڍن جي حسن جو ھڳاء.
پکين جا لهن جيئن ولر لاڙ ۾ ،

هڪڙي ٻي هند هڪ نڪور نظم ۾ ڪنهن ٿاريليءَ محبوبا جو پنهنجي لاڙي عاشق سان مخاطب ٿيندي بيان ڪيو آھي. جنهن ۾ لاڙ جي چپن تي ڳيا جو سرهاڻ ڳائڻ، هوا جي پينگهي ۾ مينديءَ جون تاڙيون وڄائڻ واقعي ڪمال جي ڪاريگري آھي.

ٻڌو ٿم لاڙ جي لب تي ،
ڳيا سرهاڻ ڳائي پئي ،
هوائن جي هندوري ۾ ،
حناءَ تاڙيون وڄائي پئي ،
کٿوري جهڙي سا کينچل ،
مندون ڄاڻن ۽ تون ڄاڻين ،
اسان جو آ اچڻ مشڪل ،
مندون ڄاڻن ۽ تون ڄاڻين

ان کان سواءِ سچي آ ڳالهه شاعر جي به هن جو لاجواب نظم آھي جنهن ۾ محبوب کي اها ميار ڏنل آھي ته اڄ اسان جو قدر نه ٿو ڪرين پر ڪڏھن تون اسان کي ياد ڪندين. سُڏڪا ڀري پڇتائيندين.
اسان جي شوق شھرت جو،
قصو بلڪل الڳ آھي،
دنياداريءَ ۽ دولت جو ،
قصو بلڪل الڳ آھي ،
فراقن جو ۽ فرحت جو ،
قصو بلڪل الڳ آھي ،
چريا هن چنڊ چاهت جو ،
قصو بلڪل الڳ آھي ،
ڪٿا بنجي ڪتابن جا
ورق ماضي ورائيندو ،
تڏهن سڏڪي سڏي چوندين ،
سچي آ ڳالهه شاعر جي .
محبوب جي شاعري ملڪ جي مڙني فنڪارن ڳائي آھي. شاعري سنڌ جي سڀني رسالن، اخبارن ۾ ڇپيل آھي. نجي چئنلن ۽ ريڊيو تي به ڳائي وئي آھي.
صنم ماروي، الهڏنو جوڻيجو، الهڏنو خاصخيلي، فوزيا سومرو، ثريا سومرو، انور وسطڙو، ثمينا ڪنول، حميرا چنا ديبا سحر ديبا ڪنول، استاد سوڍي جوڳي ۽ ٻين راڳين هن جا گيت رڪارڊ ڪيا آھن. انهن گيتن جون اڪثر ڌنون به هن پاڻ ٺاهيون آھن.
شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”مرڪ جو تحفو“ مارڪيٽ ۾ اچي چُڪو آھي. ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل جن ۾ ”ديس جي دل ۾“شاعريءَ ۽ دوستن سماجي ادبي علمي شخصيتن جي تصويرن تي لکيل ڪتاب ”آئينا عڪس“ . هڪ طويل مقالو ڪتاب جي صورت ۾ ”ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سازن جو ذڪر “ لکيل آھي. پنجن ڀائرن مان ٽيون نمبر ڀاءُ آھي. بي اي تائين پڙھيو آھي. هن وقت سنڌ پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ”ASI“ آھي. هڪ ئي گهر ۾ ٽي شاعر آھن. ننڍو ڀاء مجاهد درس، ڀائيٽيو عنايت درس جيڪو هن جو شاگرد به آھي. اهو به شاعر آھي. تارخ جا ڪتاب ۽ شاعري شوق سان پڙھندو آھي. تاريخي ماڳ گهمڻ به هن جو وڏو شوق ۽ ذوق آھي.
پيشي جي لحاظ سان پوليس جهڙي پويتر خاطي سان وابسته هوندي به هي کير جهڙو کرو ۽ نج گيھ جهڙو سچو ماڻھو آھي. سُوم رس ۽ سُونهن سان عشق جي حد تائين محبت ڪندڙ اسان جو هي محبوب شاعر صفا الفقرا طبيعت جو مالڪ آھي. پنهنجي شاعر پاڻ به ڳائيندو آھي.ءسندس آواز به ٺاهوڪو آھي. پنهنجي پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ به اڌ پاڻ ئي ڪندو آھي. دوستن تي جان نڇاور ڪندو آھي. منهنجي هن سان ملاقات ساڻس ملهايل هڪ شام ۾ مڪلي پريس ڪلب ۾ ٿي هُئي. جتي مون هن تي لکيل پروفائيل پڙھيو هو. اُن شام ۾ هن کي جيڪي اجرڪون ۽ تحفه مليا تن کي ڏسي يقينن دل ۾ اها پڪ ٿي ته واقعي جهڙو ٻُڌوسين تهڙو ڏٺوسين. دوست هن سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا. ان پروگرام ۾ هن جي شاعري تي سائين تاج جويي، احمد سولنگي ۽ اڪبر دلواڻي صاحب تمام بهترين ڳالهايو هو. اسان جي دعا آھي ته گُلابي چُمي جهڙي هن محبوب شاعر جي مُرڪ ڪڏھن به ميري نه ٿئي ۽ ھُو سدائين سنڌ کي ”مُرڪ جو تحفو“ ارپيندو رهي.