شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ڊاڪٽر حاجي شفيع ميمڻ

هُو جيڪو هاڻي عمر جي اُن ڏاڪي تي پهتو آهي، جتي پُهچي ماڻهو ٻار ٿي پوندو آهي. ٻارن وانگي آڙا ڪندو آهي ۽ لڙ کڙائيندي هلندو آهي، جتي وار ٻگلي جي پرن جهڙا اڇا ٿي ويندا آهن، ماڻهو ان وهيءَ ۾ ڪَل تان ٿڙي ۽ بي مقصد چڙي ويندو آهي ۽ گاريون گُڻ سمجهي ڏيندو آهي. ”اسي مت کسي “ واري ان ورچندڙ وهيءَ ۾ هوندي به هُو چست، چالاڪ ۽ اڻورچ نظر اچي ٿو. هُو نه ٻار ٿيو آهي ۽ نه ئي ٻڍاپي جو ڪو روپ لڳي ٿو. هُو ته فقط ماڻهو لڳي ٿو. اهڙو ماڻهو، جنهن کي ڏسي اکيون ٺريو وڃن، جنهن سان ڪچهري ڪندي ماڻهوءَ جا ٿڪ لهيو وڃن. هُو ماڻهپي سان ڀريل اهڙو مهان انسان آهي جنهن جا گڻ ڌرتيءَ جا وڻ به ڳائيندا وتن. هُو مذهبي متڀيد کان مٿاهون ماڻهو آهي. هن لاءِ صوفي ازم واري سنڌ ئي سڀ ڪجهه آهي. هُو جيڪو پنج وقت نيڪ نمازي آھي. هُو مسجد مان نڪري پڇمائي جي مندر جي پوڄارڻ رامان ٻائي کي نمي نمسڪار ڪندو هو. هُو جيڪو رامان ٻائي جي رحلت تي جهونا ڳڙھ وانگي جُهري پيو هو. ڏيپلي جي ڏيهه ڌڻي، ڊاڪٽر حاميد علي ميمڻ جي گهر ۾31 آڪٽوبر 1941ع تي ڏيپلي شهر ۾ جنم وٺندڙ حاجي شفيع محمد ميمڻ شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ به ڏيپلي ۾ ئي گورنمينٽ جابر بن حيان هاءِ اسڪول مان1959ع ۾ پاس ڪئي. سن 1967ع تي سنڌ جي تعليمي ۽ تدريسي مرڪز، ڄامشوري جي مشهور ميڊيڪل ڪاليج، لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان M.BB.S جو امتحان پاس ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. هُو جيڪو اڄ به هر روز نما شام ويلي سوين ماڻهن جي هٿن جون ريکائون نهاري انهن جا مفت ۾ علاج ڪري ٿو، پر هن جي هٿن ۾ مالڪ ڪا اهڙي ريک نه رکي آهي، جيڪا کيس مٽيءَ جي سير ملڻ جو ڪو اهڃاڻ ڪو آسرو هجي ها. آس نراس واري ٽياس تي ٽنگيل هن جا هيڻا هڏ اڃا تائين ڪمزور ناهن ٿيا ۽ نه ئي وري هُو ڪنهن مايوسيءَ ۾ مبتلا آهي. اولاد جي اڻهوند جي باوجود هو هر ويل مرڪندو ۽ ٽهڪندو پيو آهي.
هو پنهنجي پيءَ جي نالي ٺهيل حاميد پارڪ ۾ ويهي اڄ به ڌڻي در اها ئي دعا گهري ٿو ته ”اي ڏيھن جا ڏاتار! اسان جي ڏيپلي کي جڳا جڳ جئيرو رکجان“ هُو پنهنجي نصيب تي نُوحا ڳائڻ بدران ڏيپلي جي جهوني بازار ”پولن“ ۾ موجود پنهجي پڪي گهر جي اڳيان اڌ جهريل ڪوٺڙي ۾ ڪلينڪ لڳائي هر روز 2 بجي کان وٺي رات جو 11 وڳي تائين مسلسل مريضن جو مُفت ۾ معائنو ڪندو آهي. هن عمر ۾ ڀلا ڪير ائين ڪري سگهي ٿو. اُهو به بنان ڪنهن لالچ جي، فقط انساني خدمت ڪرڻ جي جذبي تحت اهو فقط ڏيپلي جو ڏاتار پُٽ حاجي شفيع محمد حامداڻي ميمڻ ئي ڪري سگهي ٿو.
سياري جي سرد رُت ۾ 13فيبروري 1969ع تي صحت کاتي ۾ ڊاڪٽري واري نوڪري ملي ۽، شروعاتي ايام ۾ مختلف ضلعن م ڪم ڪرڻ کانپوءِ سن1971ع ۾ پنهنجي اباڻي شهر ڏيپلو ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. تمام محنتي فزيشن، سرجن ۽ ماهر امراض طور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسپتال ۾ ڪم ڪيو، ۽ پوءِ تعلقه هيڊڪوارٽر اسپتال THQ ڏيپلو ۾ ميڊيڪل سُپريڊنٽ (MS) طور ڪم ڪيو. هن جي هوشياري، ايمانداريءَ ۽ بيماريءَ کي سُڃاڻڻ واري انوکي ڏانءُ ۽ ڏات هن کي مڙني کان منفرد ڪري بيهاريو. انتهائي باريڪ بينيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان مريضن جي تپاس ڪرڻ کان وٺي علاج لئه بهترين ميڊسن ڏيڻ ۽ بهترين انتظاميه واري سُڃاڻپ کيس جلد ئي پوري خطي سميت سموري سنڌُ ۾ مقبول ۽ مشهور ڪري ڇڏيو. مقامي ماڻھن کانسواءِ پري پري کان ايندڙ مختلف بيمارين ۾ مُبتلا ماڻھن جا هن مفت ۾ علاج ڪري ٿر جو ڳاٽ فخر مان اوچو ڪيو آھي. اڄُ به سندس ننڍڙي ڪلنڪ تي مريضن جا هُجوم هوندا آھن. سرڪاري اسپتالن ۾ بهترين علاج نه هئڻ ڪري، اهي مسڪين ماڻھو جن جا نِجي اسپتالن جي ڳرين فيسن ۽ مهانگين دوائن ڪم لاهي ڇڏيا هئا. انهن کي هن مرد مجاهد جي پاڻ ارپڻ واري ڀاونا ۾ جيئندان ملي ويو. مسڪينن جي مدد، نيڪ صلاح ڏيڻ، ۽ هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري ماڻھن جا اهنج گهٽائڻ واري هن انوکي معالج پنهنجي ايامڪاري دؤران هزارين آپريشن به ڪيا آهن. پنهنجي پيشي سان محبت ۽ پنهنجي مرحوم پيءُجي وصيت، کيس پنهنجي ڏيهه سان اڄُ تائين جوڙي رکيو آھي. زندگيءَ جي لاتعداد ڏُکن ۽ ڀوڳنائن جتي سندس صحت ۽ ڪم تي اثر وڌو آھي، ان هوندي ڀي هُو پنهنجي پيشي سان سؤ فيصد سچو آهي. ان جو ثبوت اهو آھي، جو اڄ بہ سوين مريض سندس ڪلينڪ تي انتظار ۾ اُڀين پيرين بيٺا هوندا آهن. مفت ۾ علاج سان گڏ مريضن کي پئسي ڏوڪڙ ڏيڻ ۽ دوائون به پنهنجي کيسي مان ڏيندڙ هن پراُپڪاري پُرش جا هن علائقي جي هر ماڻھوءَ تي ٿر جيڏا ٿورا ۽ انيڪ احسان آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، پر سڀ کان وڏو ايوارڊ عام ماڻھن جون محبتون ۽ دعائون آهن. رٽائرمينٽ بعد تڏھوڪي وزير اعليٰ سنڌُ ارباب غلام رحيم کيس ايڪسٽينشن جي به آڇ ڪئي هُئي. مگر هن پنهنجي صحت جي مسئلي جي معذوري ڏيکاريندي اها آڇ قبول نه ڪئي. لاڙ ۽ ٿر ۾ هڪ ئي وقت مشهور ۽ مقبول هي شخص ڪيترن ئي سماجي ادارن ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. کوهه، نلڪا، سمر پمپ، مدرسا، مسجدون ۽ ٻين فلاحي ڪمن م هر وقت هڪيو تڪيو حاضر رهندڙ هي الله لوڪ ماڻھو هن خطي جي خوبصورتيءَ ۾ مُنڊي تي ٽِڪ وانگي جرڪي رهيو آھي. هُو چاهي ها ته ٻين ميمڻن وانگر ، ڏيپلي کي جدائي جو ڏنڀ ڏيئي هميشه جي لاءِ حيدرآباد هليو وڃي ها، ۽ وڃي هوائن جي هندوري ۾ لڏندي زندگيءَ جا پڇاڙڪا ڏينهن سڪون سان گذاري ها، پر هن ائين نه ڪيو ڇاڪاڻ ته هن کي سڪون کان ساڻيهه وڌيڪ عزيز هو. هُن پنهنجي حياتيءَ جا هڙئي سک پراين ڏکن ۾ تحليل ڪري ڇڏيا. هُو مسيحائي جو هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي،
هن جو جنم ڏيپلي ۾ ٿيو آهي، هُو مرڻ به ڏيپلي ۾ چاهي ٿو. هُو مٽيءَ سان مٽي ٿي ملڻ جو هنر خوبُ ڄاڻي ٿو. هن حقيقي جيئڻ جو فلسفو اُنهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ ڳولي ورتو آهي، جن ۾ ڪال پول جي گوري وٺڻ جيتري به سگهه نه آھي. هن انهن ڏٻرن روڳين جي چهرن ۾ پرماتما پاتو آھي، جن جي ڏرا ڏيئي ويل اکين مان وهندڙ پاڻيءَ ۽ پچن کي ڏسي پٿر جا ماڻهو رحم بدران ڪراهت ڪندا آهن. هي انهن بيمارن جو ڀرجهلو ٿيو آھي، جن جو پرائيويٽ ته پري جي ڳالھه پر سرڪاري اسپتالن ۾ به علاج نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ غربت کانسواءِ ڪجهه به ناهي هوندو، جن جي سفارش ڪرڻ وارو به خدا هن جھان ۾ اڃا خلقيو ئي ناهي. بي سهارن ۽ مُفلس ماروئڙن جي خدمت ڪندي هُو اڄ به ائين خوش ٿئي ٿو جئين ڪو مخير مرد ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي جي کيسي ۾ سخا جا سِڪا وجهي سرهو ٿيندو آهي
. ***