ڀارو مل امراڻي سُوٽهڙ
چيلهار جي چارن تي بانبڙا پائي علم جي تارن کي ڳوليندڙ هن الستي وجود اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هُو وڏو ٿي ٿر جو ‘ودياپتي’ ۽ ‘ديوندر ستيارٿي’ ٿي، ادب جي اُفق تي زرافشان ٿيندو ۽ علم جي عاشقن کي ‘دُرو’ جهڙا درشن ڏيندو! هن ته اهو به نه سوچيو هو ته هِن هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان واري بي رحم دور ۾ هڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ هن جو سمان ڪندي نه رڳو ساڻس سُرهي سانجهه ملهائي ويندي پر حياتيءَ ۾ سندس پورهئي تي ڪتاب به لکيو ويندو! پر ‘زود نويسي’ جا هڙئي گُر ڄاڻيندڙ هن ‘زود فهم’ جي زرخيز ‘ڀاوي’ ۾ ‘ڀاون’ اهو سڀ ڪجهه سڀاويڪ طور رقم ڪيو هو. هن جا ساڏوهي ڄار جي سيڙڪن پيروئن جهڙا سڀئي خواب ساڀيا ڪُنوار سان لانئون لهي چُڪا آهن. هڪ شاعر ۽ ليکڪ کي اُن جي پورهيي جي مڃتا کان مٿي ٻيو ڇا کپي؟؟
هُنرمند قبيلي جي ڪاڪي ڪانجي مل جي گهر ۾ اک کوليندڙ هي نوجوان مون کي ڪنهن جپسي جو اهڙو پُنر جنم لڳي ٿو، جنهن جي من جي تشنگيءَ ۾ ديس ڀڳتي جون ڀاونائون لُڇن ٿيون. جنهن جي تَن جي وَن ۾ وِڄا جي وِڄ جا تجلا پري کان پَسجن ٿا. جنهن جي اڻ ٿانيڪي دل سمندر ۾ مٽيءَ سان ازلي مُحبت، ڪنهن اوڄاڳيل وڻجارڻ جي اُڻ تُڻ جيان لُڇي ۽ لوچي ٿي!! ڪنهن ديو مالائي ڪردار جيان دُولان ديهي جو مالڪ ڀارو مل ڏُڪاريل وطن ۾ ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيئڙي کي ٻَري ۾ ٻرندو يا بُک ۾ اُجهندو ڏسي ٿو ته دل افگار ٿي ڏنجهه ۾ ڏُسڪا ڀريندي دل ئي دل ۾ ڀُڪا ڀُڪا ٿي پوي ٿو ۽ پوءِ هُن جي جهوناڳڙهه جهڙي اندر مان شاعري سورٺي دانهن بڻجي آبي بخارن جيان اُڀامي ٿي. هن جي شيتل سڀاءُ ۾ ڪانڪهي جي ڇانوَ جهڙي ڪوملتا سمايل آهي. هُن جي مَخمُور مُهانڊي تي مُرڪن جا پنائتا پوپٽ هر ويل پرواز ڪندا رهندا آهن. هُو ڪڏهن به ”ڀام“ ۾ اچي ”ڀُرچڻ“ نه چاهيندو آهي. ڪير هن سان ڪڙو ٿيندو آهي ته هُو ”واتوُرجڻ“ بدران اُن سان ٻاٻيهي جهڙا ٻه مٺامول ٻولي ماحول مهڪائي ڇڏيندو آهي. ماحول ته تڏهن به مهڪائيندو آهي جڏهن رنگ منچ تي چڙهي پنهنجي مٺڙي لهجي ۾ ڪو ادبي ليڪچر ڏيندو آهي. هُو جڏهن لورڪا جي فڪر، آلندي جي نظريي، ماياڪو وسڪيءَ جي مايوسي، البرٽي جي نراسائيءَ ۽ آريسر جي آرٽ تي دل کولي ڳالهائيندو آهي تڏهن پنڊال ۾ موجود ماڻهن تي اسڪاچ جا خُمار ڇانئجي ويندا آهن.
هُو جڏهن انساني عشق جي آڳ ۾ چيئن تي چڙهيل ديڳڙي وانگي دُکي ٿو تڏهن ميٿلي ٻولي جي محبوب ڪوي ودياپتي وانگي ڪونج ڳچين لئه ڪويتائن جا ڪٺمال جوڙي ٿو. ڪاليداس بڻجي جديد دور جي شڪنتلا سرجي ٿو، چندي داس بڻجي ڪنهن ويراڳڻ ٿريچيءَ جي وجود ۾ ‘راميءَ’ جا روپ ڳوليندي پرماتما پائي ٿو. هُو عشق جي الستي آڳ ۾ بن بن بين وڄائي ٿو!
هُو جڏهن ميهوڳيءَ ۾ ڪنهن وينگس جي ”ڪت“ تان پري ٿيل ڪنجري کي ڏسي ٿو يا ڪنهن ”اُرهه سرنگي“ سُونهن سان اکيون چار ڪري ٿو تڏهن هُن جي بنواس ۾ ‘ڀرٿري هري’ پلٿي ماري ويهي رهي ٿو، ۽ هُو ڪام ۽ ڪامڻيءَ تي دل کولي لکي ٿو، دل کولي ته هُو تڏهن به لکي ٿو جڏهن هُن جي عاشقاڻي اندر ۾ ڪن ساحر اکين جا عڪس وڏي ڦُڙي جهڙو رقص ڪندا آهن. هُو جڏهن آتم هتيا ۾ آنند پائيندڙ ماياڪو وسڪيءَ کي ميارون ڏئي ٿو ۽ آرٽ جي انقلاب لاءِ ٽراٽسڪيءَ سان روحاني رهاڻ رچائي ٿو، تڏهن هُن جي آسوندن اکين اڳيان ‘اَلندي’ نئون رُوپ وٺي نروار ٿئي ٿو ۽ هُو عالم آشڪار جي ڀلائي لئه سٽون سرجي سڪون ماڻي ٿو. هُن کي ‘البرٽي’ واري مايوسي قطعي ڪا نه ٿي آئڙي، ڇو ته هُن اُميدن جي چيچ جهلي چيلهار جي چارن مان هلڻ سکيو آهي. هُن وٽ مري به جيئڻ جو ڏانءُ آهي!
ڀارُو جو قلم تڏهن به تيز تلوار جيان هلندو آهي جڏهن هُو بانڪي داس جي ‘همروٽ ڇتيسي’ ۾ سوڍين جي سُونهن پسي سرهو ٿيندو آهي. هُن جي ڏات تڏهن پروان چڙهندي آهي جڏهن ڪنهن لالر وِينگس جي لِلاٽ تي چنڊ جيان چمڪندڙ لالڙي جي جِهرمر جلوا افروز ٿيندي آهي يا ڪنهن ٻانهياري جي چُوڙي ۾ ٽانڪيل ٽُنئور ٽمڪا ڪندو آهي يا ڪنهن ترائي ڪپ تي ”ڪانهوڙي“ جو ناچ ڪندڙ ڪنهن انڊلٺي انگ جي پيرن ۾ ڇيلڪڙو ڇمڪا ڪندو آهي.
ڀارومل رُڳو ڪامڻين جي ڪنچن ڪايا ۽ ‘ڪام’ جي موهه مايا تي نه ٿو لکي ۽ نه ئي وري رڳو پنهنجي سرتيءَ جا ‘ساروفا’ چٽي ٿو، پر هُو ته ڏُڪاريل وطن جي ڏوٿين لئه به لکي ٿو ته مها ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويل لاڙ جي دردن تي به دُکي ٿو. هُو ڌنار جي درد تي به دل آويز نثر لکي ٿو ته پورهتن جي پگهر تي به هينڊسم هٿن ۽ مور نٿن جهڙا نظم لکي ٿو. هُو سوڍن جي سورهيائي تي به سچي دل سان لکي ٿو ته ڪارن ڪولهين جي اڏولتا جا احساس به سرجي ٿو. هُو ٻهراڙين جي سُونهن گنگا ۾ شنان ڪندي ميگهواڙن جي من موهڻي سُندرتا تي ‘بيت الصنم’ جهڙا بيت لکي ٿو. هي چيلهار جو چنڊ ڪنهن ‘کُٿابي’ کي کيڏڻ واري وهي ۾ جبري پورهيي جي ڄار ۾ ڦاٿل ڏسي ٿو ته ڦٿڪي چوي ٿو ته:
آڏاڻي تي ٻار، مورن کيڙا ڀر ۾،
دل جي اٿل اڳيان قالين ڪاروبار،
قرضن سندي بار، راند رمڻ روڪي ڇڏيو.
هانءُ ۾ هٿ وجهندڙ هن بيت جو سرجڻهار ڀارُو مل جڏهن ميهوڳي ۾ اُداس ڪنهن ٿاريلي کي ڪانڌ لئه ‘هور’ وجهندي ڏسي ٿو ته هُن جي اندر ۾ گورين جا گيت سُر سامونڊي بڻجي اُڀريو اچن ٿا ته هُو دانهن ڪري چوي ٿو ته:
هاءِ پيارا، جيءُ جيارا،
وسڪاري ۾ ورڻي وسري،
توکي پنهنجي پرڻي وسري .
سفاڪ دهشتگردن جي ڀُو ۾ ٻُڏتر جو شڪار ڀارُو پنهنجي نِرمل سرتيءَ کان خواجه فريد جي ڪافي جهڙي چُمي هُجت مان هڪدم گهُري ٿو ته متان ڪٿي اڌ ۾ نه رهجي وڃي! چُمي جي اڌ ۾ رهجي وڃڻ جي چنتا ۾ سِگري جيان سڙندڙ مُنهنجو هي محبوب دوست صحرائن ۾ سڙندي، ڌرتيءَ جي ڌُوڙ ڦلهوڙي ‘گيت سانوڻ، من ڀانوڻ جا’ ڳولي ٿو. ڌرتيءَ جا گيت ڳوليندي هُو سرتيءَ جي معصوم مُرڪن کي مالهائون سمجهي هئين جو هار ڪري ٿو! هي بنهه ٿورو لکي ٿو پر لکي ڪمال جو لکي ٿو! مِقدار کان وڌ معيار تي ڌيان ڏئي ٿو. هن کي نه گهڻي ڇپجڻ جي ‘گُرسنگي’ آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن ‘لوازمي’ جي لوڀ آهي. هُو ته بس پنهنجي فِڪر جا ڦُول کڻي گهر گهر در در اهو هوڪو ڏيئي هلائي ٿو ته:
هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ مانجهيان اي مرڪ
بنهه سادڙي، فقيرتَن ۽ مَن جي مالڪ ڀارُو مل جي مهمانوازيءَ جو ساکي رُڳو تڙ حمير وارو تونگر شهاب ناهي، پر ڀارُو جي ڀلسرا جو شاهد ننگر جو نامور شاعر ساگر خاصخيلي به آهي. ڀارُو جي ڪُشادي دل ۽ دسترخوان جي واکاڻ جتي، ”آپڻو موريو مري گيو“ جهڙا مُنفرد نظم سرجيندڙ ناشاد سمون ڪري ٿو، اُتي “ورهين کانپوءِ وُٺو هو ٿر“ جهڙا وڏا نظم لکندڙ، ٿاداٿ جي ٿريي امر ساهڙ جون اکيون به ڀارُو جي ڀليڪار کي سويڪار ڪندي ائين چون ٿيون.
مڌ پيئندي مون ڏٺو چانڊوڪيءَ ۾ چيلهار،
ڳليون وڻ ڳانڱاٽيل کِليو ڪن کيڪار،
ڀارُو جي ڀليڪار مُور نٿي مونکان وسري.
ڀارُو جي ڀلوڙ شاعري جي ڪتاب مُرڪن مالهائون جو ورق ورق سونا رُوپا آهي. ڀارُو جا غزل ننڊاکي ٻار جي مُرڪ جيان دل کي وڻندڙ آهن ته نظم ماٺيڻي محبوب جي ناز جهڙا نوخيز آهن. ٿوهر منڌي جهڙا گيت آهن ته وينڊلين جي وراڪن جهڙيون وڻندڙ وايون آهن. ان سوني روپي ڪتاب ۾ موجود هڪ بيت مونکي ڊائمنڊ لڳو! ڇا ته خيال آهي:
ڇاتيءَ جا ٻيڙا کولي ڇِرڪي ڇوڪري،
هيءَ هيل پکيئڙا مُور نه رهندا ماٺ ۾.
ڀارُو مل کي سائين ولي رام ولڀ، ‘ديوندر ستيارٿي’ سڏيو آهي، ته تولارام سوٽهڙ وري کيس ‘ٿر جي ودياپتي’ جو درجو ڏنو آهي، پر ‘ٻيڙن’ وارو بيت پڙهڻ کانپوءِ آئون سائينءَ کي ٿر جو ‘ڀرٿري هري’ چوندس!
ٿر جو لوڪ ادب تمام شاندار ۽ جاندار آهي، جنهن کي گهڻي ڀاڱي صدري ساهتيه چيو ويو آهي، جيڪو سينا به سينا صدين جو سفر طئي ڪري، تاريخ جي ورقن ۾ زنده جاويد آهي. جهونن جهانگيڙن جي سپنن جي سرزمين ۾ دفن ٿيل اهڙي لاکيڻي لوڪ ادب کي اجاگر ڪرڻ ۾ ٿر جي هن لاڏلي اديب وسان نه گهٽايو آهي. ماروئڙن جي سگهڙپائي مان سبق آموز لوڪ ڪٿڻيون گڏ ڪرڻ ڀارو مل جي ڪرت بڻجي ويئي آهي. لوڪ ادب جي لاءِ اکين کي اوجاڳا ۽ سرير کي اذيت ڏيندي ڀارومل امراڻيءَ جو هڪڙو اهڃاڻ محنتي محقق وارو آهي، هُو نه رڳو مختلف ٻولين جو لوڪ ادب پڙهي ٿو پر پنهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ ۾ اتاري ٻوليءَ تي احسان ڪري ٿو. ”ڌرتي ڳائي ٿي“ کان وٺي ”چتر ٻولي چارڻان“ تائين هن ڌرتيءَ جي چپي چپي کي سهيڙيو آھي.
ڀارومل امراڻيءَ جو تحقيقي پورهئي وارو ڪتاب ”همروٽ ڇتيسي“ تمام بهترين آھي. سچ اهو آهي ته ننڍي کنڊ جي وڏي ڪوي بانڪيداس جو عمرڪوٽ جي باري ۾ لکيل ڇٽيهه دوهن تي مشتمل ادبي شهپارو، سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻي، ڀارومل سنڌي ادب ۾ عمرڪوٽ کي جُڳا جُڳ جيئرو ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ قيمتي تحفو پڻ وڌو آهي. ”همروٽ ڇتيسي“ جي ترجمي، تشريح ۽ تنقيدي جائزي ۾ ڀارو جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، سا واقعي ڪمال جي آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ماڻهو تي سونهن، سورهيائي، سچائي، سخاوت ۽ رومانس جا رنگ حاوي ٿي وڃن ٿا. سوڍين جي حُسن کي ڪوي بانڪيداس ته پنهنجي انمول ڏات سان ڪوتا جي ڪئنواس تي جهڙي ريت روپيو آهي، اهڙي نموني چيلهار جي هن چلولي چنڊ پنهنجي فن جي چانڊوڪيءَ سان سوڍين جي سونهن کي چوراسي چنڊن کان وڌيڪ لفظن جي چاندني ڏئي ادبي آڀي تي چمڪايو آهي ۽ چتر سُڄاڻ سوڍن جي سورهيائيءَ کي ڀارومل جنهن ڀلي انداز سان بيان ڪيو آهي. اهو پڙهي دل بي اختيار واکاڻي ٿي.
ڀارومل کي اهڙي مانائتي پورهئي تي منهنجي طرفان لک لک واڌايون پيش ڪجن ٿيون.