شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

محمد سانوڻ نُهڙيو

صحرا ٿر رڳو کارن کُوهن، جُهونن ڊُوهن، سُڪل اَڪن ۽ واريءَ جو وَطن ناهي، پر ھي نيرين ڳچين، ناسي کنڀن ۽ رتن نيڻن وارن مورن جو مُلڪ به آھي. هن صحرا جي مها ساگر جي وشال پيٽ مان رڳو ڪارو ڪوئلو ناهي نڪرندو، پر هن جي ڀورين ڀِٽُن ۽ ويڪرن ڏھرن جي واريءَ مان ڪي اهڙا لعل به لڀندا آھن جيڪي ڌرتيءَ جي ماٿي تي گُلابي بخمل جي بنديا وانگي وڻندا آھن. دڙن جي ديس جي هن ڌونئري ڌُوڙ مان ڪي اهڙا هيرا به هٿ ايندا آھن، جيڪي وطن جي تاريخ جي تاج ۾ چمڪندا آھن. جن جي چمڪ صدين لئه ديس کي سهائو ڏيئي ويندي آھي. اھڙن هيرن ۾ ھُو به هڪ هو. ھُو جيڪو ڇاڇري تعلقي جي اُن ڳوٺ سان تعلق رکندو هو جنهن ڳوٺ جا تاريخ ۾ ٻه نالا ملن ٿا. اُھو ڳوٺ جنهن کي اول ۾ آباد ڪندڙ ذات جا گونگا هئا.ان ڪري مٿن ”گونگيو“ نالو پيو. اهو ڳوٺ جنهن کي ساڏُور سوڍي ھمير سنگھ وسايو تڏھن ”تڙ ھمير“ سڏجڻ لڳو. هُو جيڪو ڍاٽ جي دڙن ۾ آباد ڳوٺ گونگئي/تڙ همير ۽ حاجي توڳي جو تڙ جو گڙنگ ماڻھون هو. هُو جيڪو ڄام جکري جي اولاد نهڙين جي مُورا نُک جو مور هو. هُو جيڪو نه رڳو مثالي اُستاد هُو پر، هڪ انسان دوست انسان به هو. هُن وٽ ڪوبه مذھبي متڀيد نه هوندو هو. هُو جيڪو ماڻھپي کي ئي مان ڏيندڙ مهان پُرش هو. هُو جيڪو تڙ همير جو چمڪندڙ تارو هو. اهو تارو جنهن پسمانده علائقي ۾ تعليمي روشني سان صدين جي تاريڪي کي تڙي ڪڍڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. هُن جي محنت سان منور ٿيل ڏيئا اڄ به هن ڏيهه ۾ پنهنجي ڪلا جي جلا سان جوت جلائي رهيا آھن. سندس ڪيترائي شاگرد آهن جيڪي مختلف سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جن ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ڄامشورو جو وائيس چانسيلر مشهور ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاني، استاد ڪرمچند ميگهواڙ، گرئو مل چوني لال سوٽهڙ شامل آهن،
مورا نُک جي لطيفاڻي ڪُڙم ۾ محمد صديق نهڙئي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اُن عظيم ماڻھوءَ جو نالو هو سانوڻ. سانوڻ جنهن جو نالو وٺڻ سان ئي ڏُڪاريل وطن کي ڏڍ اچيو وڃي. سانوڻ جنهن مان سُڪار جو ساءُ ايندو آھي. محمد سانوڻ نهڙيو پنهنجي دؤر جو دورانديش ماڻھو ٿي گُذريو آھي. جنهن تعليمي ڏُڪار کي تڙي ڪڍڻ لئه پنهنجي زندگيءَ جا سمورا سُڪار ارپي ڇڏيا. اڻورچ ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي هن تمام بهترين نتيجا پراپت ڪيا. هُو پنهنجي وقت جو اھڙو مڻهيارو هو جنهن جي عقل ۽ علم جا قصا اڄ به ٿر جي ڳوٺاڻن جي ڳالهين ۾ ڇيرن وانگي ڇڙن ٿا. سائين محمد سانوڻ جو جنم 1946ع ۾ ڍاٽ جي ڳوٺ حاجي توڳي جو تڙ ۾ ٿيو. چون ٿا ته، راجسٿان جي پيٿاڪر ڳوٺ ۾ رهندڙ ونگي جا نهڙيا جڏھن واپس ڍاٽ ڏي وريا تڏھن انهن ڍاٽ ۾ توڳي جو تڙ وسايو سائين محمد سانوڻ جا وڏڙا سن 1970ع ڌاري توڳي جو تڙ مان لڏي اچي گونگئي ۾ ويٺا. هي ڳوٺ هن وقت ڇاڇري تعلقي جي يوسي ڪانٽيو ۾ موجود آھي. سائين محمد سانوڻ شروعاتي تعليم ۽ ديني تعليم ڳوٺ چيلهه بند مان سائين محمد حسن شاھ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. ست درجا سنڌي ورنيڪولير وارو امتحان به اتان سائين محمد مُراد جوڻيجي وٽان پاس ڪيو ۽ تُرت ئي سن 1965ع ۾ پرائمري ماستري واري نوڪري ملي ويئي. پهرين مقرري گورنمينٽ پرائمري اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ ٿي. هن ڳوٺ جنجهيئر، ڍالو جو تڙ، موڙاسيو، ڪانٽيو، جيئندل شاه لڪياري، راهوڙيار، حاجي توڳي جو تڙ، چرڪاري، دلواڻي، ولاسرو، گونگيو ۽ ڏٻڙڇا جي اسڪولن ۾ به پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. سموري ڄمار ايمانداريءَ سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏيندي سائين محمد سانوڻ نهڙيو پنهنجي علائقي جو هڪ مثالي اُستاد ٿي اُڀريو. جنهن بنان ڪنهن تفاوت جي هندو مسلم سڀني کي ساڳي چاھ سان تعلمي ۽ تدريسي طور سُڌاريو. تعليم جي معاملي ۾ هن ڪڏھن به، ڪنهن سان به سمجهوتو نه ڪيو. هُن جي جيئڻ جو مقصد ئي اهو هو ته هُو هن تعليمي طور پسمانده علائقي کي جهالت جي تاريڪي مان ڪڍي علم جي روشني سان روشناس ڪري. هُن چاهيو ٿي ته ٿر جو هر ٻار تعليم پرائي سگهي. ڇاڪاڻ ته هن سمجهيو ٿي ته ٿر جي هر مسئلي جو حل سواءِ تعليم جي ٻيو ڪنهن سان به ممڪن ناهي. ان ڪري هن سموري عمر اڻٿڪ محنت ڪري علم جا ڏيئا روشن ڪيا. هُن نه رڳو پنهنجي نوڪري دؤران ماڻھن کي تعليم ڏني پر هُن ذاتي طور ماڻھن ۾ وڃي سُڄاڳي جو سڏ ڏنو. تعليم جي حوالي سان بيداري آڻڻ ۾ هن مرد مجاهد وسانءِ نه گهٽايو. اٻوجھ عوام کي شعوري طور سڄاڳ ڪرڻ لئه هُو هر هند تعليم جي پرچار ڪندو هو.بڪچهرين ۾، شادين مرادين ۾، هر ماڻھوءَ کي هدايت ڪندو هو ته مهرباني ڪري پنهنجا ٻچا پڙھايو. پيٽ تي پٿر ٻڌي به پنهنجو اولاد سُڌاريو.
سائين محمد سانوڻ ٿر جي اصلي سُڃاڻپ مهمان نوازيءَ جو به وڏو نالو هو. هن جي دل جي دئاري سان گڏ سندس اوطاري جا در به هر وقت کليل هوندا هئا. هر آيل جي آجيان ڪرڻ ۾ ھُو سڀنيءَ کان اڳڀرو هوندو هو. مهمان کي ماني کارائي خوش ٿيڻ سندس اُتم گڻن ۾ شمار ٿئي ٿو.
چون ٿا ته سائين محمد سانوڻ نهڙيو وڏو ادب ذوق ماڻھون هو. چيلهه بند ۾ تعليم پرائڻ دؤران سائين محمد حسن شاھ جي پُٽ علي محمد شاھ عاجز سان مائيٽاڻا واسطا هئا ۽ سائين سان عقيدت وارو رشتو دوستيءَ جي مضبوط ڌاڳي ۾ ڳنڍجي ويو. جيڪو تاحيات نه ٽُٽو. علي محمد شاھ عاجز هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر هو. جنهن 9 ڪتاب تخليق ڪيا هُئا. ادبي سنگت واري صحبت ۾ رهڻ ڪري محمد سانوڻ به ادب ذوق ٿي ويو. ڪچهرين جو ڪوڏيو ھئڻ ڪري ڳوڙھا، ڳجهارتون، ڏٺون، پروليون، پهاڪا، چوڻيون، ٽپايا، چؤپايا، نڙ بيت ۽ ڏور بيت نه رڳو شوق سان ٻُڌندو هو پر کيس بنهه گهڻو لوڪ ادب ياد به هوندو هو. سگهڙائپ وارو گُڻ سندس هردي ۾ هئڻ ڪري ڪچهرين ۾ ڪانب ڪڍي ويهندو هو ته سوجهاڪو ڪندو هو. محمد سانوڻ کي چئن پُٽن جو اولاد آھي. وڏو امير حميزو جيڪو شاعر هئڻ سان گڏ ماحوليات کاتي ۾ آفيسر آھي. تنهن کان ننڍو شھاب نهڙيو جيڪو تمام خوبصورت شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو پروڊيوسر آھي. عباس نالي ٽيون پُٽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ سڀن کان ننڍو نياز علي گهرو ذميواريون سنڀالي ٿو. سندس سڄو پريوار ھشاش بشاش حياتيون گُذاري رهيو آھي. اڄوڪي ڏينهن يعني 2 آڪٽوبر سن 1999ع تي هن نامدار نهڙئي سردار جو ساھ جو سڳو ٽُٽي پيو هو. ٿر هڪ مثالي اُستاد ۽ شفيق انسان کان محروم ٿي ويو هو.