شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

واگهو ڪولهي

توڪل جي تُرهي تي ترندڙ واگهو ڪولهي هن وطن جو پکي آھي. اهڙو پکي جنهن وٽ ڪوبه زخيرو ناهي. هُو آڻين ۽ چاڙھين واري زندگيءَ جو جيئرو جاڳندو مثال آھي. واگهو هن وطن جو وڻ آھي. وڻن کان مٿي وطن سان ڪو وفادار ٿي ئي نه ٿو سگهي. وڻ، جيڪي طوفانن ۾ پاڙان پَٽجي ويندا آھن، زوردار هوائن جي زوم تي پنهنجا ٽار ٽوڙائي ڇڏيندا آھن، ڏُڪارن ۾ سُڪي ويندا آھن، پر پوءِ به ڌرتيءَ تان انچ به ناهن چُرندا. سردي، گرمي سر تي سهي به ساڻيهه جي سرزمين سان نڀائيندا آھن. ڌرتيءَ سان دغا ناهن ڪندا. واگهي جو وجود به هن ڌرتيءَ جو هڪڙو اهڙو وڻ آھي، جنهن کي حالتن جي هوائن ايڏو لوڏيو آھي جو هُن جا ڇوڏا ئي لهي ويا آھن، پر پوءِ به هُو ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ٿو ڪري، هُو پنهنجي وطن ۾ خوشُ آھي. اهو وطن جيڪو ڪنهن زماني ۾ سچ پچ هن جو پنهنجو وطن هو. ٻنيون ٻارا ۽ چنڊُ چارا سڀ پنهنجا هئا. اهو وطن جنهن ۾ هن جي نسل وارا ڪارڙا پنهنجي ٻارڙن سميت ڏاڍا خوشُ رهندا هئا. درياءُ کان وٺي سمنڊُ تائين، ۽ سِڻيءَ کان وٺي ڪمند تائين هر شيءِ سندن هٿ وس هوندي هئي. اڄُ ان ساڳي وطن ۾ هي آرين جي ڏاڍ اڳيان بيوس اُٺن ڇڏيا بار واري ڪار زندگيءَ جي ڏينهن کي ضرب ڏيئي ڪرب ڪَٽي ٿو. اُڄ هن جي پيرن هيٺ پيل زمين به پرائي آھي. پيئڻ لئه پاڻيءَ پڻ پرائي کوھ تان ڀري ٿو. پنهنجو پيٽ ڀرڻ لئه ڪچرو پڻ پراين ڳوٺن ۾ ٻُهاري ٿو. ٻار به پرايا ئي پڙھندي ڏسي ٿو، پر پوءِ به جيئي ٿو. واگهو ڪڏھن به خودڪشيءَ جو نه ٿو سوچي.
هُن کي اها خبر ناهي ته هن وقت ڊالر جي ڊوڙ ۾ ملڪ ڪيترو مار کائي چُڪو آھي. هُن کي اها به سُنڪ ناهي ته، نيب ڪنهن ڪنهن جي نڪ ۾ نوڙي وڌي آھي. هُو ان خبر کان به بي خبر آھي ته، ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن جون ڪيتريون پوائنٽون آھن. هُن کي ڪائي ڪَل ناهي ته، بلاول ۽ مريم جي مُلاقات تي ماڻھو ڪهڙيون ٽيڪا ٽپڻيو ڪن ٿا. هن کي بس اها خبر آھي ته، سڀاڻي سوير ڪاٺيون نه ڪيون ته سندس ٻچا پيٽ ۾ هٿ وجهي سُمهندا. هن کي اها به خبر آھي ته، جي هيل به مينهن نه وٺو ته زندگيءَ جي ٻني ڀَيل ٿي ويندي. ها هن کي اها ڪَل ضرور آھي ته، جي لطيف جي نينهائي بند ٿي ويئي ته هن جو ڪچرو ڪير وٺندو؟ ۽ جي ڪچرو ڪنهن نه ورتو ته هن جا ٻار بُک ۾ بولاٽيون کائيندي مري ويندا. جي ٻار بُک ۾ مري ويا ته واگهي جا وڻ ئي وڄي ويندا.
واگهو جنهن جا وار وڏا ۽ ٻار ننڍا آھن، واگهو جنهن جي ڏاڙھي وڌيل ۽ وزن گهٽيل آھي. واگهو جنهن جا ڪپڙا ميرا ۽ اندر اُجرو آھي. واگهو جنهن کي وهنتي ڪي ڏينهن وهامي ويا آھن، ڇاڪاڻ ته، گهڻن ڏينهن کان مينهن وٺو ناهي. واگهو جنهن جي پيرن ۾ جُتي بدران ڌرتيءَ جو پيار پاتل آھي. ڌرتي تپندي به هُن جا پير نه ٿي ٻاري. وطن جي واري هُن جي پيرن تي پَها رکي ٿي. واگهو جنهن جي ونيءَ جي هرڻ جهڙين اکين ۾ رڳو سُورن جو سُرمو پيل آھي. واگهو، جنهن جا ٻار پڙھڻ واري وهيءَ ۾ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آھن. واگهو، جيڪو جيئڻ جي جستجو ۾ زندگيءَ جي هر ذلالت کي نعمت سمجهي نبيري ٿو.
هُو ڪُلهي تي ڪاٺين جي ڀري ۽ مٿي تي ڪَنڊيءَ جي پنن جي ڪانبي ساڻ گڏھ جيڏو بار کڻي هر روز ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ وڪڻڻ ويندو آھي، پر هن کي صحي اجورو به ناهي ملندو. راڄُ جون راڻيون هن کان ڀري ڪاٺين جي وٺي ٻُڪ اٽي جون ڏيئي اهو چونديون آھن ته، ڪاٺيون ڪم جون ناهن صفا آليون آھن. اهو ٻُڌي واگهي جون اکيون آليون ٿي وينديون آھن. هُو بس ڀنل اکين سان مُرڪندي مُرڪندي هليو ويندو آھي. ويندي ويندي واٽ ۾ سوچيندو آھي ته هن اَٽي مان ته اکيون ئي ناهن ڀرجيون پيٽ ڪٿان ڀرجندو. شُڪر جو ٿڌو ساھُ کڻي ڪُتي وارو پيٽ ڀري به انسان وانگي جيئي ٿو.
الئه ڇو ڪي ڪي ماڻھو هن کي ماڻھو ئي تسليم نه ٿا ڪن. انهن کي ائين لڳي ٿو ڄڻ هي پٿر جو پتلو آھي. هن کي ڪو ادراڪ ئي ناهي؟ انهن کي ڪير سمجهائي ته، واگهي جي وجود ۾ ڌڙڪندڙ دل به گوشت جي ٺهيل آھي، واگهي جو به رت جو داٻ وڌي گهٽي ٿو. شُگر هن جي به سرير ۾ موجود آھي. توڙي جو مٺاڻ هن کي چانهه ۾ وجهڻ لئه به نه ٿي ملي. اُڃ ۾ هن جون به بُڪيون تڙپن ٿيون. هن جي زبان به ذائقا چکڻ جو گيان رکي ٿي. توڙي جو اُن اٽي ۽ لوڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي چکيو. هن جون اکيون پڻ رنگ سُڃاڻڻ ٿيون. اُس ۾ هن جي به چمڙي سڙي ٿي. سيڪس جو خيال هن کي پڻ ساڳيو اچي ٿو، پر هي اڃا اورل سيڪس واري جدت ۾ جانور ناهي ٿيو. هي اهو انسان آھي جيڪو آدم ٿي رهڻ پسند ڪري ٿو.
ٻُڌو اٿم ته، واگهو هاڻي انبن وارن ڏينهن ۾ شهر ڏانهن ناهي ويندو. اهو ان ڪري جو هڪڙي ڀيري انبن واري گاڏي تان سندس نظر گُذري هُئي. هُو چاهيندي به وٺي نه سگهيو هو، ۽ هن جي اکين ۾، انبن جي ڦار لئه سڪندڙ سندس سِنهن ٻچن جا عڪس لُڙڪن جي روپ ۾ تري آيا هئا. ٻچن جي دلدوز درد ۾ هي لُڙھي ويو هو. ٻچا ته پکين کي به پيارا هوندا آھن. هي ته پوءِ به انسان هو. اهڙو انسان جيڪو ايڪهين صديءَ جي جديد انساني جانورن واري دنيا ۾ ڄمي ڦاٿو آھي.
اولمپڪ جو اڇو سگريٽ واگهي جي وڏي عياشيءَ ۾ شُمار ٿئي ٿو. ان لئه هُو گهڻو ڪجهه ڀوڳي به ٿو. چانهه به ”جُڙي کي جَس“ ۾ شامل آھي. ماني نه ٿو کائي ته زنده رهي نه ٿو سگهي. هُو ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھي ته سائنس ايتري ترقي ڪئي آھي، پر بُک جو بندوبست ناهي ڪري سگهي. ڪاش! ڪا اهڙي سستي گوري ايجاد ٿئي، جو سال ۾ هڪ ڀيرو بُک لڳي. اهڙي بُک جنهن ۾ ماڻھو هڪڙو ڀيرو ڍؤ تي ماني کائي سگهي. غريب گُربو هرڪو پنهنجو من پسند کاڌو کائي سگهي. باقي هن روز روز واري بُک ته زندگيءَ جا بخيا ئي اُڍيڙي ڇڏيا آھن. لولي پويان لُڇندي صفا جيئرا لاش ٿي پيا آھيون. هن جي اهڙي سوچ سائنس جو ساھ مُنجهائي ڇڏي ٿي. موتيسري جي مڙھي ۾ واريءَ مان وهاڻا ٺاهي سُمهندڙ ۽ ڏينهن رات لُنڊين جا مٿا لتاڙيندڙ واگهي جي ٻارن کي ڪڏھن به ڪنهن لُنڊي ناهي ڪکيو. هن جي ٻارن جو بلائون به خيال ڪنديون آھن، پر انسان ڏنگي ويندا آھن. واگهي جا ٻار جڏھن بُک ۾ رات جو وشال امبر ڏي اکيون کڻي پالڻهار کان ڪجهه پڇندا آھن، تڏھن آڪاش ۾ ٽمڪندڙ نَو لک تارا تڙپي پوندا آھن. امبر جون اکيون آگمجي وينديون آھن. بُکايل ٻارن جي ڀر ۾ جاڳندڙ سندس پيءُ جي ڏرا ڏيئي ويل اکين ۾ لُڙڪن جون ڪونجون قطار ڪري وهنديون آھن.