فقير مُقيم ڪُنڀار
سنڌ جي امر اتهاس ۾ نرالي نوعيت واري حيثيت رکندڙ ٿر جي قديم وستي ”نهٽي“ ۾ ڪاڪي خميسي ڪنڀار جي گهر ۾ اک کوليندڙ فيقر منش فقير مقيم ڪنڀار پنهنجي هرک جهڙي اجري حياتيءَ ۾ ڪيئي ڪرب ڏٺا، پر ڪڏهن به ٻڙڪ نه ڪڍي. ”نينهائيءَ کان نينهن سِک منهنجا سپرين“ واري سهڻي سِٽ سندس هينئن ۾ حل ٿيل هئي، نه رڳو ايترو پر سندس ڪومل ڪايا ۾ ڪوري دلي جهڙي ديا به شامل هئي. هُو ڏڪار ۾ ڏکي ٿيندڙ ٻاٻهين جي اُڃارين ٻولين ۽ سُڪل ڇاتين وارين ڍٽ ڌڃاڻين جي اداس لولين تي ڇرڪي پوندو هو. توڙي جو پاڻ به سڄي عمر آسائش جي اُڃ ۾ تڙپندو رهيو. هن جو مزاج اُن ماءُ جهڙو هوندو هو، جنهن جو ٿڃ پياڪ ٻار سرڪاري اسپتال جي وارڊ ۾ بنان علاج جي دم ڌڻي حوالي ڪندو آهي، هر غريب جي غم ۾ من ملول ڪندڙ هن مرد قلندر جو مزاج ان مورڻيءَ جي دانهن جهڙو هو، جنهن جو مور راڻي کيت ۾ رمي گيو! هر غريب جي درد تي ڌڙڪندڙ هن فقير منش جي درد مندانه دل ان نوورني وڌوا جي آنسوڙن جهڙي هئي، جن کي اُگهڻ لاءِ اڃا ڪو رومال ايجاد ناهي ٿيو. هن جي وسيع سمنڊ جيڏي سيني ۾ ڌڙڪندڙ، مور جهڙي معصوم دل سدائين ٻين ڪاڻ جيئڻ لاءِ جستجو ڪندي هئي. هن ڪڏهن به پاڻ کي ٻين کان الڳ نه سمجهيو. ڇو ته هي ڍاٽ جي اُها مٽي مُٺ هو، جنهن کي ڀونءِ جو ڀرم رکڻ چڱي ريت ايندو آهي. سموري ٿر لاءِ سوچيندڙ مسڪين جهان خان کوسي واري واٽ تي هلندي هن فقير پنهنجو هڙان توڙي وڙان گهڻو ڪجهه وڃايو، پر ارادا ڪارونجهر وانگي اٽل رهيا، مفلسي باوجود هو ادب جي اڙانگي پنڌ جو پانڌيئڙو رهيو، ”هو جي سُور سُجهن سي مون پينگهي ۾ پرايا“ وانگي هو. ننڍپڻ واري نازڪ وهيءَ ۾ ئي يتيم ٿي ويو، ڇو جو هن کان بڙ جي گهاٽي ڇانوءَ جهڙي بابل جو روح ڇانورو هميشه لاءِ هٽي ويو. غربت جي گهاون ۾ جيئندڙ سندس جيجل ماءُ تي ڏکن جا پهاڻ ڪري پيا، پر پوءِ به هن مسڪين جي عظيم ماءُ حياتيءَ ۾ هار نه کاڌي، فقير مقيم جي والده هن کي نه رڳو علم جا ٻه اکر پڙهايا پر اعليٰ گڻن جو اهڙو گٽڪو ڏنو جو هو وڏو ٿي فقير مُحمد مقيم ڪُنڀار بڻيو!
جڏهن هن جي ڏکي ڏيل تي جوانيءَ جو جهڙ وٺو تڏهن ”نهٽي“ جي نگريءَ کي الوداعي وارا هٿ لوڏي هميشه لاءِ ”مٺان بجير“ واري مٺاڻي ۾ سڪونت پذير ٿيو. هن کي ٽالهي واري الف ميمڻ جي مهربانيءَ سان مٽيءَ جي ٿانون جي اُڌاري گاڏي ملي ۽ هو حسيني فقير هاڻوڪي پريس ڪلب مٺيءَ جي ڀر وارين ديوين جي جُهڳٽي ۾ غريباڻو جُهوپڙو جوڙي ويٺو ۽ زندگيءَ جو گاڏو هلائيندو رهيو. هن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيو، مٺيءَ جو مهراج ڪرشن شرما جنهن نه رڳو دلاسا ڏنا، پر مسڪين مٿي ٿورن جا ٿر سَٿي ڇڏيا، مقيم به پوري حياتي موٽ ۾ محبت جي گلن جا ڪانبا ڀري ڏنا.
فقير جي فن ۽ فڪر جو مرڪز اها جهريل جهوپڙي ئي هئي جيڪا هن لاءِ اوتاري جو درجو رکندي هئي. جتي هر روز واهيري جي وير جو ساڃاھ وندن جا ٽولا ائين گڏ ٿيندا هئا جيئن سياري جو سانگا ڍنڍ تي پرديسي پکي گڏ ٿيندا آهن، ۽ هن غريب جي اوطاري تي نه رڳو امل ڪسونٻا ٿيندا هئا، پر فن ۽ فڪر جون نديون وهنديون هيون ۽ ڳالهيون ٿينديون هيون، قديم سنڌ جي سُونهن جون ڌرتيءَ جي راڄ ڌڻين جون، مارئيءَ جي اٽل ايمان جون، ڪيسوڀاءَ سوڍي جي محب وطنيءَ جون، لاکي ڦلاڻيءَ جي لوڙائن جون، مطلب ته هن فقير وٽ فهم فضيلت، علم ۽ عقل جا کورا ڀريل هوندا هئا، انهن کورن مان هو سڀني ساڃاھ وندن کي فيضياب ڪندو هو.
فقير مقيم ڪنڀار جڏهن ”رنگ منچ“ تي چڙهي پنهنجي شرين زبان جي سواد سان لفظن جا پوپٽ اڏائيندو هو، تڏهن پنڊال ۾ ويٺل ساڃاھ وندن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. اها ڪلا ڪلتار وٽان سوکڙي طور مليل هئي. آخري ڀيرو تقرير راڻا همير سنگهه جي جشن تاج پوشي ۾ ڪئي هئي، جيڪا انتهائي يادگار آهي،
مورن ۽ ڍورن کان وٺي ٿر جي هر شيءِ سان بي پناھ محبت ڪندڙ فقير مقيم ڪنڀار وڏو درد رکندڙ ماڻهو هو. هُو سنجها ويلي ”جکري واري ڀٽ“ تي ويهي جڏهن ڏکڻ ڏسا ۾ ڏسندو هو، تڏهن سندس اکين جي اوطاري ۾ ورهاڱي جي وڍن ۾ لڇندڙ لڙڪن جا ٻه ٽي ٻاٻهيا اچي ترسندا هئا ۽ هو ڀنل نيڻ کڻي، ڪڇ رڻ مان ڪهي آيل ڪونجڙين ۾ انهن ديس جي ڌيئرن جو درد پسندو هو، جن کي ريتن جي رکوالن قديم روايتن جا نيئر هڻي، ميران جي ديس ۾ شينهن ڪلهي چاڙهيون، هُو اڪثر انهي درد ۾ ونجهلندو هو!
سُونهن ۽ صرحائي جي شوقين راجپوتن سان بي انتها محبت ڪندو هو. فقير منش، الستي عاشق ۽ محب وطن سوڍي ڪيسوڀاءَ جي قبر کي ڀاڪر وجهي روئيندو هو. سندس وشال نيڻن جي واديءَ مان نير ائين نروار ٿيندو هو، جئين انچليشور جي پهاڙن تان پاڻي وهندو آهي. حب الوطنيءَ ۾ هن جو آئيڊيل ڪيسوڀاءُ هوندو هو. ڪيسوڀاءَ جنهن جو ذڪر ڪنداسين ته هي مضمون تمام طويل ٿي ويندو.
فقير مقيم ٿر جي هر ٻرندڙ مسئلي تي وڏي بيباڪيءَ سان ڪالم لکيا. سندس ڪالمن کي سهيڙي، سندس فرزند خالد ڪنڀار هڪ ڪتاب به ڇپرايو آهي، جنهن جو نالو آهي ”فقير“ فقير جي ٻولي ڏاڍي چاشني واري آهي. هڪڙي هند لکي ٿو ”وڻ جيڪي ڏڪار ۾ رڳو ڇوڏا ٿي ويا آهن، جيئن سَتن نياڻين جي پيءَ جون سُڪل پاسراٽيون“ ڇا ته دردناڪ تشبيهه آهي! هو ٿر جي هر حسن کي احساس واري اک سان ڏسندو هو. هن کي پاريهرن جا پير ۽ لُنڊين جا ليڪا موهي ماريندا هئا. پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو ته ”نئين جي پيٽ تي جيت گينگهن ۽ لُنڊين جا ليڪا ڪنهن عظيم مصور جي ليڪن کان به خوبصورت تصويرن جئيان هوندا آهن! ڇا ته سندس نثر هيو!؟
فقير مقيم ڪنڀر جيڪا دونهي دُکائي هئي ان کي سندس لائق فرزند خالد ڪنڀار، جنهن کي هُو ”جوگيڙو“ چوندو هو اهو اڄ به جاري رکندو اچي ۽ ٻيو لائق پٽڙو خليل ڪنڀار وري شاعري واري خفت سان لاٽ ٻاريندو اچي ۽ ادي پٺاڻي پنهنجي پيءَ جي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪندي اڄ به ٿري عورتن لاءِ جاکوڙي رهي آهي، محترمه فاطمه جناح ايوارڊ يافته ادي پٺاڻي ٿر ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ سرڪار کان گهر ڪئي آهي،
سڄي عمر هڪڙي ئي سياسي پارٽيءَ سان وابسته رهندڙ هي فقير سنڌ نيشنل فرنٽ جي مرڪزي صدر کي ڏهيسر سنڌ چوندو هو. جڏهن ڏهيسر سنڌ وڃي رائيونڊ جي راڻن سان مليو، تڏهن مٺيءَ جي هن مور جو هانءُ ڦاٽي پيو. صحرائن ۾ آخري هچڪي 17 مئي 2012ع تي ڀري. هن جي محنتن، محبتن ۽ ڪاوشن کي ٿر ڪڏهن به نه وساريندو. هن کي ساري منهنجو صحرا اڄ به سڏڪي پوي ٿو.