معصوم سُوندرائي
اَڀري سڀري تعليم جي آڌار تي جڳ ۾ جيئڻ جا جتن ڪندي، هن وک وک تي وڏا ڏاکڙا پڻ ڏٺا آهن. ذريعه معاش ۾ هي به مون جهڙن انهن هزارين بيروزگار نوجوانن جو ”پٽي“ ڀائر آهي، جن جو هن جهان ۾ جنم وٺڻ شايد ممنوع هو. جيڪي هن سماج ۾ مس فٽ هوندي هر وقت وڏي ذهني اذيت مان گذرن ٿا. تعليم هوندي به اڻ پڙهيلن وانگي جهنگ جا مسافر ٿي، پاپي پيٽ جو پورائو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات هٿ پير هڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته اهڙن نوجوانن جو ڪو به سياسي سورس ناهي جنهن جي فورس تي ڪا نوڪري وٺي سگهن. سياسي بصيرت هوندي به سياسي سهاري کان محروم هئڻ جو وڏو سبب آهي، ارڏائپ ... ڇاڪاڻ ته سڄو ڏينهن ڪنهن ڀوتار يا سردار جي قدم بوسي ڪرڻ اهڙن ارڏن نوجوانن جي نس ۾ ئي شامل ناهي. معصوم جهڙا سوين بلڪه هزارين ارڏا شاعر ۽ ليکڪ هن وطن جي مٽيءَ جو ڀرم آهن. بک ۽ ڏک سر تي سهي پنهنجي ڀومي جو ڪنڌ سدائين اوچو رکندڙ اهڙا املهه هيرا پنهنجي مقدر جا سڪندر آهن، جن کي ڪنهن به ٽڻي ٽامي سياستدان جي سڻڀي سوس جي ڪا به هير ناهي. اهي پنهنجي اُڃ ۽ بک ۾ ائين خوش آهن، جئين بن جا هرڻ رُڃ ۾ ڊوڙون پائي گُد ڏيئي خوش ٿيندا آهن. معصوم به اهڙن ارڏن نوجوانن مان هڪ آهي ۽ گهڻن لاءِ رول ماڊل به.
مٺي شهر جي موڪري چوڪ تي پارڪ جي ڀر ۾ ننڍڙڻي مانڊڻي هلائي پنهنجي غريباڻي گهر جو گاڏو گيهلندڙ هي نوجوان دل جو درياءُ آهي. شهر جي وچ ۾ ادبي اوطاري جهڙو ڏيک ڏيندڙ هن جي مانڊڻي اسان جهڙن واندن لاءِ نه رڳو وندر ۽ ورونهن جو وسيلو آهي، پر ساڃانهه جو سڏُ پڻ آھي. معصوم هر آيل جو آدر ڪندي هر وقت ائين چوي ٿو بقول ڪبير
”ڪبيرا کڙا بازار ۾ سب ڪي مانگي خير، نه ڪسي سي دوستي نه ڪسي سي وير“ معصوم جي شاعر ٿيڻ ۾ جتي حالتن جو وڏو هٿ آهي، اتي ڏاتار وٽان مليل ڏات جي به وڏي ڏيا آهي. معصوم فطرتي طور محبتي ماڻهو آهي. هو ڪنهن آهو چشم ڀنڀيءَ جي ڀنڀول ۾ اچڻ کان پوءِ اداس شاعر ٿيو آهي يا ڪنهن موڀي پُٽ جي موت جي جهوريءَ ۾ جهريل ڪنهن اڀاڳي جيجل جي نيڻن مان وهندڙ لڙڪن جي جهرڻن ۾ لڙهي ويو آهي. هو ڪنهن نياڻيءَ سان ٿيل ناسور جهڙي ناحق تي سراپا احتجاج ٿي شاعر بڻيو آهي يا ڪنهن سفاڪ شڪاري هٿان شهيد ٿيل پنڇيءَ جي پهرين سڏڪي تي ريگستان جي رڙ جهڙو شاعر بڻيو آهي. ڪا به خبر ناهي، پر جئين به ٿيو آهي ڪمال جو ڪوي بڻيو آهي...!!
هُو جنهن جي وشال بينن جي بزم گاه ۾ بيوسيءَ جو بزم سخن هر مهل متل آهي. هو جيڪو مور وانگي معصوم آهي! معصوم ٻار به هوندا آهن جيڪي گناھ گار هوندي به شبنم جي قطري جيان پويتر ۽ پاڪ هوندا آهن. معصوم پکي به هوندا آهن، جيڪي شور ڪندي به سندر لڳندا آهن. معصوم عورتون به هونديون آهن، جيڪي مرڪندي مرڪندي ڪيئي سُورما شهيد ڪري وينديون آهن پوءِ به انهن تي پيار ايندو آهي. هن معصوم جي معصوميت هن جي چهري جي چنڊ کان وٺي ڪويتا جي ڦلواڙي جي هر ڦُل ۾ عيان نظر اچي ٿي. معصوم جي چهري جي چتر ريکائن ۾ ازلي وينجهر معصوميت جا ڪيئي رنگ ڀري ڇڏيا آهن. سانتيڪي سڀاءُ واري هن ڪم گو ڪويءَ جي من سمندر ۾ جڏهن به سورن جو سائيڪلون اٿندو آهي تڏهن ڪنهن غزل چشم گجر جي گهُور جهڙا غضبناڪ غزل قلم سفيني جي سهاري قرطاس جي ساحل سان ٽڪرائيندا آهن، ۽ هو لڙاٽيل اکين کي آٿت جي رومال سان اگهندي، هن بي حس سماج ۾ وري به نئين سر جيئڻ جا جتن ڪندو آهي. هُو هڪ حساس دل شاعر آهي. هُو جڏهن به ڪنهن مفلس کي ماني ڳڀي لاءِ اميرن جي درن اڳيان اوبر کائيندي ڏسندو آهي. تڏهن هن جي نيڻن جي نيلگون نگريءَ ۾ نراسائيءَ جا نيرڳ تري ايندا آهن. هي بي انتها روئڻ چاهيندو آهي. پر لڙڪ بک کائي ويندي آهي. سڏڪا صحرا جي اڃ پِي ويندي آهي. هُو تڙپي اٿيندو آهي. انهن بي پهچ ماڻهن لاءِ جن کي هن سماج اڃا ماڻهو تسليم ئي ناهن ڪيا. ادب جي اڙانگي مارگ تي مسافري ڪندي ڪندي ڪنهن اڻ ڏٺل منزل تي پهچڻ جي من ڀاونا ۾ هن جا پير پٿون به ٿيا آهن، پر هن مُڙي ناهي نهاريو. ابتدائي مرحلي ۾ هن ڪهاڻيون لکيون جن کي پڙهندڙن وڏي موٽ ڏني .هن ڪٿائون لکيون انهن وجودن تي جن جا ڏاکڙا ڏسي رب کي به رحم اچيو وڃي. هن ڪهاڻيون لکيون انهن هارين تي جن جي نارين سان ناانصافي ڪندي ڪمندار ۽ زميندار هن سماج ۾ برسيگ جهڙا نڪ کڻي ڪر مٿي ڪري گهمندا رهيا. هن لکيو خانه بندوشن جي انهن خيمن تي جن ۾ ماھ جبين جهڙيون مورتيون پنهنجا چرميءَ جي داڻن جهڙا چم ماءُ تي گار جهڙي ڪنهن ڪٺن مجبوريءَ ۾ ڏکن جي ڏاگهه تي چاڙهي جيئري جلي ويون. هن لکيو انهن فقيرياڻين جي ڦاٽل چولين تي جيڪي ڳڀي جي ڳولا ۾ ڪن غليظ هٿن جي گٽرن ۾ پنهنجا نيلوفر جهڙا ننگ نيلام ڪري آيون ..! هن لکيو انهن پکين جي پرن تي جن جي گهرن کي بارش پنهنجي مستي ۾ ميساري ڇڏيو...!
ڪهاڻيون لکندي لکندي نيٺ هي ڪوي بڻجي ويو. الئه ڇو...؟ شايد ڏات جي ڏهگڻي ديوي هن جي من ۾ مرڪي ائين چيو هجي ته ”جٿ ڪوي پڳا اُٿ روي اي ڪو پڳا“ ۽ هي فلسفو هن جي دل کي وڻيو هجي. ان ڪري هن ان ڳالهه تي عمل ڪيو هجي.
هن جي خوبصورت شاعريءَ تي ڪو خوبصورت شاعر ئي صحيح نموني ڳالهائي سگھي ٿو. آئون هن جي اعليٰ پائي جي شاعريءَ سان نڀاھ نه ڪري سگهندس. هن شاعريءَ جي سفر ۾ نظم به لکيا آهن، پر گهڻي ڀاڱي غزل لکيا آهن. جيڪي فني توڙي فڪري لحاظ کان بنهه پخته ۽ نواڻ سان ڀرپور نرالا آهن. هُو پنهنجي ماھ ڪمال جهڙي محبوبه جي ساروپن ۾ ڇال ڏيندڙ تال پخال کي پنهنجي ڌرتيءَ جي دڳ دڳ جي سندرتا سان ڀيٽي هئين چوي ٿو!
سونهن سانگهڙ ٺٽو لاڙ سارو اُتر
ٽهڪ آدم ٽنڊو مرڪ مورو هُيو
هن جي هڪڙي خوبصورت غزل جو هڪ بند آهي.
رات جي پوئين حصي کي بند ڪمري ۾ پيئون
ننڊ جي پوءِ نبض تاڻي ڪاڪلن تي ڪر ڏيون
ڇا ته شعر آهي! رات جي پڇاڙڪي پهر ۾ پرڀات جي شبنمي ويلي ڪنهن بند ڪمري ۾ شيمپئين جهڙي سونهن مان سُرڪ ڀري، ننڊ جي نڙيءَ تي نُنهن ڏيئي، پوءِ ڪجل جهڙن ڪاڪلن تي ڪنڌ رکي ترنم ۾ سمهڻ جو آرٽ ڪو معصوم جهڙو ڪوي ئي ٻڌائي سگھي ٿو.
جڏهن وار سيني لاڙي سُتي هوءُ
اکيون بادلن ٿي ڀڳيون دير تائين!
ڊڀن جيڏا ڊگها ۽ لاسوئن جهڙا لسا وار سيني تي لاڙي ستل ڪنهن وينگس کي آوارھ بادلن جو دير تائين اکيون ڀڄڻ به هڪ دلربا منظرڪشي آهي، جيڪا معصوم هڪ غزل ۾ ڪئي آهي.
هي حياتي هاڻ پنهنجي وس ڪٿي آهي رهي.
ڇو نه اهڙي درد جي اختيار مان نڪري وڃون!
اي منهنجا همسفر دوست! هي حياتي واقعي وس ۾ ڪرڻ ڪٺن آهي، خاص ڪري ان ماڻهو لاءِ جنهن کي بيوسي، مايوسيءَ ۽ مفلسي دردن جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو هجي، پر پوءِ به وڌوا جي ٽهڪ جهڙي هن ڦڪي حياتيءَ ۾ مليل دردن جي اختيار مان نڪرڻ نه گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڻ ڀٽائيءَ جي ان ڀيد جا پوئلڳ آهيون جنهن ۾ مرشد سکائون ڪري سور پالڻ جو سنديش ڏنو آهي. معصوم تون دردن جي اختيار مان نڪري سڀ ڪجهه ٿي سگھين ٿو پر شاعر نه.......!! تون جڏهن دردن جي اختيار مان نڪري ويندين تڏهن تون هير سيالڻ کي اهڙا خط لکي ڪون سگهندين، جن کي پڙهي گهڻن جي روحن جا رانجهن تڙپي پوندا آهن. سو پيارا ڏاتار وٽان مليل هر ڏک جهولي پائي جهل، ڪڏهن به مايوس ٿي اهڙي ڳالهه نه ڪر...!
***