شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ڀيرولال سُوٽهڙ

ھُن جو نالو ته ڀيرو لال آھي، پر دُنيا هن کي چيلهار جي چُمي طور سُڃاڻي ٿي. چيلهار جنهن جي چانڊوڪيءَ جا پنهنجا پُور ۽ نُور آھن، ته صبح جي به پنهنجي الڳ سُونهن آھي. چيلهار جنهن جو سنڌي ادب جي آڪاش ۾ چمڪندڙ پنهنجو الڳ سِجُ آھي. جنهن جو پرتوو پوري ساهتيه کيتر ۾ سهائي ڪري بيٺو آھي. چيلهار جنهن جو سخاوتيءَ وارو پلڙو گهڻن کان ڀاري آھي. اُن چيلهار جي چُمي ڀيرو کي چوندا آھن. ڀيرو جيڪو هر ڪنهن جو ڀلو سوچي ٿو. هُو سوچي ٿو ته مُنهنجو ديس سدائين سائو ھُجي. ماڻهو سُکيا ستابا هُجن. هُن جو ادب سان وڏو لڳاءُ آھي توڙي جو هُو اديب ناهي، ۽ نه ئي اديب ٿيڻ جو ڪو شوق اٿس، پر پوءِ به هُن کي شاعري وڻي ٿي. هُو نثر پڙھي ٿو. سنڌ جا سوين اديب هن جي دوستيءَ جي داڳي ۾ موتين وانگي پوئيل آھن. جيڪي هر وقت هن کي چيلهار جي چُمي چئي چاهيندا آھن. هُو آھي به اهڙو ئي. اڻ گُهري مليل گُلابي چُمي جهڙو من موهيندڙ.. دوستن تان دل گهوريندڙ هي هٺيلو هنج گهڻن جي من ساير ۾ هر ويل ترندو رهي ٿو. هُو دوستن جي عزت ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
هن جو جنم 2 جنوري 1984ع تي راڻاسر تلاءَ جي ڀر ۾ آباد ڳوٺ بيڀاڻي ۾ جيبوجي سُوٽھڙ جي گهر ۾ ٿيو. هن جو نالو ماتاجيءَ جي آستان تي ڇٺيءَ جو نالو راڻومل ڏنو ويو، پر سندس (ماسي) ماسيءَ جي وَر جو نالو راڻومل هئڻ ڪري هندو ڌرم جي حساب سان وڏي جو نالو نه وٺڻ ڪري پوءِ نالو ڀيرولال رکيو ويو. هي ٽن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر آھي. ڀيرولال پرائمريءَ جا پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول سوٽھڙن جو تڙ ۾ پاس ڪيا پوءِ ڇهين ڪلاس کان ڏھون ڪلاس گورنمينٽ هاءِ اسڪول چيلهار مان 1999۾ پاس ڪيا. هي ستين ڪلاس ۾ پڙھندو هو تڏھن سندس پتا شري پرلوڪ پڌاري ويا. پتا جي ديهانت کانپوءِ گهرو حالات صحيح نه هئڻ جي ڪري مئٽرڪ کان مٿي پڙھي نه سگهيو. جنهن جو ڏُک اڄ به هن جي دل کي ڌڪ هڻي ٿو. پوءِ روزگار جي سانگي بدين ضلعي جي شھر گلاب لغاريءَ ۾ ريزڪي دُڪان تي ملازمت ڪرڻ لڳو. آگسٽ 1999ع کان 2008 تائين ملازمت ڪئي تنهن کان پوءِ پنهنجي هلڪي ڦُلڪي ذاتي ڪاروبار لاءِ ڪپري موريءَ ۾ ريزڪي دُڪان کوليو. انهي عرصي دوران تمام پيارا باذوق دوست ملندا رهيا، جن سان ڪچهريون ٿينديون رهيون، جن جو ساٿ ڀيرو جي زندگيءَ ۾ اونڌاهيءَ ۾ چنڊُ وانگي رهيو. وري به قسمت ساٿ نه ڏنو ۽ 2010ع جي ٻوڏ ۾ فصل ٻڏي ويا ڪاروبار پوئتي ڌڪجي ويو. نيٺ پنهنجو دڪان مجبور حالاتن جي ڪري بند ڪرڻو پيو. پوءِ ٻه مهينا گهر بيروزگار ويهڻ کانپوءِ 2011ع ۾ هي بلوچستان صوبي جي ضلعي ٻيلو جي شھر وندر ۾ زرعي دوائن جي اسٽور تي ملازمت ڪرڻ لڳو. هن حياتيءَ ۾ ڪٿي به ٿڪ نه ڀڃيو ۽ نه ئي همٿ هاري ويٺو. وندر ۾ پنج سال ملازمت ڪيائين انهي عرصي دوران به ڪيئي سُٺا دوست ملندا رهيا. انهي کانپوءِ ھن جي پياري دوست مرحوم زوهيب مري صاحب جي پرزور اسرار تي ٺٽي جي شھر ميرپورساڪرو ۾ ٻه سال ملازمت ڪئي. انهي کانپوءِ اپريل 2017ع کان پارٽنرشپ تي ڳاڙھو شھر ۾ ڪاروبار جي شروعات ڪئي. هن سان گڏ سندس پيارو دوست سُٺي اخلاق جو مالڪ سني کتري به ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آھي. مالڪ جي ڪرم سان هن وقت سندس سُٺو وقت گذري رهيو آھي.
هن جي زندگيءَ جا وڏي ۾ وڏا ڏکوئيندڙ واقعا سندس بابا صاحب جو پرلوڪ پڌارڻ ۽ سندس زرعي فيلڊ ۾ استاد پياري دوست ساٿي زوهيب مري صاحب جو وڇوڙو آھي، جيڪو ڪُجهه وقت اڳ ۾ هرٽ اٽيڪ جي ڪري ڀرپور جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جو سدائين هن جي مٿان شفقت ڀريو هٿ هوندو هو. کيس ڀائرن کان وڌيڪ ڀائيندو هو. ان جي وڇڙڻ کانپوءِ زندگيءَ تان اعتبار ئي کجي ويو آھي.
2018ع ۾ هن هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪري هڪ فورم سماجي سٿ چيلهار جي نالي سان جوڙيو آھي. جنهن جي پليٽ فارم تان هن مهانگائيءَ جي دور ۾ به جڏھن به کيسو اجازت ڏيندو آھي ته ڪو نه ڪو ادبي پروگرام ڪرائيندو آھي. آئون کيس انهي عمل تي جس ڏيان ٿو.