شنڪر ساگر
لِڪ لڪوٽيءَ ۾ ،
تنهنجي چوٽيءَ ۾،
منهنجو هٿ لڳي ويو.
تو نڪرڻ جي پئي ڪئي.
وک وڇوٽيءَ ۾
منهنجو هٿ لڳي ويو،
تو گهڻو ئي شرمايو ،
اڏندي پوتيءَ ۾
منهنجو هٿ لڳي ويو...!!
ڏڪاريل ڏيهه جي ان چئورنگ ۽ چلولي شاعر جو اسم گرامي آهي. ”شنڪر ساگر“ . وسيع سمندر جهڙو سريلو نانءَ سندس شاعراڻي سڀاءُ تي ائين ٺهي ٿو جئين منڊي تي ٽڪ ۽ ٽڪي ۾ لاک رتي لِک هو. هُو جنهن جي نرڙ تي نشان نيري امبر تي زرافشان چنڊ جيان سهڻو لڳي ٿو! هن جي شاعري حرفي تجنيس جي حُسن ۾ ٽمٽار آهي.
تنهنجي مستي مور مِثل،
منهنجو منڙو ڊيل ڊنل.
هُو جيڪو پنهنجي وشال سيني ۾ سمايل ڊيل جهڙي ڊنل دل کڻي پنهنجي، ميهوڳي ۾ مست مور جهڙي مخمور محبوبا جي ڳولا ائين ڪري ٿو، جئين ڪو ٻانڌيلو ٻار پنهنجي واريءَ ۾ وڃائجي ويل بلور جي ڳولا ڪندو آهي،
تنهنجي گهر جي سامهون ساگر،
ڳولي پيو ڪجهه ٻارن وانگر.
ريتن رسمن، سماجي پابندين، الزامن، ۽ پهرن جي پنجوڙ ۾ ڦٿڪندي ۽ ڦاسندي به محبوب سان ملڻ جي تمنا کي ترڪ قطعي نه ٿو ڪري. هُو اندر ۾ آس سانڍي رکي ٿو ته؛
ڪڏهن ڇانوءُ تنهنجي وارن جي ملندي،
اها آس دل ۾ اڏيندا رهياسين.
پنڇڻ نيٺ ته پوري ٿيندي،
آس انهيءَ ۾ جئيندو آهيان،
جل ٿل بادل جهڙي بانوري محبوبا جي، وڄوٽي جي وڻڪاري جهڙن ڇتن جي ڇانوءُ ۾، حياتي جي هرڻيءَ کي سڪون جي ساهي پٽڻ لاءِ، آس کي نراس نه ڪندڙ شنڪر ساگر دلفريب دلبر جي دلاسن ۽ دوکن تي ڏک ڪرڻ بجاءِ جيئڻ جا جتن ڪري ٿو، ۽ سمورو غم گلاس ۾ اوتي پئيڻ ۾ ئي جيئڻ جا جواز گولي ٿو.
دلاسن جي دوکن تي جيئندا رهياسين،
مدهوش ٿي پيئندا رهياسين
1964 ۾ مٺيءَ جي مشهور لوهاڻا ڪميونٽي ۾ اک کليندڙ اسان جو هي پرھ جو پياڪ دوست جڏهن ڪڙي ۽ قاتل جا ڪوزا ڀري محبوب جي فراقن ۾ امرت سمجهي اوتي ٿو، تڏهن هن جي من جو ”موهن“ ڪويتا جي بندرا بن ۾، مرلي منوهر جي بانسري وانگي، ڏات جي سارنگي ڇيڙي، خيالن جي خوبصورت گوپين کي، ڪاغذ جي ڪينواس تي نرت ڪرائي ٿو. شاعريءَ جون ڪيئي سُندريون (صنفون) لفظن جا لال روهيڙا گنگهرو پائي هن جي تصورن ۾ تجلا ڏين ٿيون ۽ هو ٻانهون هار ڪري انهن جي آجيان ڪري ٿو، ۽ لکي ٿو پنهنجي دلبند سرتيءَ جي ساروڻين کي ڀلائڻ لئه ڪويتا جا ڪنورا غزل، انهن غزلن جي ڇالن ۾ ڀري تري ساغر جيان ڇلڪي ٿو، هن جو پڪل پيروئن جهڙو مٺڙو پيار، جنهن جي ڇانو ۾ نرت ڪن ٿيون، نرالي نينهن جون اهي ڀنڀن اکين جي ڀير جهڙيو يادون، جن کي ڀلائڻ خاطر هي آلي ڪاٺي جيان دکي ٿو، ۽ ڀري ڀري پيئي ٿو.
ڪي يادون ڀلائڻ خاطر،
مڌ پيالا پئيندو آهيان.
آلي ڪاٺيءَ وانگر آئون،
رات سڄي پيو دکندو آهيان،
ٻارن کي پڙهائڻ واري اهم پيشي سان وابسته هن قربدار ڪوي وٽ نهٺائيءَ ۽ نوڙت ڏات سان گڏ ڏاتار وٽان مليل آهي، اهي گڻ هن کي هڪ سٺو شاعر سان گڏ سٺو انسان به بڻائين ٿا، اهو ئي سبب آهي، جو هن جي دوستن جو دائرو تمام وسيع آهي، هو جنهن سان به ملندو آهي، وڏي پيار ۽ پاٻوھ مان مرڪي ملندو آهي. ان مرڪ ۾ مصنوعيت نه پر نج نبار کير جهڙي خوشبو سمايل آهي!
ڪانگن کي قاصد ڪرڻ، پنهنجي اندر جا آروگ ڪنهن سان اورڻ ۽ سينڌن کي سجائڻ ته سولو آهي ، پر تارن ترسائڻ ۽ سڏڪن کي سرچائڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي، سڏڪن کي سرچائڻ جو آرٽ فقط شاعر وٽ ئي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي ٽٽل دل کي ڏڍ ڏيڻ لئه ڪويتا ديوي پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀريندي آهي، تڏهن ته شنڪر به پنهنجي سرتيءَ کي سمجهائي ٿو ته؛
توکي مان جي ياد پوان پوءِ،
سُڏڪن کي سرچائي ڇڏجان
ڀولي ناٿ جي بودلي دل جهڙو ڀورڙو شاعر شنڪر ساگر منصوعيت ۽ مفافقيءَ کان پويتر ۽ پري آهي، هن سان ته وڏيون ٺڳيون ۽ مڳيون ته محبوبه به ڪندي رهي آهي، پر هو موٽ ۾ مرڪن جا گلاب شاعريءَ جي سڳيءَ ۾ پروئي ساجن کي سوکڙيون ڏيندو رهيو آهي.
پرين تنهنجي پايل پري کان وڳي آ،
لڳي ٿو ته مون سان پراڻي ٺڳي آ.
سنڌي ادب ۽ سوشالاجيءَ ۾ ماسٽر ڪندڙ شنڪر ساگر جي شاعري عام فهم ٻوليءَ ۾ سرجيل آهي، تمام سادڙا لفظ جن کي پڙهڻ سان ماڻهوءَ کي ٻوليءَ تي پيار اچيو وڃي. شاھ عبدالطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ کي دل هندوري ۾ لوڏيندڙ، هن لاڏلي ڪويءَ جي سموري شاعري ٿر جي ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل ڇوڪري جهڙي سادڙيءَ ۽ سهڻي آهي، جيڪا رتن رُخسارن تي مينڍن جا کيڙا ٺاهي، نڪ تي نيل پاليش جا ٽٻڪا ڪڍي، صراحي دار گچيءَ ۾ هنسلي پائي، ڇتن ۾ مَرُووي جي ڇٽڪار ڪري، پنهنجي ميري محبوب سان ملڻ لئه حرس مان هلي ٿي، جنهن کي ڏسي مور مٽڪو ڪن ٿا، ۽ ڊيلون ڊانس ڪن ٿيون. شنڪر جي شاعري ان ٻانهياريءَ جي ٻک جهڙي وڻندڙ آهي، جيڪا اڄ ڪلهه جي هن جديد دور ۾ موبائيل ميسيج تائين محدود ٿي ويل محبت ۾ صفا ڪچي آهي، پر ماءُ جي ممتا جهڙي پيار ۾ سئو سيڪڙو سچي آهي. جيڪا ٻيو ته ڄاڻي يا نه، پر محبوب جي گدلن ڳلن تي چمُيء لئه چپ رکي ٿي ۽ اچانڪ چڪ وجهي ڇڏي ٿي. بقول سعيد سومرو جي ته؛
هوءَ رکي ٿي چپ چمي جي واسطي ،
۽ اچانڪ چڪ پائي ٿي ڇڏي،
فلمن واري فريبي دنيا ۾ اميتاب بچن ۽ شاھ رخ خان کان وٺي شبانه اعظميٰ، ريکا ۽ سميتا پاٽيل جي سُونهن جو عاشق اسانجو هي البيلو شاعر محبوبا جي چنڊ چهري ۽ عرش رنگي آنچل جو به اسير آهي،
تنهنجو عرش رنگي آنچل مونکي ڏاڍو وڻي ويو آ
چنڊ ڪڪرن مان نڪتل مون کي ڏاڍو وڻي ويو آ
شنڪر ساگر شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ هو گهڻي قدر ڪامياب به ويو آهي. هن جا غزل سونيلي جا گل آهن، ته وايون موتئي تُل آهن! هن جا ٽيڙو ٽُڪ جي رليءَ ۾ ٽانڪيل ٽنئور آهن، ته بيت ڪيتڪي گلن تي ڀوئنر آهن! هن جا گيت ڌرتيءَ جي سنگيت ۽ من گهرئي ميت جهڙا موهيندڙ آهن! سموري شاعري سنڌ جي سُرهاڻ آهي، پر نثري نظمن جو ته ملهه ئي ناهي. ڪمال جي ڪلا سان جوڙيل نثري نظمن ۾ ڌرتيءَ جا ڏک بيان ڪيل آهن، پريم ڪهاڻي جهڙي نرالي نوعيت واري موضوع کي نظم جي فارميٽ ۾ فٽ ڪندڙ شنڪر ، ڏيهه ۾ پوندڙ ڏڪارن تي ”ڏڪار جي پڪار“ جهڙو ڏنجهه ڀريو نثري نظم لکي، پنهنجي ڏيهه ۽ ڏات سان ذات کان مٿي پيار ڪيو آهي. هُو ڏيهه واسين جا ڏک چڱي ريت پروڙي ٿو، انهن جي ڏکن ۾ نه رڳو ڏسڪي ٿو، پر ڪمال جون ڪويتائون جوڙي ٿو، ڏياري جهڙي خوشين ڀري ڏڻ تي به ڏيهه ۾ دردن جي جهوري ۾ جهرندڙ جهانگيئڙن کي اداس ۽ وياڪل ڏسي هو دانهن ڪري چوي ٿو ته؛
ڏٺي ڏياري ڏکي ڏيئا ٻاريا،
ويهي پاسي ور جي ڳوڙها پي ڳاڙيا ،
ٻارن پئي ٻاريا پنا ڳولي پٽ تان.
ابول! شنڪر ادا دل ڏاري وڌي ٿئي، هن بيت ۾ سموري ڏڪار جو ڏک سمايل آهي. هڪ غريب ٿاريليءَ جي گهر ۾ خوشين جي تهوار تي ڪو طعام رڌڻ لئه ڪا به شيءَ ناهي، پر پوءِ به هو ڏکاريل دل کي ڏڍ ڏيڻ خاطر ڏيئو ٻاري ٿي، اُداس گهر ۾ پريشان وَر جي پاسي ۾ ويهي ڳوڙها ڳاڙي دل جو بار هلڪو ڪري ٿي، ۽ هن جا بکايل ٻارڙا پاڙي جي ٻين ٻارن کي ڦٽاڪا ڦوڙيندا ڏسي پٽ تان پنا ڳولي ڏيئي ۾ ٻارين ٿا. وڃ ڙي ڇا ته درد ناڪ منظر ڪشي آهي.
واڻيڪي ڪميونٽيءَ سان وابسته هوندي به هُو نه حساب ڪتاب ۾ ڪچو آهي، پر ڌن ۽ دولت ميڙڻ کان به دور آهي. هن جي حياتيءَ جي ڪُل پونجي محبت ۽ ميت آهي، جنهن تي ”گوري تنهنجا نيڻ نشيلا “ جهڙا نج نبار نينهن سان ٽمٽار گيت لکي ٿو ۽ چوي ٿو ته؛
نه ملڪيت ملي منهنجي گهر مان ئي ڪا،
رڳو خط ۽ تصويرون هن جون مليون.
سوچون سپنا ۽ ساروڻيون،
منهنجي ملڪيت ٽيئي ٽول.
ساگر کي سُرڪ ۾ سمائي، تن جي توئنس ۾ تڪ ڏيئي پيئڻ واري ڀٽائيءَ جي ڀيد کي، سچي دل سان سويڪار ڪندڙ شاعر شنڪر ساگر لئه دلي دعا آهي ته، شل سدائين سرهو هجي، ۽ پنهنجا پسنديده کاڌا مڇي ۽ منگن جي دال کائي پنهنجي حال تي مست ملنگ ٿي پئيندو ۽ جيئندو رهي. هن جي شاعري جو سج چؤڏس چمڪندو رهي، ۽ هن جي نينهن جو نيرو نڀ جڳا جڳا نيبهُ رهي.