شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ارباب عثمان

ڄاماڻي تَلي وارو ڄام ارباب عثمان، ڪوتاھ قد وارو اهو وڏو ماڻھو هو، جنهن جي وڏ ماڻھپي جو مان ۽ شان اڄ به ڌرتي ڌڻين جي دلين ۾ ڳاڙھي جهنڊي وانگي جهولي ٿو. هُو ڪڏھن به اقتدار ۾ نه هو. هُو ان راجا وانگي هو جنهن جي ڪا به رياست ناهي هوندي. هُو عوام جي دلين جو راجا هو. هن وٽ پنهنجي پرجا هُئي جيڪا هن سان ائين محبت ڪندي هُئي جيئن ڀونئر ڪنول جي گُل سان ڪندو آھي. مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي، ڪُلهن ۾ ٻَپُڙي اجرڪ وجهي، اڇي سلوار ۽ قميص واري وڻندڙ ويس ۾ جڏھن پنهنجي مُنفرد انداز سان هلندو هو تڏھن سامروٽيءَ جا اڇا ڪبوتر آسمان ۾ اُڏندي، هن جي آجيان ڪندا هئا. تلي جي وڏي ڀٽ تي ويٺل مور مينهن کي پُڪارڻ بند ڪري هن جي هلڻ جي حُسن کي پسي کيڙا ڪري خوش ٿيندا هئا. ماڻھن جا ميڙ هن جي اڳيان هٿ ٻَڌي سلام واريندي سرها ٿيندا هئا. سِرنگُهو جي سائي وڻ جهڙو هن جو وجود سموري خطي لئه ڇپر ڇانوَ هوندو هو. ارباب عثمان جي حياتيءَ ۾ سامروٽيءَ جا فيصلا ڪرڻ جي ڪنهن ۾ جُرئت ئي نه هوندي هُئي. مجال آھي جو هن جي تر ۾ ڪو تونگر اچي ڪا پنهنجي پنچائت ڪري وڃي. وڏا وڏا خان خانان هن جي دٻدٻي کان ڌھلجي ويندا ھُئا. سَري جي ساميءَ سان ناانصافي ڪندڙ، هن ڏيهه جي ڏاڍن مُڙسن ڏاڏواڻين جي ڪوچ ڪري وڃڻ پُڄاڻان، سامروٽيءَ ۾ صرف ارباب عثمان جو سِڪو هلندو هو. اهڙو سِڪو جو تاحيات کوٽو نه ٿيو.
هُن سڄي ڄمار ترائيءَ جي تخت ڌڻين سان سياسي طور سمجهوتو نه ڪيو. سامروٽيءَ جا ٻه ننگ دڙنگ سياستدان مشهور هئا جن ترائيءَ سان ٽَڪر کاڌا هئا. انهن ۾ سينگالي جو شير ارباب نور مُحمد ۽ تلي ڄام جو ڄام ارباب عثمان شامل آهن. ارباب عثمان دلير هو ۽ ارباب نور محمد عقلمند هو. دل ۽ ذھن جي ميلاپ هن خطي جي سياسي وقار کي سورنهن ڪرڻن واري آفتاب جهڙو عروج ڏنو هو. نه ڪڏھن ڪنهن کان سينگالو مڙيو نه تلو ڄام جِجهڪيو. وقت جي هنن وير پُرشن پنهنجي ڀوميءَ جو ننگ ۽ ناموس ڪوھ ڪارونجهر جئن بُلند و بالا رکيو.
ارباب عثمان ڪاڄن جو صفا ڪوڏيلو هوندو هو. پنهنجي برادريءَ جي اوڙي پاڙي ۾ ٿيندڙ هر ڪاڄُ ۾ هڪيو تَڪيو بيٺو هوندو هو. ڪاڄن ۾ پنهنجي هٿ سان مهمانن کي ماني وڌي ڏيندو هو. پنهنجي تر جي هر ڪاڄُ ۾ سارتيو ٿي بيهندو هو. ڇَني ۾ اچي هر ماڻهوءَ سان هٿ ملائڻ ۽ حال احوال پُڇڻ سندس سُگڻن ۾ شُمار هو. بادشاهي راند چوپڙ (شطرنج) جو صفا شوقين هوندو هو. ويڙهار جي مالديو سوڍي ٽيلات نيت سنگهه وارن وٽ اڪثر ايندو هو، جتي چوپڙ راند جي وڏي چٽاڀيٽي ٿيندي هُئي.
ارباب عثمان کي اڄ به هن خطي جو هر ماڻھو ساري ٿو. هُو هيڻن جو همراھ هو، هُو ڏُکوندن لئه ڏڍ هو. هُو هر اُن مظلوم جو وڪيل هو جنهن سان وقت جي وڏن ناانصافين جا واھڙ واهيا ٿي. هُو تَر جو وڏو زميندار هوندي به هاري ٿي هلڻ ڄاڻيندو هو. هُو سامروٽيءَ جو اهڙو ڀاڳ سڀاڳ هو جو هُن جي ايامڪاريءَ کي ساري اڄ به ماڻھو ٿڌا ساھ ڀرين ٿا. هُو ته انهن ٺڪُرن جو به ڀرم وير ڀائر هو، جن جون سڱاوتيون سرحد جي هُن پار هونديون هُيون. انهن جي سڱاوتي مسئلن ۾ هر ممڪن مدد ڪندو هو. سُرخي گهوڙي تي چڙھي انهن جو سپاهي ٿي هلندو هو. ڳڻتين ۾ وڪوڙيل مائٽن تان نياڻڪو بار لاهڻ لئه ڪُونج جهڙين ڪُمارين کي چِٽين چانڊوڪين ۾ ڪارا رڻ اُڪاريندي جيڪا ارباب عثمان مدد ڪئي اهڙي ڪو ٻيو نه ڪري سگهيو. ڪنهن ٻئي ۾ اهڙي طاقت به نه هُئي. اُنهن ڌرتي ڌڻين جي ڌيئارين جون دعائون به هن جي ڪنهن ڪم نه آيون. هُو نرينه اولاد کان محروم رهجي ويو. هُن کي اولاد ۾ فقط هڪڙي ڌيءُ آھي، جيڪا سندس ڀاءُ محمد خان جي پُٽ ارباب عبدالرحيم سان پرڻايل آھي. عثمان جو نيڪ نالو ئي سندس نرينه اولاد وارو ننگ رکيو اچي. هُو پل به ماڻھن کان وسريو ناهي. وسريا ته ھُن جا فيصلا به ناهن جيڪي اڄ به عوام جي دل ۽ دماغ تي ڪنهن يادگر فلم جي خوبصورت سين وانگي ڇانيل آھن. هُن جو ڳالهائڻ، هُن جو ويچارڻ، هُن جي نياڪاري، هُن جي ايمانداري، هُن جي منصف مزاجيءَ ۽ نهٺائي کي سامروٽي ڇا، سمورو ٿر ڪونه وساري سگهندو.