شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ديوان ٽيڪچند راٺوڙ

هُو جيڪو راٺوڙ آھي، راٺوڙ جيڪي نه رڳو رڻ جا رانديگر هوندا آھن، پر راڄن جا رکوالا ۽ جان جي بازي لڳائيندڙ بازيگر به هوندا آھن. راٺوڙ جن جي وشال سينن ۾ ساھ کڻندڙ دليون ڪنهن ڪوڏيلي ڪُميت جي ٽاپوليءَ وانگي ڌڙڪنديون آھي. اُنهن دلين جي ديده دليريءَ جا واکاڻ اِتهاس جي ورق ورق ۾ ائين چِٽا پسجن ٿا جيئن عالمسر جي ڏهر ۾ ويسونيءَ جا گُلابي گُل سائي گاھ ۾ چِٽا ٿي بيهندا آھن. راٺوڙ جن جي نيڻ نهار به ڪنهن فاتح سپهه سالار وانگي تجلادار هوندي آھي. هُو جيڪو پنهنجي تاريخي وطن جو اهو وارث آھي جنهن کي فقط تاريخ ئي سُڃاڻي سگهي ٿي، تاريخ جيڪا ڪڏھن ڪڏھن وڏا ظُلم به ڪندي آھي ته ڪڏھن ڪڏھن انصاف به ڪندي آھي.
هُو جنهن جي مينهن وَساڙن جهڙي مُک تي ڀالوا جي ڀِٽُن جهڙو حُسن هر وقت پاڻ پَسائي ٿو. هُن جي چهري جو چندرما سدائين پونم جهڙي پُر نُور پرڪاش سان سرشار رهي ٿو. هُن جي مُک مندر تي مرڪن جا ڏيئا سدائين منور رهن ٿا. هُو جهڙو شڪل جو سُھڻو آھي تهڙو ئي سيرت جو سُندر آھي. هُن جي سوچ ۾ انسانيت هر ڌرم کان مٿاهين رهي ٿي. هُو هر غم ۽ ڳڻتيءَ کان پري رهي جيو پراڻين جي سهائتا لئه سوچي ٿو. هُو سوچي ٿو ته مُلڪ جو هر ٻار تعليم سان سرشار هُجي. تعليم ئي هن ملڪ جي ترقيءَ ۾ واڌارو ڪري سگهي ٿي. ان سوچ کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ هن پنهنجي والد صاحب جي نالي تي ڏيپلو ۾ هڪ اسڪول به کوليو آھي، جنهن ۾ ديس جا سوين ٻارڙا تعليم جهڙي زيور سان آراسته آھن، جن جي دعائن جا درجا هن کي اڄُ به ملن پيا ته مستقبل ۾ به ملندا.
هُو منهنجي پاڙيسري ڳوٺ ويڙهار جو وير پُرش وجود آھي. جنهن جي من موهيندڙ چهري تي ترندڙ تبسم پَسي ماڻھوءَ جا ٿَڪُ لهيو وڃن. ويڙهار جنهن ۾ الله لوڪ درويش ڀڳت جيرام داس جي آخري آرام گاھ آھي. ڀڳت جيرام داس، جنهن ڇهه مهينا هڪڙي کارڪُ ۽ کير جي لپ تي گُذارو ڪندي، زير زمين غُفا ۾ تپسيا ڪري پرماتما پاتو هو. جنهن جي دعائن ۽ ديائن سان اڄ ويڙهار آروکيءَ کان گوءَ کڻي ويو آھي. مالديو سوڍن جي ٽيلي ڌڻي ٽيلات نيتسنگهه سوڍي جو هي ڳوٺ تعليمي ۽ تدريسي لحاظ سان ٿر ۾ اول نمبر تي آھي.
هُن جو جنم ويڙهار جي هڪ پرائمري ماستر سائين آسن داس جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب حاضر سروس ئي گُذاري ويو، والد صاحب جي پرلوڪ پڌارڻ وقت ديوان جي عُمر ٽي چار سال هُئي. کيس تعليم ڏيارڻ کان وٺي پالنا تائين سندس والده ڪئي. سندس والده هُنر مند ۽ سُگهڙ عورت هُئي، جنهن ڀرت ڀري هن جي نه رڳو صحي نموني پرورش ڪئي، پر اعليٰ تعليم به ڏياري، اهڙي پورهيت ۽ بهادر ماءُ کي لک سلام. تاريخ 18 آگسٽ 1966ع تي جنم وٺندڙ ٽيڪچند ابتداعي تعليم سندس اباڻي ڳوٺ مان پرائي ۽ بعد ۾ مختلف شھرن ۾ پڙھندي گريجوئيٽ ايم اي اڪنامڪس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. مختلف هندن تي غير سرڪاري ملازمت ڪندي نيٺ سرڪاري نوڪري ملي ويئي. هن وقت هاءِ وي ڊپارٽمنٽ (ورڪس اينڊ سروسز) ۾ ملازمت ڪري رهيو آھي. ملازمت دؤران هن گهڻو وقت سنڌُ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ گُذاريو آھي.
ديوان ٽيڪچند راٺوڙ ڳوٺ ٽُوھ مان شريمان پونجراج ولاسائيءَ جي گهران شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پُٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد آھي. سندس وڏ ڪنور ڌيءُ مادر علمي سنڌ ورسٽي ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙھي ٿي، ۽ وڏو پُٽ اقراءِ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ سافٽ ويئر انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ زير تعليم آھي. ان کان ننڍي نياڻي دي سٽي اسڪول جناح ڪئمپس حيدرآباد ۾ اي ليول ميڊيڪل ۾ پڙھي ٿي، ان کان ننڍي ڇوڪريءَ دي سٽي اسڪول جناح ڪئمپس حيدرآباد ۾ نائين ڪلاس ۾ پڙھي ٿي، تنهن کان ننڍي نياڻي ساڳي اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙھي رهي آھي، ۽ سڀنيءَ کان ننڍو پُٽ ساڳي اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ زير تعليم آھي. سلام آھي ديوان ٽيڪچند صاحب کي جنهن تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾ اولاد کي برابر سمجهيو. نه رڳو پُٽن سان پيار جتايو پر نياڻين سان به ساڳي نڀاءَ رکيو. سموري اولاد کي تعليم جهڙي زيور سان نوازي سندن زندگين کي سُڌاريو آھي.
ديوان ٽيڪچند مهمان نوازيءَ ۾ به پنهنجو مَٽ پاڻ آھي. ٿر جي شاندار ثقافت کي هُو ٺٽي ۾ به ساڳي ٺاٺ باٺ سان برقرار رکيو اچي. تاريخ ۽ تهذيب سان دلچسپي رکندڙ ڌرتيءَ جو هي دراوڙ پنهنجي خطي جي وڏي خوبصورتي آھي. ايڪهتر ۾ وطن کان وڇڙيل جگاريءَ جو جوان سُوروڀاءُ سوڍو جڏھن وديس مان ديس آيو هو تڏھن ٽيڪچند جيڪا مهماني ڪئي هُئي اُھا تاريخ جي ورقن ۾ ڀلي کڻي نه اچي سگهي آھي پر صدري ساهتيه جو حصو ضرور بڻي آھي. راجپوتن جي روايتن ۽ اصُولن سان محبت ڪندڙ هي راٺوڙ دوستيءَ ۾ به دل سان نڀائيندڙ آھي. ڄاريلي جي ٺَڪرن تي ڪيل هن جو ٿر جيڏو ٿورو ٿر جي تاريخ ۾ رقم ڪرڻ جهڙو آھي. هڪ بي گناھ کي پنهنجن ئي وڏي ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، پر ديوان جي دل هُئي جنهن راڄوڻي ڪري ان مسڪين جا هٿ ڪڍرايا نت لُڙھي وڃي ها. ٺٽي ۾ ٽيڪچند جي وڏي راهي پوکي آھي جنهن جي هر ماڻهو گواهي ڏيندو.