شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

غُلام رسول نهڙيو

چيلهار جنهن ۾ جُوجهار سنگهه ساڏُور جي هڪڙي ڄار مشهور هوندي هُئي، جنهن هيٺ ويهي هُو مهمانن کي مان ڏيندو هُو. هُن وٽ ڪا به اعليٰ قسم جي اوطاق اڏيل نه هوندي هُئي، پر ماڻهن کي آدر اھڙو ڏيندو هو جو راڄ پيا تذڪرو ڪندا هُئا. هن وقت نه جُوجهار آھي ۽ نه ئي اُن جي ڄار..وقت پنهنجي عقابي چنبن ۾ سڀ ڪُجهه لوڙھي ويو، پر چيلهار اُتي جو اُتي چمڪي پيو. چار يُڳن تائين آباد رکڻ واري چارڻن جي دُعا چيلهار کي جيئن جو تئين شاد رکندي آئي آھي. ان شاد باد چيلهار ۾ جُهوجهار سنگهه جي پاڙيئي جي ڀرسان هيلون هڻندڙ راڻاسر ترائي جي اوڀر ۾ عمرڪوٽ واري روڊ ڀرسان اُڀرندي هڪڙي قديم ديوي آھي. اُن ديوي هيٺ هڪڙو درويش جي دل جهڙو دلربا ماڻهو اوهان کي هر ويل هٿيڪو ملندو. هُو ديوي هيٺ ويهي جُوجهار سنگهه سوڍي جون سڪون لاهي ٿو. هُو آيل مهمانن کي ايڏو ته آدر ڏئي ٿو جو اکيون ڀرجي اچن ٿيون. اکيون ان ڪري ڀرجي اچن ٿيون جو هُو جسماني طور معذور آھي، اُٿي به نٿو سگهي، پر مهمانن سان گلي ملڻ لاءِ اُتاولو ٿي ويل چيئر تان اُٿڻ جي ڪوشش ڪندي اهڙي ته حُب سان ملي ٿو جو ماڻهوءَ جي دل ۾ هن لاءِ ديا جو درياءُ اُٿلي پوي ٿو. هُو جسماني معذور ضرور آھي، پر ذهني معذور قطعي ناهي. هُو دل جو درياءُ آھي. هُن کي اڌ سنڌ سُڃاڻي ٿي، هن سان پيار ڪندڙ شاعر، اديب، صحافي ۽ سياستدان سڀئي هُن کي ديوي وارو مُرشد چوندا آھن. هُو ديوي هيٺ ويهي مهمانن کي مان ڏيندي نه رڳو چيلهار جا ڀُڄيا کارائي ٿو، پر پنهنجي درياءُ دل جيڏي وسيع دسترخوان تي سجايل ڍاڪُون ۾ ڍڪي ماني به کارائي ٿو. هُو رڳو نالي ۾ نهال ناهي، پر هر ماڻهو سان محبت ڪندڙ اهو مهمان نواز آھي، جنهن جي ڏنل مان ۽ عزت جو ڀلا ڪير ٿو منڪر ٿي سگهي؟ هُو پنهنجي ڪار ۾ پاڻ کڻائي به سنگت کي راڻاسر گهمائي ٿو. ديوي ڀرسان هن جو ننڍڙو دڪان پڻ موجود آهي. ان دڪان ۾ هڪ ڪمپيوٽر پيل آھي جنهن تي هي سنڌُ جي مختلف شاعرن جي شاعريءَ کي ڊزائن ڪري شوشل ميڊيا تي رکندو آھي. ۽ شاعرن جي جنم ڏهاڙن تي برٿ ڊي ڪارڊ ٺاهي انهن کي شاندار ڀيٽائون پيش ڪري پنهنجي پيار جو اظهار ڪندو آھي. هُو معذور هوندي به پنهنجي حياتيءَ ۾ خوشُ آھي. هُن کي قدرت کان ڪابه شڪايت ناهي، بس هڪڙي شڪايت ضرور آھي ته هن جا انگل آرا کڻندڙ هن لاءِ ڇپر ڇانوَ جهڙو بابل قدرت ڇني ورتو. ڪاڪا جي اچانڪ اولاڪي اسان جي دوست کي ڏاري وڌو آھي.
*