شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ارباب رياض احمد راهمون

سينگالي جي سُونهن، ارباب مقبول احمد جو سڳو ڀاڻيجو ۽ ارباب جان محمد جو لخت جگر ارباب رياض احمد راهمون اُنهن مهان ماڻھن مان هڪ هو، جيڪي تمام ٿوري وقت لئه هن فاني جهان ۾ ايندا آھن، ۽ تمام گهڻن تي پنهنجي گهري ڇاپ ڇڏي ويندا آھن. هُو هڪ اھڙو جَل ٿل بادل هو جيڪو مُڪمل وسڻ کان اڳ ۾ ئي اوڪائجي ويو. هُو سامروٽيءَ جي اُفق تي اُڀريل اهڙو چَنڊُ هو جنهن جي چاندنيءَ ۾ اڃا ڏاندريءَ جا ڏھر مَس سرشار ٿيا تيسين موت جو گرهڻ پنهنجي عقابي گرفت ۾ وٺي ويو. هُو سامروٽيءَ جو اهڙو سج هو جنهن لاءِ ڪيئي سورج مُکي ماندا هُئا. هُو انهن ماڻھن منجهان هڪ هو جن جي عُمر اڍائي ڏينهن هوندي آھي. هُو اُن تاري وانگر هو جنهن کي انتهائي جلدي کڙڻو هو. هُو اُن کُنڀي جيان خوبصورت هو جيڪا وسڪاري ۾ پنهنجي سفيديءَ جي سُونهن وکيري چند ڏينهن ۾ پنهنجو سفر پورو ڪري ويندي آھي. هُو گُل تي ماڪ قطري جيان موتيءَ جي چمڪ بڻجي موت جي اُس ۾ اُڏامي ويو. هُو خوشبوءَ جو جهونڪو هو، پنهنجي نرالي مهڪ ڇڏي موڪلائي ويو.
هُو، جيڪو مسڪين ماڻھن جي سُڏڪن جو لهجو سمجهندڙ اهڙو ماڻھو هو جو ماڻھوءَ کي ماڻھو ڪري سمجهندو هو. ھُو پنهنجن ماڻھن سان ملڻ وقت صفا ننڍڙو ٿي ملندو هو. ادب ۽ احترام هن جي اکين مان پيو پسبو هو. هُو ڏوٿيئڙن جي ڏُکن کي پنهنجي پَتي ۾ کڻڻ واري خفت جو ماهر هو. هُو درمانده دلين جا دُکڙا دور ڪرڻ وارو اهڙو معالج هو جنهن جو خال حال ۾ ڀرجڻ مشڪل بلڪه ناممڪن پڻ آھي. ڇاڪاڻ ته اهڙا ملوڪ ماڻھو، مسڪينن جا مسيحا، ۽ هيڻن جا همراھ صدين جو سوڀاڳيه هوندا آھن. اُهي وڏي وڇوٽي پُڄاڻان پڌرا ٿيندا آھن.
هُو سينگالي جي سرزمين تي سونيلي گُل جيان گؤنچ ڪڍي گُلزار ٿيو هو. هُو راهومڪي بازاز جي ويران صحرا ۾ گُلاب جو گُل ٿي ٽڙيو هو. هُو هن خطي جي خوبصورتي ۾ ويهه وسوا واڌارو هو. هُو ٻار جي هٿ ۾ پوپٽ ۽ ٻال نويلي نار جي صُراحي دار ڳچيءَ ۾ موتين جي هار وانگي حسين هو. هُو وُٺي پُڄاڻان آسمان تي انڊلٺ جهڙي الوڪڪ سُونهن جو مالڪ هو. هُو ڀرئي تُرئي ميلي ۾ ٽهڪ ڏيندڙ ڪنهن جوان جماڻ وينگس جي نڪ ۾ پيل ڦُلي جهڙو ڦُٽرو هو. ڪنهن ڪامڻيءَ جي پيلي پومچي تي ڀريل هُرمچ جهڙو هي حسين ڇوڪرو سامروٽيءَ جي مانگ ۾ سنڌُور جي تِلڪ وانگي سُونهندو هو.
هُو پنهنجي ناني جو نَڪ رکڻ لئه سياست جي کيتر ۾ عوام جو هاري ٿي لٿو هو. هُن وڏيرن واري وڏيرڪي سوچ کي پنهنجي دانا دماغ مان ڪڍي، خلق سان گڏ کلڻ ۽ ملڻ واري ماڻھپي سان ڀرپور سوچ کي اپنايو هو. عوام ۾ انتهائي مقبول پنهنجي مامي ارباب مقبول کان سياست جا گُر پيچ سکندڙ هي ڌرتيءَ جو راڄ دُلارو ٿوري وقت ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيو. هُو ايترو مشهور ٿيو جو هر ماڻھوءَ جي اها وائي وات هُئي ته، هي اڳتي هلي نور محمد واريون سِڪون لاهيندو. ننڍڙي وهيءَ ۾ وڏا وڏا فيصلا ڪرڻ وارو آرٽ هن جي رت ۾ شامل هو، پر ان کي پروان چاڙھڻ ۾ هن جي محنت پڻ شامل هئي. رات ڏينهن عوام جي خدمت ڪندڙ هي سامروٽيءَ جو سڏُ پنهنجا پڙاڏا ڇڏي هميشه لئه هليو ويو.
هُن جي وڇوڙي تي نه رڳو سينگالو سُڏڪيو هو، پر ٻانهياري ڀٽ به ٻانهون ٽوڙي رُني هُئي. راهمڪي بازار جي رڻ پٽ کان وٺي ڏيپلي جي اَڇن ريٽن تائين سمورو صحرا هن مور جي موت تي ماتم ڪده ٿي آسمان سان احتجاج ڪري رهيو هو. سَري جي شام کان وٺي ڪنٺي جي ڪام تائين سموري سيم سوڳ ورتل هُئي. پڇمائيءَ جي پار ويندڙ ڪونجن جي ڪُرلاءُ ۾ مڪلي جهڙي ماٺ ڇانيل هُئي. مورن جون دانهون ٻُڌي ڪويلين ڪوڪڻ شروع ڪيو هو. پوپٽن جي هٿن مان گُلن جا هار ڇڏائجي ويا هُئا. پاڻهيارين جي سرن تي ٻهڪندڙ ٻيهلڙن ڇُلڪندي روئي ڏنو هو. نما شام ويلي واهرن ڏي ورندڙ پکين جي اکين ۾ لُڙڪن جو چوڻو ڦٿڪي رهيو هو. وڏي ورهانڊ وٿاڻن ۾ وري آيل مال جي ڪنڌ ۾ پيل چڙن جون چيخون ٻُڌي ڀاڳين جون دليون دهلجي ويون هيون. سهاڳڻين کان سينڌون سڄائڻ ۽ راڳين کان هارمونيم وڄائڻ وسري ويون هيون.
ارباب رياض احمد جي تڏي تي تعزيت لاءِ آيل ٿر جي وڏن سياستدانن جا تعزيتي نوٽ پڙھي اهو ضرور احساس ٿئي ٿو ته، هي ڪيڏو نه وڏو ماڻھو هو. ونگي جي ڄام ارباب اميرحسن جو فرزنده، موجوده ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ارباب لُطف الله صاحب پنهنجي تعزيتي نوٽ ۾ لکيو آھي ته” مُنهنجو ڀاءُ هو. هن تي هزار دفعه اعتبار هو. اهو هن جو ئي پورهيو هيو نت اسان جا خاندان ماضيءَ ۾ مخالف به رهيا آھن، پر اسان، مرحوم مقبول ۽ مون نئين رشتي جو بنياد جنهن کي رياض وڏي بلندي تي وٺي ويو. ھُو هڪ تاريخ ڇڏي ويو آھي. نوجوانن لاءِ مثال ٿي ويو آھي. هُو هميشه دلين ۾ ياد رهندو“ موجوده ضلعي نائب چئرمين، ڍاٽ جو شهزدو ڪنور ڪرني سنگهه تعزيتي نوٽ ۾ لکي ٿو ته” هي هيڏو وڏو نقصان، هي هيڏو وڏو هاڃو رڳو ارباب رياض جي خاندان جو ناهي ٿيو، پر سموري ٿر جو ٿيو آھي. اسين هڪ پياري ڀاءُ کي وڃائي ويٺا آھيون. پرماتما هن جي پريوار کي شانتيءَ ۽ سهن شڪتي ڏئي.“ ڪاپڙي خان کوسي جو پُٽ عبدالغني خان کوسي لکيو آھي ته” راهمان قوم جي سڀ کان وڌيڪ سياسي حيثيت رکندڙ خاندان جي فرزند ارباب رياض جي اوچتي وڇوڙي تي وڏو ڏُک ٿيو. هن خاندان سان اسان جا تمام پراڻا ۽ سُٺا تعلقات رهيا آھن. اڳتي به رهندا. ارباب رياض سان ضلعي ڪائونسل وارين گڏجاڻين ۾ اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هُئي. هُو تمام ڀلو ماڻھو هو.“ ٿر جو نامور ليکڪ ۽ سماج سُڌارڪ سڪيلڌو راهمون لکي ٿو ته”سينگالي جي سيني ۾ اڃا وڇوڙي جي اُن گهاوَ جو رت سُڪو ئي ناهي، جنهن جي پوري ڪمائي شرافت ۽ سهپ هئي. اڄُ وري اُن اُجڙيل وستيءَ تي وار ٿيو آھي، جنهن جتي جي کنڊراتن ۾ شهنشاهيت جا عڪس جرڪن ٿا. ارباب نُور محمد جهڙي مدبر سياستدان ۽ سردار گهراڻي جو چشم و چراغ پنهنجي ڦُوھ جوانيءَ ۾ سماجي و سياسي پيچرن تي ڪامياب وکون کڻندڙ نوجوان ارباب رياض احمد راهمون اڄ علي الصبح اسان کان موڪلائي ويو. سندس ان ڪمهلي موڪلائيءَ جو درد ماپي نه ٿو سگهجي. هُو اسان سان جڏھن به ملندو هو ته، سندس اها ئي سادي طبيعت نياز و نوڙت جيڪا سندس وڏن کان ورثي ۾ ملي هُئي. اڄ هو اسان وٽ ناهي رهيو، پر سندس يادن جو هڪ نه کُٽندڙ سلسلو هميشه ياد رهندو. اسان سندس خاندان سان هن صدمي جي گهڙي ۾ برابر شريڪ آھيون ۽ ڌڻي در دعاگو آھيون ته سندس روح کي پنهنجي جوهر رحمت ۾ جڳهه ڏي“