شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

هيميڏان چارڻ

هُو جيڪو ڏيوي پُتر آھي. ڏيوي پُتر چارڻن کي چوندا آھن. چارڻ جيڪي صدين جا شاعر هوندا آھن. چارڻن جي دعا پِٽ به هلندي آھي. چارڻ جنهن کي دل سان دعا ڪندا آھن ته، ان جا ٻُڏل ٻيڙا پيڙائن مان پار اُڪري ويندا آھن ۽ جنهن کي پِٽ يا پاراتو ڏيندا آھن ته، ان جي ڪُل کي ست پيڙھين تائين سراپي ڇڏيندا آھن. چون ٿا ته چارڻن جي مُک ۾ مها شڪتيءَ جو واسو آھي، ان ڪري چارڻ ڪنهن سان ملڻ وقت منوار وارو پرڻام به ”جئه ماتاجي“ چئي ڪندا آھن.
مٺڙئي چارڻ جو هي مها ڪوي هيميڏان هن وقت سندس ناناڻڪي ڳوٺ پاٻوهر سوڍا ۾ رهي ٿو. 1955ع ۾ جنم وٺندڙ هيميڏان جي هردي جي هري دُئار ۾ سرسوتي ماتا سدائين اکنڊ جوت جڳائي ويٺي آھي. هُن جي اکين جي جهيڻي ۽ جهڪي ٿيل نور ۾ ڏات جا ڏيئا اڄ به ڪنهن راجائي محل جي جهومر وانگي جرڪن ٿا. هُن جي چَتر ٻوليءَ ۾ هزارين ٻاٻيهن جي مٺاس اوتيل آھي. هُو جڏھن ڳالهائي ٿو تڏھن ائين لڳي ٿو ڄڻ ته آبشارن مان لهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪنهن مصريءَ جا مڻ اوتي ڇڏيا هُجن. هُو جڏھن به ڪا درد ڪٿا ڪبيشري لهجي ۾ ٻُڌائيندو آھي ته هر ٻُڌندڙ جي اک آلي ٿي پوندي آھي. پوءِ اُھا ڪٿا ستي سورٺ جو ڏياچ لئه ڏاگهه تي چڙھڻ هُجي يا واگهجي راٺوڙ سان چارڻ ڪوي جي وفا جو ورڻن هُجي. مومل جو راڻي کي سچ سمجهائڻ لئه مچ ۾ پوڻ هُجي يا مارئيءَ جي جنم بابت حقيقي حوالا هُجن. هُو هر ڪٿا ۾ سراپا درد بڻجي بيان ڪندو آھي.
پنج درجا پرائمري پڙھڻ کان پوءِ غُربت سبب اڳتي پڙھي نه سگهندڙ هيميڏان چارڻ سان منهنجي ملاقات ويجهي ماضيءَ ۾ ٿي آھي. هڪڙي ڏينهن مٺي ۾ رائسنگهه واري جڳهه تي ويٺا هئاسين، رائسنگهه چيو اڄ هلون ٿا پاٻوهر هيميڏان چارڻ سان ڪچهري ڪنداسين. مون چيو جيڪو سنگت جو فيصلو، سو رائسنگهه جو حُڪم اکين تي رکي وياسين پاٻوهر، رات جو هيميڏان چارڻ به آيو. ويچارو ساھُ ۾ ڀرجي مس اوطاق تائين پهتو هو. هاڻ ”ٻُڍا ٿيا ٻل هٽيا“ واري وهيءَ ۾ آھي، پر ٻوليءَ ۾ ٻاجهه اڃا تائين اهو ئي جوانيءَ وارو آھي. کلي ملڻ وارو تمام پيارو ماڻھو آھي. جڳن جي جهوني ۽ صدين جي ساڃاھوند هن ٻارٽ جي ٻار حياتيءَ ۾ ڪيئي ڏُک ڏٺا آھن. ڪڏھن به ڏُکن کان ڏَريو نه، پر سندس لائق موڀي پُٽ جي اچانڪ اولاڪي هن ميرو پربت جھڙي اٽل آدمي کي صفا چُور چُور ڪري ڇڏيو. هڪڙو غُربت جا گهاوَ ٻيو جوان ۽ هونهار پُٽ جو موت ويچاري جا وڻ ئي وڄي ويا. هاڻي بس ساھ کڻي جيئي ٿو. نه اڳوڻو ڪويتا جو شوق آھي ۽ نه ئي ڪچهرين جو ڪوڏ رهيو آھي. پر اسان جي اصرار تي اسان جي دل رکندي هُن واگهجي راٺوڙ جا دُوها ٻُڌايا، جن کي ٻُڌي اسين دنگ رهجي وياسين. ڇا ته راٺوڙ واگهجي هو ۽ ڇا ته چارڻ ڪويءَ جي وفا هُئي؟ سڀ ڪمال. ڪمال ته هيميڏان جي چَوَڪ ۽ مٺي ٻوليءَ جو هو جو منهنجي اکين جو امبر آگمجي چُڪو هو. واگهجي سان چارڻ جي وفا واقعي غير معمولي هُئي. اهڙي دوستي شايد ئي نڀائي سگهي. اڄ ڪلهه جا ماڻھو چون ٿا ته چارڻن راجپوتن وٽان دان پُڃ وٺي انهن کي وڌائي پيش ڪيو آھي، پر ائين نه هو. واگهجي راٺوڙ سان محبت ڪندڙ چارڻ چئن پهرن ۾ چار لک وڃائي ڇڏيا، پر واگهي کي نه وساريو.
هيميڏان چارڻ جي شاعريءَ جو تعداد تمام گهٽ آھي. هن تمام ٿوري شاعري ڪئي آھي، پر جيڪا ڪئي اٿس اُھا گهڻن وڏن شاعرن جي گهڻي شاعريءَ تي ڀاري آھي. هُن جي ڪويتا جو پس منظر وطن جي سڪ، وطن سان وفاداريءَ جي واکاڻ ۽ وطن جي سپوت ڪردارن جي ساراھ آھي. وطن سان مُحبت جي مڪمل تشريح هُن جي هڪڙي دوهي ۾ اهڙي ته زبردست انداز سان ڪيل آھي جو هن جي شاعري تمام گهڻي شاندار، جاندار ۽ وزندار ٿي وڃي ٿي. هن جو اهو هڪڙو دوهو گهڻن جي ديوانن تي ائين ڀاري آھي، جيئن ورهاڱي جي پس منظر ۾ لکيل گهڻن نالي چڙھين ناولن تي سعادت حُسن منٽو جي هڪڙي ڪهاڻي ” ٽوبا ٽيڪ سنگهه“ ڀاري آھي. اچو ته ان دوهي مان حظ حاصل ڪندا هلون.

سِر گهڙو هاٿ ڍينگهڙي، هئه هئه ڪرتو آءِ
او نر ڌر نه ڇڏين آپري، نه تو ڪُڙ ڪپوتران ڪهاءِ

هيميڏان چوي ٿو ته، وطن ۾ ڪهڙا به ڏُک هجن، مٿي تي پاڻيءَ جا مٽڪا کڻي، ڪاڙهن ۾ مال ڪاهيندي، رڙيون ڪندي به جيڪي ماڻھو وطن سان وفا ڪندا آھن، اهي ئي جڳن جي جيت هوندا آھن. اهڙا ماڻھو وطن ناهن ڇڏيندا جي ڇڏي وڃن ٿا ته انهن جو ڪُل (خاندان) ڪپوٽ (نالائق) سڏائي ٿو. اهي پنهنجي پيڙهين جي پَت رکن ٿا.
ٿر جي چند سگهڙن ۾ سُچيت ۽ سريشٺ هيميڏان جي هڙ ۾ هن وقت ڪويتا کانسوءِ ٻيو ڪجهه آھي ته، بس يادون ئي آھن، جن جي سهاري هي جيئڻ جي جستجو ۾ لڳل آھي.

هيما هينئون مَ هار، تئين ڀيڙا شينهن سردار
ڪيهر ناناڻا ڪارواڻي، مهاسينگهه مڻيادار

هُو پنهنجي ڪويتا جي ڪٺمال ۾ جتي ناناڻڪي ڳوٺ جو ننگ پويو اچي اُتي، اباڻي ڳوٺ جي سُونهن ۽ سڀيتا کي به ساڻ کڻيو اچي.

نهڙيا سميجا راهمان چارڻ ڀائي چار
سروي ڪي سريکي مٺڙئي لالي مختيار

مٺڙئي ميگهواڙ ڪاڳيو موٽو ڌاناڻي
تڙھا کڻائي خاصا ڍاٽ نان پايو پاڻي

هُن پنهنجي ٿورڙي شاعريءَ ۾ ونگي جي واڳ ڌڻي کي تمام گهڻو ساراهيو آھي. هُن ترائي جي تاج ڌڻي ارباب امير حَسن کي اٺھٺ رنگ (سلام) ڏنا آھن.

اٺسٺ رنگ امير حَسن را، ميرل ڪُل موڙ
سدا سوڀاڙو ونگو وسي، جو اريان سالي اروڙ

هال هينئان هڙ سمهان، هال اوطاق ارباب تڻي
ڪيڪاڻ ڏي ڪوڏ مان، ونڪو ونگي ڌڻي

هن جتي ونگي جي واکاڻ ۾ ڪويتا جا هار جوڙيا آھن اُتي ڀُڪڙئي جي ڀوپتن کي به هينئن جو هار ڪري پاتا آھن.

گڊ ونگو واس ڪهيجي، ڀُڪڙيو ڀُوپت گام
سدا سخي حَسن، جيرو نو ڪوٽي چاوو نام