شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

رام سنگهه سوڍو

هُو جيڪو ”پرين جي پاڇي“ جهڙي سُرنگي سنڌ جو اهو سڀاويڪ ڪردار آھي جنهن کي تاريخ پنهنجي ترازو ۾ لفظن جي لال ڦُلن سان توريندي، ”جيها جي تيها مون مارو مڃيا“ واري سٽ جي مترادف مهانتا ڏيندي رهندي. هُو هميشه هن وطن جي من ۾ هڪڙي اهڙي ڳوڙھي ڳالهه بڻجي رهجي ويندو جنهن جي سار سدائين سينو سيڪندي رهندي. هُو جنهن جي سڀاويڪ سونهن تي سامروٽي اڄ به مَرڪ ڪري ٿي. هُو سامروٽيءَ جو نڪُ ۽ ڍَڪ هو. ھُن جي پٽڪي جي وڙيءَ جو هر وڙ ماڻھن جي دلين ۾ ونگي وار وانگي وراڪو ڏيئي ويٺل آهي. هن جي تريٽي جي طور جتي انوکي ۽ الڳ آھي اُتي هُجومن ۾ هلڻ واري ٽنڊيلي ٽور به ڪنهن مور جي مينهن وسندي مٽڪو جي مترادف آھي. سدائين شيرواني ۾ سُونهندڙ هُن جي ماڻينگر مهانڊي تي مُڇن جا ونگ هُن جي جونجهارڪي جُنگ هجڻ جي هام ڀرن ٿا. هُو جنهن جي نيڻن جا نقش پسي نه رڳو مالديو سوڍن جي مهانڊن تي سرهائي جي تبسم تري ٿي، پر هن سموري صحرا جي سوڍاڻ هُن جي چهري جي چتر ريکائن جو درشن ڪندي مهڪي ۽ ٻهڪي پوي ٿي. هُو جيڪو آروکيءَ جي نامور نگريءَ جي نيڪ مرد پرٿويراج سنگهه جي پريوار جي پرتيشالي پُرش راڻسنگهه سوڍي جي اڱڻ ۾ اک کوليندڙ اهو ٻاون وير ٻالڪ آھي جنهن پنهنجي نيمي جو نانءُ ملڪن ۾ مشھور ڪيو آھي. هُو جيڪو راڄنيتيءَ جو راڻو آھي. جيڪو پنهنجي پراُپڪاري پيءُ جي پيڙھياتي پَت رکڻ وارو ست نڀائيندي نه رڳو سياست ۾ سوڀارو ٿيو آھي، پر سماجيات ۾ به سڀني کان سُرخرو رهيو آھي. هُن جي ڌيرجوان ديهي جو ڏونگر ڪڏھن به جهڪو ناهي ٿيو. هُو ٻُڍاپي ۾ هوندي به ڪنهن صحتمند ٻار وانگي هر وقت چُست ۽ چؤبند رهي ٿو. هُو جنهن جي نوڙت ڀري نهار تي ٻلهار ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هُن جي ناز نظر ۾ ڪنهن ٻوگهلي ٻار جي اهڙي ننڍاکي مُرڪ جهلڪي ٿي جنهن کي پسي ماڻهو جا صدين جا ٿڪ لهيو وڃن. هن جي پاسي ۾ گهڙي پل گُذارڻ سان ڪيئي ڏُکندا ڏور ٿيو وڃن. هُو جنهن جي ٻاٻهيئي جي ٻاٻيس جهڙي ٻُوليءَ ۾ جيجل جي لولي جهڙو ٻاجهه سمايل آھي. هُن جي شيرين زبان مان نڪتل گياني گُفتن کي ٻُڌي ماڻھو هن جي سحر ۾ جڪڙجيو وڃي. هن جي شيتل پون ۽ سفيد گگن جهڙي شفاف مهانڊي جي گُل تي مون ڪاوڙ جو ڦُل ڪڏھن به نه ڏٺو. هُو انتهائي وڏو ماڻھو هوندي به ننڍو ٿي ھلڻ وارو انوکو هُنر خوب ڄاڻي ٿو. ان هٿيڪي هُنر سان هُو ماڻھن جون دليون کٽي ٿو. هُو اهو باعقل ۽ باضمير مرد آھي جيڪو ويري کي به وس ۾ ڪرڻ واري وٿ به وڏي وس ڄاڻي ٿو. ھُو ڄاڻي ٿو ته دُشمن کي دفع نه، پر فتح ڪيو ويندو آھي.
رام سنگهه سوڍي صاحب جي وڏي ۽ شاندار سُڃاڻپ آھي سماج سُڌارڪ. هُو سياستدان کان وڌيڪ سماج جو نبض شناس معالج آھي جيڪو معاشري ۾ ڦھليل هر مرض کي نه رڳو سُڃاڻي ٿو، پر ان جو علاج ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. هُن جي ٻي ۽ اهم سُڃاڻپ آھي نشن جي نون کان به نفرت ڪرڻ. هُو چاهي ها ته دنيا جو هر نشو حاصل ڪري ٿي سگهيو پر هن ائين ڪيو. هن سماج کي نشن کان بچائڻ خاطر ”نشن جا نقصان“ لکڻ کان پهرين هن پنهنجي ۽ پنهنجي پريوار جي اصلاح ڪرڻ ضروري سمجهي. هُن هر مسئلي کي حل ڪرڻ لئه سماج کان پهرين پنهنجي گهر کان شروعات ڪري گهڻن کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيون هيون. هُن کي انهن هزارين نياڻين جي پاڪيزه هٿن جي دعائن جا درجا مليل آھن جن کي ريتن جي ٻارڻ ۾ ٻرڻ ۽ پيءُ جي گهر وار چاندي ڪرڻ واري روايت کان بچائي ورتيون. هن هزارين پريشان پيئرن ۽ ڀائرن جي ڪُلهن تان نياڻڪو بار لاهڻ لئه آسان ۽ سولا گهيڙ ۽ گنس هموار ڪيا. سڱاوتيءَ واري هن اهم مسئلي جي حل جي شروعات به پنهنجي گهر کان ڪئي. آئون کيس سلام ڪيان ٿو!
مهمان نوازي ۾ به سوڍي صاحب جي پريوار جي پرمپارڪ سڀيتا جي شاندار تاريخ رهي آھي. جنهن جي خوبصورت تصوير هن وطن جي جهونن جي صدري ساھتيه ۾ جئين جو تئين اڄ به آويزان آھي. راوي روايت ٿا ڪن ته آڳاٽي ايام ۾ پرٿوي راج سنگهه سوڍو آروکي ۽ پرتاب سنگهه سوڍو پاٻوهر جي دوستيءَ جي ڌاڪ ۽ هاڪ هوندي هُئي. هڪ دفعي جي ڳالهه آھي ته پرتاب سنگهه سوڍي جي پُٽ جڳمال سنگهه جي ڄڃ ڪڇ ڀڃ ڏي وڃڻ جي تياري ۾ هُئي. پنڌ ڊگهو هجڻ ڪري وچ سفر ۾ مانيءَ جو مسئلو هو. نه مواصلاتي نظام هو. اهڙي دؤر ۾ ڀلا ڄڃ کي ماني ڪير کارائيندو؟ پر ان دؤر ۾ به ڪي مرد مجاهد هئا.اڳي راجپوتي روايتن ۾ پُٽ جي ڄڃ ۾ پيءُ نه ويندو هو. ان ڪري پرتاب سنگهه پنهنجي ڀائٽي کي هدايت ڪئي ته ڄڃ جڏھن آروکيءَ جي اجهور ۾ وڃي تڏھن مڱڻهار کي چئج ته ڌھل تي دُوهو ڏئي. جيڪڏھن پرٿويراج سنگهه ڳوٺ ۾ هوندو ته ڄڃ جي مهماني ڪندو. چوڻ وارا چون ٿا ته، ڄڃ آروکيءَ جي ڏھر ۾ پهتي ڌھلاريءَ ڌھل تي ڏونڪو ڏيئي دوهي ۾ عرض ڪيو اي سخي ڏاتار سوڍا! اسين تنهنجي گواڙي ۾ پهتا آھيون ڄڃ جو سفر ڊگهو آھي اسان جو آجيڪار ڪيو! اهڙي آواز جو پڙاءُ جڏھن پرٿوي راج جي ڪن تي پيو. سوڍي يڪ ساهي ڊوڙي وڃي ڄڃ جي اڳ جهلي. گهوٽ واري گهوڙي جي واڳ جهلي پنهنجي اوطاري ڏانهن ڪاهيندي چيو سڄي ڄڃ کي ڪير سمجهائيندو؟ گهوٽ جي پويان پاڻھي سڀ ايندا. سوڍي پرٿوي راج سنگهه کي سلام آھي جنهن بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي سموري ڄڃ کي ماني کارائي. اهڙو هو رام سنگهه سوڍي جو پريوار...!
هُو جيڪو سياست جي سينوريل ڍنڍ ۾ بيٺل هوندي به هميشه نيل ڪنول جيان نيارو رهيو هو. هُن کي پاپ جو پاڻي سُپرش نه ڪري سگهيو. هُن جو ٻگلي جهڙو اڇو اجرو ڪيريئر ڪاجل جهڙي هر ڪلنڪ کان پاڪيزه ۽ پري رهيو. هُن سياست به اصولن تي ڪئي.جهموري ويڙھ جا جهونا گُر به ڪو هن سماجوادي سوڍي کان سکي، جنهن سياسي توڻي سماجي حوالي سان ڪڏھن به ڪنهن جي دل نه رنجائي. هر ڪنهن جو آدر ڪرڻ هن جي آدرشي گڻن ۾ شامل رهيو آھي. رامسنگهه سوڍو لئي مان لَٺ ڀڃي سياست ۾ ناهي آيو ۽ نه ئي وري ادب کي اڪ جي ماکي سمجهي ان ۾ پير پاتو آھي. هُو باقائده اديب آھي ۽ بنيادي طور ست پيڙھين کان سياستدان آھي! سندس پڙ ڏاڏو پرٿويراج سنگهه انگريز جي دؤر ۾ معافيدار، پوليٽيڪل پينشنبردار ۽ ڪمشنر جا درٻاري هئا. سندس ڏاڏو سميڙ سنگهه به معافيدار ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جا ميمبر هئا. سندس والد صاحب راڻسنگهه سوڍو 1960ع ۾ لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ بيٺا ۽ بنان مقابلي يونين ڪائونسل جا ميمبر ٿيا. ڏيپلو ٽائون ڪاميٽي منظور ٿيڻ کانپوءِ هميشه يونين ڪائونسل ويڙهيجهپ ۽ پوءِ يونين ڪائونسل آروکيءَ جا بنان مقابلي چئرمين ٿيندا رهيا. هاڻ توهان اندازو لڳايو ته سياست ڪرڻ سوڍي لئه ڏائي هت جو کيل هو. ڇاڪاڻ ته سياست هن جي رت ۾ شامل هئي ۽ سوڍي صاحب اها شاندار سياست ڪري به ڏيکاري. پاڻ پهريون ڀيرو سن 1985ع ۾ ايم پي اي جي سيٽ تي اليڪشن وڙھيو ۽ سوڀارو ٿي سنڌ اسيمبلي ۾ ٿر جو آواز بنجي گونجيو. نه رڳو ايترو پر سُتت ئي صوبائي صلاحڪار به ٿيو. آخرڪار ضلع نائب ناظم ٿي سياست کي خيرآباد چوڻ سان گڏ هن خطي کي به الوداع ڪري ويو...! الئه ڇو…؟ اهو سوال هر اهل دل ماڻھوءَ جي ذھن کي جنجهوڙي ٿو. الئه ڪنهن ڪم ظرف جي ويڻ وڍيو يا ڪنهن سيڻ ستايو پر هُو ماٺ ۾ هليو ويو. منهنجي سمجهه مطابق هن کي سندس لخط جگر جي ارٿي رک اسان کان ڏُور ڪيو آھي جيڪو ڀڄ جي ڀوڪنپ ۾ اُتي جي سرزمين جي لحد ۾ لهي ويو هو. پُٽ جي اڪيلائي پيءُ کان مٿي ٻيو ڀلا ڪير ٿو سمجهي سگهي. سوڍي جي پرار پڌارڻ تي ڀلي کڻي ڪنهن تي ڪو فرق نه پيو هجي پر مون جهڙن هزارين مسڪينن جي اُميدن جا لاشا نا اُميديءَ جي لهرن ۾ لُڙھي ويا. سوڍو صاحب هتي هجي ها ته مون جهڙا پٽيوالي جي لئه دردر جا ڌڪا نه کائين ها. سوڍا صاحب اوهان جي وڃڻ کانپوءِ ڀلي ڪنهن تي ڪو فرق نه پيو هجي پر بقول شاعر:
تجهه سي بڇڙ ڪر فرق صرف اتنا هوئا
تيرا گيا ڪڇ نهين ميرا رها ڪڇ نهين

سوڍي صاحب جو تازو شايع ٿيل ڪتاب” ڳالهيون ويچارڻ جهڙيون“ واقعي ڪمال جو ڪتاب آھي! هن ڪتاب جو نالو جيڪڏھن رامسنگهاڻي رهاڻ رکيو وڃي ها ته تمام بهتر هو. ارباب نيڪ محمد صاحب جي ليک جو عنوان اهو آھي. هن ڪتاب پڙھڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ رامسنگهه صاحب سان روبرو رهاڻ ٿي رهي آھي. هي ڪتاب محظ هڪ ڪتاب ناهي، هي ڪتاب رڳو گياني گفتا به ناهن پر هي ڪتاب ”سماج جو سميڌان“ آھي. ڪانسٽيٽيوشن آف سوسائٽي. سوڍي صاحب جي منفرد اسلوب بيان سان سجايل سادڙي ٻوليءَ ۾ تجسُس ڀريو هي ڪتاب سماج جي سُڌاري لئه هڪ نئين راھ هموار ڪندو. توهان هي دوهو ته ضرور ٻُڌو هوندو ته:
پر ڌن پٿر ڪر جانئي پر ناري ماتا سمان
اتني تجئي پرڀُو نه ملي تڇلي داس ضمان
سو آئون به اڄ ڇاتي ٺوڪي دعوا سان چوان ٿو ته هي ڪتاب غور سان پڙھي ۽ ان تي تهه دل سان سوچڻ کانپوءِ ڪير نه سُڌري ته ان ۾ آئون ضامن آھيان.
سنڌڙيءَ جي هن سدا ملوڪ سوڍي جي هشاش بشاش حياتيءَ جي هماليه کي ڪن دلدوز حادثن ۽ واقعن جي واءُ به لوڏيو ۽ ڌوڏيو آھي پر هي اٽل آدمي ڪڏھن به دلشڪستو نه ٿيو. هماليه جيڏي حوصلي سان جيئندڙ هن مهان ماڻھوءَ جي شاندار ۽ جاندار زندگيءَ کي سوانح عمر جي سانچي ۾ فٽ ڪري ڪو ڪتاب يا ليک لکڻ سمنڊُ کي ڪوزي ۾ سمائڻ جيترو ڪٺن آھي. تنهن هوندي به جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان مطابق هي لفظن جي لوئي ڀيٽ ڪئي اٿم..شال ساب پوي...!