رائچند راٺوڙ
بليڪ اينڊ وائيٽ واري پراڻي دؤر ۾ سندس فلمايل ڦوٽو کي ڏسڻ سان لڳي ٿو ته استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق راجستان جي ڪنهن سورج ونسي راٺوڙ پريوار سان هو. مٿي تي راجپوتاڻي وڙي سان ٻڌل ڦينٽو، سفيد ويس ۽ مڇن جا ڪُنڍا ڇلي نما ونگ ڏسي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ڪو رڻ ڀوميو راجپوت امل ڪسونٻا ڪري اجهو يڌ جي تياري ۾ طبل وڄڻ جو انتظار ڪري رهيو هجي. مالڪ هن مهان هستي کي نوراني سونهن سان نوازيو هو. هن جي وشال اکين ۾ اهڙي ڪرشمائي ڪشش جهلڪي ٿي، جو ڪئيي سال پراڻو ڦوٽو به تازگيءَ جو احساس ڏياري ٿو. سر زمين سنڌ جي هن سڀاڳي پُٽ جو جنم 8 ڊسمبر 1912ع تي چتون مل جي گهر ۾ ٿيو. چتون مل چيلهار شهر جو ٻڙهيو ميگهواڙ هو. شريمتي هانسو ٻائي جي ٿاوَر ٿڃ پي وڏو ٿيل رستم رائچند راٺوڙ ٿر جو اهڙو لاکيڻو رتن آهي، جنهن جي چمڪ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ هن ڀومي جي چارن کي تارن وانگي چمڪايو آهي. هن جي شهر آفاق تصنيف ”تاريخ ريگستان “ (ٻن جلدن ۾) جنهن به پڙهي هوندي ، تنهن اهو ضرور چيو هوندو ته رائچند جهڙا مهذب ماڻهو ڪنهن خوشنصيب خطي جي ئي مقدر ۾ ملندا آهن. اهڙا ماڻهو ديومالائي آتما جا مالڪ هوندا آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ سڃاڻي، پنهنجي حصي جو ڪم مڪمل ڪري وٺندا آهن. اهڙن الوڪڪ ماڻهن جا گڻ صديو ڳائينديون آهن. ٿر وطن جو هي مور پنک جهڙو مورخ شروعاتي تعليم کان وٺي ست درجا سنڌي فائينل تائين پنهنجي اباڻي شهر چيلهار ۾ پڙهيو. پڙهائي پوري ڪندي ئي ترت ماستري جي نوڪري ملي ويئي. سن 1928ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مين چيلهار ۾ استاد مقرر ٿيو. بر صغير جي ورهاڱي وقت ٽرنينگ ڪاليج فارمين ۾ هن ٻه سال سکيا به حاصل ڪئي.
استاد رائچند راٺوڙ سرڪاري نوڪري واري وقت سنڌ جي الڳ الڳ شهرن واهڻن وستين ۾ پنهنجا فرض بنهه ايمانداريءَ سان سرانجام ڏنا. خاص ڪري مٺي، ٽنڊو محمد خان، آهوري، ڀوريلو، رائلو ۽ جوڳي مڙهي شامل آهن. استاد جڏهن چيلهار ۾ ڊيوٽي ڪئي، تڏهن سندس دوستن محمد سومار بجير، سائين ڀانو مل ۽ گڻيس داس سان گڏجي هڪ ننڍڙي لائبريري جو به بنياد رکيو. اها لائبريري گڻيس داس جي دڪان ۾ قائم هئي. جتي تاريخ تي وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا.
تاريخ تي بحث ڪرڻ، تحقيق ڪرڻ ٿر جي واريءَ جي سمنڊ کي جهاڳڻ ۽ کوجنا ڪرڻ استاد رائچند جو ننڍي هوندي کان ئي وڏو شوق هو، ان شوق هن کي سڄي عمر سڪون سان ٿانيڪو ٿي ويهڻ نه ڏنو. ڪڏهن گهوڙي تي ته ڪڏهن اُٺ تي، ڪڏهن پير ۾ جُتي ته ڪڏهن پيرين اُڀراڻون پنڌ ڪندو رهيو. جهونن جي سينن جي سمنڊن مان صدري ساهتيه جا موتي ميڙڻ لاءِ هي مرد مجاهد نه ڏينهن ترسيو نه رات.! ڏوراهن ڳوٺن ۾ وڃي ساڃاھ وندن جي ڪچهرين مان فيض پرائڻ لڳو. سفري سهولتين جي قحط ۽ علمي آسائشن جي اڻاٺ جي باوجود هي مڙيو مُور ڪونه. هار مڃي ماٺ ڪري ويهي رهڻ هن جي وڙ ۾ ئي نه هو، ڇاڪاڻ ته هن پڪو پهه ڪيو هو ته، ڪيئن به ڪري ٿر جي تاريخ ضرور لکندس. ٿر جي تاريخ لکڻ ڪو مذاق نه هو. هي انتهائي غير معمولي ڪم هو پر، چوندا آهن ته، همٿ بندو مدد خدا! سو هن همٿ ڪئي ۽ مالڪ هن جي سهائتا ڪئي. ڏھ ٻارنهن سالن جي مسلسل جدوجهد کان پوءِ نيٺ وڃي هن گهڻي ڀاڱي مواد هٿ ڪري ورتو. سال 1947ع ۾ جڏهن محمد اسماعيل عُرساڻي مٺيءَ ۾ پهريون اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو تڏهن هن پنهنجو لکيل سمورو مواد سائين کي ڏيکاريو. عُرساڻي صاحب مواد ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته جلد ڪتاب لکي پورو ڪر. آئون مدد ڪندس. عرساڻي صاحب جي ڪيل همٿ افزائي هن جي اندر ۾ توانائي وارو ڪم ڪيو ۽ هن ڪم کي جاري رکيو. 1950ع ۾ جناب مير محمد بخش خان ٽالپر سان ملاقات ٿي. جنهن به کيس همٿايو ۽ ڪجهه ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا ۽ چيائين ته ڪتاب لکي پورو ڪر. تنهن کان پوءِ رائچند صاحب سڄو مواد نئين سر سنواري سڌاري وري لکيو. جيڪو عوام جي هٿن تائين ”تاريخ ريگستان “ ( ٻه جُلد ) جي نالي سان پهتو ، جنهن کي پڙهي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته، هڪ ميگهواڙ ماستر هيڏو وڏو ڪم ڪيئن ڪيو. انهن کي شايد اها سُڌ نه هئي ته ” ڏات نه آهي ذات تي جو وهي سو لهي“ ڇوت ڇات واري قهري دور ۾ جڏهن ميگهواڙن کي اڇوت جي ذمري ۾ آڻي، انهن سان ڳالهائڻ به گناھ تصور ڪيو ويندو هو، انهن کي ڀلجي ڇهڻ کان پوءِٰ ” سوناڻي پاڻي “ جو ڇنڊو هڻايو ويندو هو. ڪنهن وار پرٻ تي انهن جو مُنهن ڏسڻ به پاپ سمجهيو ويندو هو. جڏهن اڇوتن لاءِ اعليٰ ڪپڙا پائڻ به منع هو. جڏهن ڌرمي ڪتابن تي صرف هٿ ٺوڪين روايتن آڌار اتم ذاتين جو قبضو هو. جڏهن ڀڳوان جي گهر مندر جي اندر به ڀيد ڀاوَ وارو برتاوَ ڪيو ويندو هو. اهڙي درد ناڪ دؤر ۾ ڪو ديومالائي ڪردار ئي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي سگهيو ٿي. اهو ديومالائي ڪردار رائچند راٺوڙ ئي هو. جيڪو پنهنجا برتن ساڻ کڻي وقت جي ”وڏن“ جي اوطارن ۾ پٽ تي ويهي، پنهنجو پاڻ کي ننڍو ڪري به ٿر کي اوچو ڪندو رهيو. هن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي. جتي به ويو صرف ٿر لاءِ ويو ۽ ٿر جي ڳالهه ڪئي. هن کي ٿر جنميو ۽ هن ٿر کي صدين لاءِ جيئدان ڏيئي ڇڏيو! هن مرد مجاهد غير جانبدار ٿي تاريخ لکي آھي، هي جانبدار به ٿيو آھي ته صرف ٿر جو، هن ذاتي بغض ۾ اچي ڪنهن سان به ناانصافي ناهي ڪئي، هن ته انهن جي به ساراھ لکي آھي جن هن جي قبيلي جي اوقات سدائين اڪ جي پُڙي سان ناپي آھي، اهڙا ئي هوندا آھن سچا ۽ کرا مُورخ، جيڪي ڌرتيءَ جي هر دور کي سچائيءَ سان قلم بند ڪندا آھن، ڌرتيءَ جي هن دادلي قلم ڪار پنهنجي ڪُلوان قلم سان سندس شھر آفاق تصنيف "تاريخ ريگستان" ۾ قلم بند ڪيون آھن ڀٽ ڀٽ جون ڪهاڻيون، ڏھر ڏھر جا ڏيک, کيتن جا خوبصورت نالا، مڙھن جون مُسافريون، وڻ وڻ جون وارتائون، ٻوٽن جو ٻاٻورجڻ، گاهن جي گلزاري، ولين جا واکاڻ، ٿر جي آباد ٿيڻ جا ازلي اهڃاڻ، قومن جا ڪرم، ٿر جي ٻولي ۽ ان جا لاکيڻا لهجا، ڍاڻيون ۽ ڳوٺ، سنئوڻ ۽ ساٺ به هن اتهاس جو حصو بڻايا آھن، هن لکيو آھي ٿري عورتن جي ورن سان وفاداريءَ ۽ گهرن سان گهرائپ، پنچائتن جا پانپرا، گوترين ۽ گناتن جو گيان، ذاتين جون نُکون، نياڻين جي اُڪلاءِ جا طور طريقا، شادين جون محبوب رسمون، ڏوري جا ڏنجھه، ميٺ محبت، برسات جي سڪ ۽ ان جون آڙيڪاپ اڳڪٿيون، مورن جون پُڪارون، تاڙن جي تڙپنا، اُٻن جا آسرا، موڳن جي من ڀاونا، ڦوڳسي جا ڦُل، ترايون ۽ تلاء به هن ڪتاب جو حصو آھن.هن ڪتاب ۾ اوهان کي پڙھڻ لاء ملندا، ساٺيڪن کوهن جا دلربا منظر، ويرين جو وارڻ، کوهن کوٽڻ جي ديسي انجنيئرنگ، پاڻي لاء پُڪارون، روينيو جا رواج، پوک پوکڻ جا نرالا نمونا، هاريپ جا هڏ ٽوڙ درد، پکين کي ڀڄائڻ ۽ اَنُ کي بچائڻ لاء ٿيندڙ پانپرا، ٽاٽ جا ٽڙڪاٽ، گوڦڻ جا زوڪاٽ، ڀينڀئي جا ڀُرڙاٽ، آٻٿن جا آڪار، همرچن جي هونگار، کري ڪُٽڻ جا جتن، اَنُ رکڻ جي انجنيئرنگ، سورن ۾ سيڪڙ ڪرڻ جا سعيا، پلو گڏ ڪرڻ جا طريقا، ڪانن جي ڪالر ڪرڻ جا ڪمال، به هن ڪتاب جي سونهن سوڀيا آھن. پنهنجي پيري پيءُ کان وراثت ۾ مليل ڏات جو صحيح استعمال ڪندي استاد رائچند سموري ٿر جا پيرا ليڪيا آھن. هن لکيو آھي پالتو جانورن جي پيار تي، ڌڻ ڌارڻ جي ڌُوڃ تي، چراگاهڻ ۾ چارڻ جي چاهت تي، وٿاڻن ۾ وارڻ جي نالن تي، ڏوجهارڻين جي مال ڏُھڻ واري ڏيک تي، مال جي ٻوٿ تي ٻوٿاري هڻڻ تي، ڪُڀيار کي هيج ڪرائڻ واري هُنر تي، دونهي دکائڻ، مال جون حالتون، بيمارين کان بچائڻ، ڌنارن جا درد، مال جي ساڃاھ ۽ سڃاڻپ هر ذات جا الڳ داغ، ڀاڳين ۽ پيرين جي پت، ٻڪرين ۽ رڍن جا راز، پکي جيت ۽ بلائون به هن تاريخ جو حصو بڻايون آھن.
رائچند هريجن نه رڳو ڏيهه جي ڏُٿ ۽ ڏوٿيئڙن تي لکيو آھي، پر هن ته چونئرن ۽ چونڪين کان وٺي ٿري عورتن جي ويس، وڳن تهذيب ۽ تمندن تي به لکيو آھي، هن لکيو آھي ٽولن ۽ ٽاجوئن تي، ٻڙهيڪن ۽ ٻٿڙيڪن تي، سُڪار ۽ ڏُڪار تي، مهمان نوازيءَ جي شان ۽ مان تي، ڌنڌي ۽ هُنر تي، گُجهارتن ۽ پرولين تي، آھتپي ۽ ڪسبين تي، دولت ۽ غربت تي، نشن پتن تي، ڀليڪار ۽ ڪُسراٽ تي، ميلن ۽ ملاکڙن تي، راندين ۽ پينگهن تي، چيڪلن ۽ رانديڪن تي، راڳ ۽ ساز تي، وهمن ۽ وسوسن تي، ناچ ۽ ڪلاتي، شاعريءَ ۽ لوڪ ادب تي، لوڪ گيت ۽ سنگيت تي، قبر پرستيءَ ۽ ٿان تي، مقام مساڻ تي، ڀوت ۽ ڀوپن تي، هور ۽ ڦالن تي، جهاڙن تي، ٽوڻن ۽ ڦيڻن کان وٺي هٿ جي ٽوٽڪن تائين هن وطن جي هر شيءِ کي پنهنجي تخليق ۾ تراشيو آھي، بس رڳو ان کي پڙھڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آھي. سنڌي لوڪ ادب مان ٿري لوڪ ادب کي ڪڍيو وڃي ته بي سواد ۽ ڇسو ٿي پوندو. سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاء ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي سرڪاري اسڪيم ملي هئي ۽ ھن سرڪار جي سرپرستيءَ ۾ لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاء ٿر جا به پنڌ ڪيا هئا. ٿر جي ريگستاني سمنڊ ۾ هن کي هڪ هيرو هٿ چڙھيو هو اُهو هو چيلهار جو چنور رائچند راٺوڙ، ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي لوڪ ادب سهيڙڻ لاء مدد ڪرڻ ۾ رائچند جو وڏو هٿ هو. ان اسڪيم ۾ استاد رائچند ڪرنگهي جي هڏي وارو ڪردار ادا ڪيو هو. استاد رائچند ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين شادي ڳوٺ نهٽو مان ڪئي، جنهن مان ٻه نياڻيون ۽ چئن پُٽن جو اولاد هو جواهر لال، پرڀو لال ناشاد (جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو ) پرتاب راء ۽ ساجن داس هئا. ٻي شادي ڇاڇري جي ڳوٺ حيات ھاليپوٽو مان ڪئي، جنهن مان هڪ پُٽ جو اولاد ٿيو جيڪو ننڍي عمر ۾ ئي گذاري ويو. ٿر جو هي محبوب ليکڪ سڄي عمر ٿر لاء پاڻ پتوڙيندي نيٺ سلھه جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ آخرڪار زندگيءَ جي جنگ هارائيندي 31 مئي 1968ع تي هميشه لاء هن فاني جهان مان الوداع ڪري ويو. سندس ابدي آرامگاھ اباڻي شھر چيلهار ۾ آھي. چيلهار ۾ سندس نالي سان هڪ لائبريري به قائم ڪئي وئي آھي جتي سنڌي ادبي سنگت جا پروگرام ٿيندا آھن. ان کانسواءِ چيلهار جو مين پرائمري اسڪول به سندس نالي سان منصوب ڪري هڪ بهترين شرڌا انجلي ڏني وئي آھي. اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجي ديس جي اهڙن املهه هيرن جو قدر ڪندي سندس ياد ۾ پروگرام ڪيون، انهن جي سوچ، ويچار ۽ فڪر کي ڦهلائيندي ڪي خاص اُپاءُ وٺون.