شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

امر ساهڙ

هُو جنهن جي سانوري چهري جي ريکائن ۾ هن سموري دُکي ديس جا درد ليئا پائيندي لُڇن ٿا. اُن سَٻاجهڙي سڀاءَ واري شاعر جي سيني ۾ سنڌ وطن پنهنجن سڀني ساروڻين سميت دل جي ڌڙڪن سان گڏ ڌڙڪي ٿو. هن جي خوابن ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ ۽ امن جو جهنڊو ڦڙڪي ٿو. سندس سون ورنين سوچن جي مُنڊيءَ ۾ هن ديس جو حُسن ڪنهن مينا جئين جرڪي ٿو. هن جو جنم انهي جوءَ ۾ ٿيو جتي لاکي ڦلاڻي مهر راڻيءَ کي بنا ڪنهن ڏوھ جي ڏينهن ڏٺي جو ڏهاگ ڏنو هو. مهر راڻيءَ جي هڪڙي گهاٽ مٿي هن جو ڳوٺ ٿاڌات موجود آهي، جتي پئيڻ جو پاڻي ته پئسن سان به مشڪل سان ملي ٿو، پر موبائيل ڪمپنين جي سمورن نيٽ ورڪن جي سروسز سندس گهر جي ڪمري اندر آساني سان ميسر آهي.
امر ساهڙ پيشي جي لحاظ سان پڙهڻ ۽ پڙهائي واري شعبي سان واڳيل آهي، پر روائتي ” ماستر “ کان گهڻو مختلف هڪ اهڙو آدرشي استاد آهي، جنهن پنهنجي اڌ ڄمار ايمانداريءَ سان پنهجي پيشي جي لڄ رکي آهي. سندس فرض شناسيءَ جي ساک سندس اهي لائق شاگرد به ڏيندا جيڪي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان وابسطه آهن. آسي پاسي جا ڳوٺاڻا به هن جي هڪڙي فرض شناس اُستاد هئڻ جي اکيون پوري گواهي ڏيندا ۽ سندس اسڪول جي احياطي ۾ پوکيل اهي نمن جا گھاٽا وڻ، جيڪي هاڻ وڌي ڏهلا ڏار پکيڙي ڇانودار درخت بڻجي چڪا آهن، سي سندس محبتن مان نپائي وڏا ڪرڻ واري وڙ کي سڄي ڄمار ساريندا رهندا. هڪڙي راڄنيتڪ ۽ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ امر ساهڙ انسان دوستيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو علمبردار هئڻ باوجود ڪنهن به سياسي پارٽي جو پيڊ ورڪر ٿيڻ يا ”وڏيرن جو ونگاريو “ بنجڻ بابت چوي ٿو ته اها اسان جهڙن فقيرن جي ”واري“ جي ڳالهه ناهي. مذهبي گهراڻي سان تعلق هوندي به سندس سيڪيولر سوچ ۽ صوفياڻو مزاج متاثر ٿي ناهي سگھيو ۽ بقول اياز رضويءَ جي امر کي نه زماني جي خدائن جو ماڻهو سڏائڻ جو ڪو شوق آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن راشي ڪاموري جا ڪرا ڀري ڪا رعايت وٺڻ جي آرزو آهي، پنهنجي دنيا ۾ مڳن هي ملنگ ماڻهو پگهار حلال ڪرڻ کان پوءِ شاعريءَ جي سنڌ راڻي وٽ پناھ وٺي ٿو. نه رڳو سوچن جي سُرهي تيل سان شاعريءَ جي سينڌ سنواري ٿو، پر نثر سان به هن جو نينهن آڳاٽو لڳو آهي. ستياسي واري ڪاري ڏڪار ۾ ٿر واسين جي امداد تي هٿ صاف ڪندڙن خلاف هن هڪ ٽوھ ڪساري جهڙو ڪڙو سچ لکي، اي سي ڪمرن ۾ آرامي ڪامورن جي سرد جسمن مان گرم پگهر ڪڍرايا هئا. تڏهن اهي سفيد هاٿي مٿس مڇرجي پيا هئا، جن پنهنجي ”خاص خليفن “ معرفت خط لکي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، انهي ذهني اضطراب واري ڪيفيت ۾ هو جڏهن ملول مک سان ڪيسوٻا جي عاشق فقير مقيم ڪنڀر جي هٽ تي وڃي ويٺو ته، ٿر جي هن کاهوڙي ڪردار سندس اکين م اداسي ڪنهن مسيحا وانگر پروڙي ورتي ۽ پوءِ هن هڪ ئي جملي ۾ کيس سمورن خدشن کان بي خوف ڪري ڇڏيو. هو چور آهن اهي فقط رات جي اونڌاهيءَ ۾ لڪي کاٽ هڻي سگهن ٿا، تنهنجو قلم ڀاڳئي جي لٺ آهي. اها لٺ ايتري طاقتور آهي، جو دنيا جو ڪو به ڌاڙيل ان سان مقابلو نٿو ڪري سگهي. ۽ پوءِ بقول امر جي ”اهي ڏينهن اجوڻا ڏينهن، مون ڪٿي به ڪڏهن ٿڪجي ڪا ساهي ناهي پٽي. فقير مقيم ڪنڀر جو احسان آهي، جنهن مون کي حق جي راھ تي هلڻ جو حوصلو ڏنو، انسانيت جي ادراڪ سان آشنا ڪرايو ۽ پنهنجي ماڻهوءَ ۽ مٽيءَ سان محبت جوفلسفو سمجهايو آهي.“ ڪلا جي ڪومل ديوي هن کي پنهنجي ٻاجهارين ٻانهن ۾ پناھ ڏني. فقير مقيم ڪنڀر جي آشيرواد پُڄاڻان هن ڏنگي ڏات ڌڻي پنهنجي ضمير جي آواز کي ڌَن تي ڌُتارڻ بدران ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي“ جهڙي سٽ جو مريد بنائي ڇڏيو. ۽ سندس قلم جو تقدس ڪنهن مقدس شيءَ جيان اڃان تائين سلامت آهي. مسلسل نثر توڻي نظم ۾ سندس اهو سڀاويڪ سفرجاري آهي. ڏات هن جي ذات جا سمورا ٿڪ لحظي ۾ لاهي ڇڏيا آھن. حياتيءَ جي هڙ ۾ جيڪي به تلخ تجربا ٻڌل هئا، اهي هن پنهنجي ڪلا جي ڪينجھر ۾ اوتي ڇڏيا، هن پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي محرومين کي ڪنهن عام روائتي ماڻهو وانگر نه پنهنجي شاعري يا نثر ۾ ڪٿي بيان ڪيو آهي، ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن سان ڪا اهڙي قسم جي شڪايت ڪندي مون کيس ڏٺو يا ٻڌو آهي. سڀئي اوهنج، سڀئي غم ۽ پيڙائون پٽيارڻ ڄاڻي ٿو. ٿوري قُوت تي قرار ماڻيندڙ هن ماڻهوءَ کي صبر ۽ شُڪر جي ڄڻ ته سُتي مليل آهي. امر ڪمال جي قوت برداشت جا ڪيئي مثال قائم ڪيا آهن، پنجن منٽن کان مٿي ڪاوڙ هن جي هينئن ۾ جري ئي ڪونه. ڪيتري به ڪو گلا ڪري، مخالف ڪري، پر امر ڪنهن سان وير يا ڪا دشمني رکڻ بدران ”تو ڪيو توکي ڦٻيو مومل هي مذاق “ جي مصداق سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿو. هن جي عربي سمنڊ جهڙي سرير ۾ جڏهن به ڪو وڇوڙي جو واچوڙو اٿندو آهي، جڏهن به ڪو عشق جو آر جوار ڀاٽا بڻجي پوندو آهي، تڏهن ڪئيي ڪاڳرن جا ڳوٺ سندس نظمن جي نيري پاڻيءَ ۾ پُسي آلي مٽيءَ جي هُڳاءُ وانگر ” تيز هوا ۾ آنچليا“ بڻجي اڏرندا آهن. هن جي ڏات ديوي جڏهن به ڳوٺن جي منظرن ۾ گم ٿيندي آهي، تڏهن ”مُقي“ سان ڳوٺ جا منظر مڙهي ڏيکاريندي آهي سندس من جي مانسروور ڍنڍ کي جڏهن ڏڪارن جو ڏُواءُ سُڪائيندو آهي، تڏهن ٿانور ڀٽيءَ جي بکي پيٽ خاطر زال کي ڀيڻ بنائڻ واري دک دائيڪ ڪٿا وانگر پنهنجي ديس ٿر جي ڪربناڪ ڪهاڻيءَ کي ”هليو وئين ورت کي ويڙهي“ جو عنوان ڏيئي اظهاري ٿو ته، مير حَسن آريسر جهڙي سُريلي شاعر ۽ ليکڪ کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. ۽ هو ٿري عورت جي ان زهر جهڙي زندگيءَ جي پل پل پيڙا ۾ پڄرندڙ ڪهاڻيءَ کي پاڻ سان ٿيل واردات محسوس ڪري امر کي فون ڪري چوي ٿو ته، ”يار! مونکي ته ماري وڌو اٿئي“. سنڌ جي سونامي جهڙي صدمي يعني شهيد بينظير جي شهادت تي هن جو قلم رت ڦڙا روئي ٿو ته ”پنڪيءَ جي پيءُ کي چئجان“ جهڙو نظم ماڻهن جي دلين کي ميڻ بتي وانگر ڳاري ٿو. پنهنجي پريوار جي ريتن جو ٻارڻ بڻجي پرائي ڏيهه پرڻجي ويل ڪنهن نياڻيءَ جي ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا مرڻ ۽ جيئڻ واري ڪيفيت کي محسوس ڪري ٿو ته ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ جهڙو شاهڪار نظم لکي اسان پارن انيڪ اٻُوجهن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏي ٿو. ڌرتيءَ جي هر دک کي پنهنجي اندر ۾ اوتي ” اکين ۾ الڪا “ کان وٺي ”صحرا مون ۾ ساھ کڻي ٿو“ تائين هن جو شاعراڻو سفر نه رڳو سيبتو آهي، پر سندس ڪلام ڳپل دلين وٽان داد وصول ڪري چڪو آهي. پر ڪنهن مڃتا يا موٽ لوڙ يا لالچ ۾ لوڻو ڦيري پوئتي مڙي نهارڻ ته ماڻهو ڇا ٿا چون؟ ان جو کيس نه ڪو کُٽڪو نه ئي ڪا اون آهي، هو چوي ٿو ته، ”مون ڪهڙي ڪوڏار هنئي آهي، جو ماڻهن کان ان جو اُجورو گُهران؟ مون دنيا نه پر دل جي چوڻ ته لکيو آهي، جيسين دل چوندي لکندو رهندس، باقي نبيرا پاڻهي نسل پيا ڪندا“
ريڊيو امر جو ٻيو شوق هو. ريڊيو مٺي تي آغاز ته انائونسر کان ڪيائين، پر اها کيس آئڙي ڪونه، ان ڪري ريڊيو ڇڏي هليو ويو. هُو تخليقڪار هو. تنهن چاهيو ٿي ته ڪي اڻ ڪهيون ڳالهڙيون پنهنجي ماڻهن سان اورجن، پر ائز اي انائونسر ائين ڪري نٿي سگهيو، پر جڏهن ڪمپيئر طور پروگرام ڪيائين تڏهن واقعي واڄٽ وڄائي ڏيکاريائين. خاص ڪري امر جو انداز گفتگو وارو جيڪو لچڪندار لهجو هو ان کيس صاحب اسلوب واري سڃاڻپ ڏياري هئي. لفظن جي ادائيگي اها به رڌمڪ اهڙي جو ڪيئي نوجوان سندس اسٽائيل جي اهل ڪرڻ لڳا هئا بقول سائينداد ساند جي ”امر جي ڳالهائڻ ۾ جيڪو رڌم آهي، اُهو ڪاٺ ڪُٽي جي ٽُڪ ٽُڪ جئين دلين جي ڌڙڪنن سان گڏ ڌڙڪي ٿو، باقي امر ساهڙ نعيما ممتاز ڀٽي ته پڪ سان ڪونه ٿي سگھندو“ امر جي هر پروگرام ۾ ماڻهن جي دلچسپي جو سمورو سامان موجود هوندو هو. ماڻهن جي زندگين سان لاڳاپيل سمورا موضوع امر جي پروگرامن جو اهم حصو هوندا هئا. ماڻهو پنهنجا مسئلا امر جي واتان ٻُڌي کيس پنهنجو سمجھي پيار ڪندا هئا ۽ موٽ ۾ ماڻهن جون دليون رکڻ جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو. لسنرن جي آڌي، مانجهي ميسيج يا ڪال مان ڪڪ ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي. بلڪ چوندو آهي، ته يار ماڻهن کي هيڏي محبت جي موٽ ۾ اسان ٻه ٻول ڳالهائي انهن جي دل رکي ته ڪهڙي گهٽتائي ٿيندي. سندس جاندار ۽ سنجيده ريڊيو اسڪرپٽ جي ڪري امر کي عام توڻي خاص ٻئي دل جي ڪنن سان ٻُڌندا هئا. هن جو پنهنجن لسنرس توڻي پاٺڪن سان جيڪو خلوص ۽ محبت ڀريو رويو آهي ان ڪري سندس مداح اڃان نه رڳو کيس سڪ مان ساريندا رهن ٿا، پر ساڳئي وقت ريڊيو مٺيءَ جي انتظاميه کي به امر کي واپس آڻي پروگرام ڏيڻ لاءِ چوندا آهن. باوجود سڀنيءَ کي معاف ڪرڻ واري گڻ جي سندس خودداري به غضب جي آهي، جيڪڏهن ڪنهن عزت ۽ محبت مان سڏيو ته اکيون پير ڪري هليو ويندو پر جي ڪنهن عزتِ نفس مجروح ڪئي ته پوءِ مرڻ مري ويندو وري ان جي اڱڻ تي نه ويندو. ريڊيو مٺي تي ڪيل پروگرامن ۾ پڙهيل اسڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ” خيال ڪڙو کڙڪائين ٿا“ امر جو پهريون نثري ڪتاب آهي. جنهن جا سمورا موضوع اسان جي آس پاس موجود آهن، پر انهن کي بي باڪي سان بيان ڪرڻ ۽ جرئت سان اظهار ڪرڻ جي خوبي امر ساهڙ کي پنهنجي همعصر ڪمپيئرن ۾ منفرد بڻائي ٿي. ٻهراڙيءَ جي ٻولي، لهجي ۽ پيشڪش جي انداز ئي امر کي امر بڻايو آهي، هن جي خيالن جي خوشبو اُهي سماعتون ۽ بصارتون ئي محسوس ڪري سگھن ٿيون جيڪي ٿوهرن جا ٿڪ ۽ مورن جي رنگن کي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. هن ڪتاب ۾ امر پنهنجي پاران ۾ جيڪو ڪڙو سچ ڳالهايو آهي، ان يقين گهڻن جي لوڻن ۾ سر وڌا آهن، پر اهو به سچ آهي ته ٽيئڙتپ کي نيواڪوئن جي ڪڙي گوري سان ئي ٽاري سگهجي ٿو ۽ خاص طور تي مزاحيا انداز ۾ سندس اصلاحي اسڪرپٽ نه رڳو پڙهڻ ۾ چَس ڏين ٿا، پر ساڳي وقت ڪجهه سوچڻ تي به مجبور ڪن ٿا، هن پنهنجن اسڪرپٽن جو حصو سماج جي انهن ڪردارن کي بڻايو آهي، جيڪي اسان جي اوسي پاسي موجود آهن، انهن جي گڻن ۽ اوگڻن کي امر نهايت ئي پُر اثر انداز سان بيان ڪيو آهي. هي پنهنجي ماڻهن جي هر ڏک کي دل جي گهراين سان محسوس ڪري ٿو. ريڊيو تان هئين بيان ڪري ٿو.” اسان کي علم آهي، ته اوهان پنهنجي مڙهي ماءُ لئه پاءُ ناس جو ۽ پوڙهي پيءَ جي لئه پن جي ٻيڙين جي جهوڙي ، دادلي ڌي لئه وال پوتيءَ جو سڪيلڌي پٽ لئه رٻڙ جي جُتي ۽ زال جي ڳوٺڻ لاءِ اڌ وال ڪپڙي جو آڻي نٿا سگهو تڏهن ائين ڏري پئو ٿا، جئين زلزلي ۾ زمين ڏري هئي“ هي نج ٻولي، هي احساس هن ڪتاب جي صفحي تي ائين پکڙيل آهن جيئن باغ ۾ رنگبرنگي گُل ٽڙيل پکڙيل هوندا آهن، جيئن باغ جي گلن جا رنگ ۽ نمونا يا خوشبو الڳ رنگ هوندا آھن، ائين ئي هن ڪتاب جي هر صفحي تي الڳ الڳ موضوع الڳ رنگ ۽ ان جي خوشبو آهي. ٿر سميت سڄي سنڌ جي مسئلن جي اپٽار به آهي ته شاعرن، گلوڪارن، سماجي، سياسي ڪارڪنن بابت پروفائيل به هن ڪتاب جو حصو آهن، وڻن ۽ ڌڻن کان وٺي پکين تائين هر موضوع هن ڪتاب جي ڪئنواس تي پاڻ پسائي ٿو. سو بنان ڪنهن وڌاءُ جي چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جا کڙ کٻيتن جهڙا خيال واقعي دلين جا ڪڙا کڙڪائڻ جي سگهه رکن ٿا. ان کان سواءِ ”صحرا مون ۾ ساھُ کڻي ٿو“ واري سموري شاعري هن جو شاندار تعارف ڪرائي رهي آھي.