ارباب امير حَسن
سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاھ ڪلھوڙي کي سياسي ڀيٽيون هڻندڙ، کيتلاري جي توڳاچاڻي ڪُل جي ڏيئي ارباب تاج محمد جي گهر 1938ع ۾ اک کوليندڙ اُن ارڏي انسان جو اسم گرامي آهي ارباب امير حسن....!! جهڙو سيبائتو نالو هو تهڙو ئي سندس مزاج موهيندڙ هو. منصفاڻي صلاحيت سان ڀرپور دماغ ۾ عقل الله سائين طرفان ائين اوتيل هو جئين ڀلوڙ وسڪاري ۾ ڀريا تُريا تلاءِ ۽ ترايون تار هونديون آهن. ٿُلهي ليکي چئجي ته هي چند انهن ماڻهن منجهان هڪ هو جن کي ڄمندي ڄام چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. کيتلاريءَ جي خوبصورت ڌرتي تي چندن جي وڻ جيان مهربانين جا ڏهلا ڏار پکيڙيندڙ هن مهربان ماڻهوءَ جي ڇتر ڇايا خطي جي غريب ماڻهن جو تحفظ هُئي. هُو ڀوميءَ جو ڀر جهلو هو. هُن جي اکين ۾ پنهنجي ۽ پرائي جي پرک هوندي هُئي .
تڏهوڪا ست درجا سنڌي فائنل پاس ارباب اميرحسن ٿر جو اهو بيدار مغز ماڻهو هيو، جنهن وٽ ٿر جي سؤ فيصد جنتا پنهنجا فيصلا کڻي ايندي هُئي. کيتلاري جهڙي خوبصورت ڳوٺ جو هي رند راوت مرد سياسي بصيرت ۾ ايترو ته ڀڙ هيو جو وقت جو ڪو به وڏيرو هن سان سينو ساهي نه سگهيو. تڏهوڪي ميرپورخاص ضلعي (ٿر، عمرڪوٽ ، سانگهڙ ، ميرپورخاص) جي سياسي ٽمورتي هئي، ارباب اميرحسن، خانصاحب عبدالڪريم پلي۽ راڻا چندرسنگهه. هنن مدبر سياستدانن کي ڀلا ڪير وساري سگهندو؟ راڄوڻي سياست جا هي ٽيئي رتن پنهنجو مٽ پاڻ هئا. 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ ارباب امير حسن ٿر جي هندوئن جي جان مال جي وڏي حفاظت ڪئي. هزارين ڳوٺ هند وڃڻ کان روڪي ورتا. انهن جي جان مال جي پاڻ هٿيار کڻي حفاظت ڪئي جنهن جا شاهد آروکي کان وٺي عالمسر تائين ڪيئي ڳوٺ آهن، جيڪي ارباب صاحب جي ڏڍ تي هڪ انچ به نه چُريا ۽ اڄ به پنهجن اباڻن اجهن ۾ قيام پذير آهن.
سياسي راند هن جي رت ۾ شامل هُئي. هُن سياست جي شروعات اباڻي تڪ کيتلاري تان ڪئي. ڀلا ڪنهن کي ياد نه هوندي اُها دلچسپ اليڪشن جنهن ۾ پ_ پ_پ پارٽي جي سيلاب سموري ملڪ ۾ وڏا وڏا جاگيردار بُت ڊاهي پٽ ڪيا هئا. 1973ع واري ان چونڊ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ٿرپارڪر جي سياسي آکاڙي ۾ پ_پ جي ميمبر جاگير جي جهوني راڻا چندر سنگهه کي لاٿو هو. هن سمورو ضلعو سوئيپ ڪيو، پر ترائي جي هن تخت ڌڻي کي لوڏي نه سگهيو. ان سيلاب ۾ واحد ارباب اميرحسن هو جيڪو پنهجي تڪ تان آزاد اليڪشن وڙهي ايم_ اين _ اي جي سيٽ تان سوڀارو ٿيو هو. ٿر جو هي مردم شناس مرد 1985ع ۽ 1988ع جي پ،پ پارٽي جي سونامي ۾ به سياست جو مها ساگر پار ڪري ٻئي ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو هو.
هو جيڪو ڪنهن وڏ ڀاڳي وينگس جي اڻ سمهويل وارن جهڙا مُنجهيل مامرا منٽن ۾ حل ڪرڻ جو ماهر هو. هُو جيڪو انصاف ۽ عدل تي اٽل هوندو هو. ارباب صاحب تي ڪڏهن به ڪنهن اهو الزام نه مڙهيو ته هن اسان سان ناانصافي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو اهڙي مهارت سان فيصلا ڪندو هو جو ناانصافي به انصاف لڳندي هئي. ارباب اميرحسن چند اُنهن مُدبر سياستدانن مان هڪ هو. جيڪي عوام وٽ ووٽ لاءِ نه ويندا هئا، پر عوام هنن وٽ ووٽ کڻي ايندي هئي. ٿر جي غيور عوام هُن جي ”چٺي“ تي چيو مڃيندي نياپي تي نڇاور ٿيندي هئي. جتي وڏن وڏن آمرن جا دهشت ڀريا داٻا به نه هلندا هئا، اتي ارباب صاحب جي چپٽي جيڏي چٺيءَ به ڪمال جو ڪم ڪري ڏيکاريندي هئي. هن سڄي عمر حق سچ تي هلندي پنهنجي دامن تي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏنو!َ
ارباب اميرحسن سموري حياتي ٿر جي لوئيءَ ۽ لڄ جي حفاظت ڪندي گذاري. مارئي جي ڀٽن جي وطن جو ڀرم رکندي هُن ڌرم کان ڪرم کي وڌيڪ سمجهيو.! هن وٽ ڪو به مذهبي متڀيد نه هو. جنرل ضياالحق 1977ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقارعلي ڀٽُي جي حڪومت جو تختو اونڌهو ڪري مجلس شوريٰ قائم ڪئي، تڏهن گهڻا تڻا سياستدان گهرن تائين محدود ٿي ويا، پر ٿر جو هي شير ان مجلس جو نه رڳو ميمبر ٿيو، پر ٿر جي عوام جي خُوب خدمت به ڪندو رهيو. مذهبي جنونيت ۾ مبتلا جنرل ضياالحق جي مجلس شوريٰ جو ميمبر هئڻ باوجود هن ٿر جي عوام ۾ ڪو به فرق نه سمجهيو هن هندو مُسلم هڪ ڪري ڄاڻيو ..!
1987ع واري رُوڙهو ڏڪار ۾ جڏهن نگران وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ٿر ۾ ڌڙاڌڙ امداد ورهائڻ شروع ڪئي، تڏهن ٿر واسين دل سان آجيان ڪئي. هرڪو مفت جي مال تي ڌمال ڪندي محمد خان جي مدع سرائي ۾ پورو هو. اُن وقت فخر ٿر ارباب اميرحسن اُهو واحد اڳواڻ هو جنهن وڏي واڪي جوڻيجي صاحب کي جواب ڏيندي چيو ھو ته” جوڻيجا صاحب! ڏيڻو هجي ته مستقل روزگار ڏيو، ٿرين سان تِر جيتري به همدردي آهي ته انهن کي نوڪريون ڏيو. باقي منهنجي خود دار ٿر کي پنڻ تي نه هيرايو“ ارباب صاحب جي دُور انديشي ڪمال جي هئي. جوڻيجي صاحب روزگار ته نه ڏنو، پر پن تي اهڙو هيرايو جو ٿر اڄ صفا نڪمو ٿي پيو آھي. عالم آشڪار اڳيان فقير جو ڪشتو ٿي ويو آهي.
ارباب صاحب تمام وڏو اختر ضمير انسان هيو. سياست جا اهڙا گُر پيج ڄاڻيندو هو، جو ماڻهوءَ جو عقل دنگ ٿي ويندو هو. سندس سمي جا ساٿاري چون ٿاته، هڪڙي ڀيري اليڪشن جا ورڪ ڪندي هڪ ڳوٺ ۾ پهتا جتي پ پ جي ايڏي ته ڇاپ نظر آئي جو وڃي ٿيا ست خير، ارباب ڏٺو ته هتي هڪڙي ووٽ جو به آسرو ناهي. تڏهن پنهنجي دماغ سان اهڙي چال هلائي جو ٻڌي حيران ٿي ويا. ڇا ڪيو جو ڳوٺ جي پٽيل کي اوطاق مان ٻاهر ڪڍي چيائين ته ”ٻيلي پاڻ جا پيڙهياتا واسطا آهن ايتري هُج اسان جي به هلي ٿي. ووٽ ڀلي کڻي نه ڏيو، پر مهرباني ڪري پ پ جا جهنڊا لهرائي ڇڏيو. تون ڳوٺ جو چڱو خاصو ماڻهو آهين. ڳوٺ وارا تنهنجو ايترو چيو ضرور ڪندا ،، تڏهن ان پٽيل سمجهيو ته ڳالهه ۾ ڪجهه به ڪونه آهي. سو چيائين ته ارباب صاحب ڳالهه به ايتري ....
صبح جو نه ڏسندا جهنڊو ڪو. ارباب ساباش ڏيئي گاڏي ۾ چڙهيو. پويان پٽيل ڳوٺاڻن کي چيو ته جهنڊا لاهيو. ڳوٺاڻن ٺپ جواب ڏنو. ان تان پٽيل ڪاوڙيو ۽ ڳوٺ جا اڌو اڌ ووٽ ارباب کي مليا. جتي هڪ ووٽ جي اميد ڪونه هئي اتي اڌ ووٽ کنيا. ڇا ته دماغ جو کيل هو. نانگ به مئو لٺ به بچي.
ارباب امير حَسن صاحب جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هو جو هُن ٿرپارڪر ضلعو قائم ڪرايو. مسڪين ٿرواسين کي معمولي ڪم لئه به ميرپور خاص جو پنڌ ڪرڻو پيو ٿي. اهو پنڌ مٺي تائين محدود ڪرائي وڏن ڪشالن کان بچائي ورتا. ٿريا اڄ به سندس ٿورا ڳائين ٿا، پر ڏُک ٿئي ٿو حُڪمرانن تي جن ضلعو قائم ڪندڙ جي نالي ٿر ۾ ڪا به شيءَ ناهي ڪئي. ڪو روڊ، ڪا اسڪول، ڪا سپتال، ڪا لائبريري سندس نالي قائم ڪري هن کي مڃتا ڏيڻ کپي. هينئر سندس فرزند به حُڪمران جمائت سان تعلق رکي ٿو سو اُن کي به هن طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. ارباب صاحب اسان جو اثاثو آھي.
ٿر جو هي محبوب اڳواڻ پنهنجا عرش جهڙا رنگ هن ديس ۾ ڇڏي نيٺ هميشه لاءِ هليو ويو. رمضان شريف جي ڀلاري ميهني ۾ انگريزي تاريخ 15سيپٽمبر 2007ع تي ٿر کي اداس ڪري ويو. دعا آهي ته مالڪ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ ان سان گڏ اِها اُميد ڪيون ٿا ته سندس لائق فرزند ارباب لطف الله سندس سِڪون لاهيندو.