مُشتاق جنجهي
اَڪ جي ڪاٺي جهڙي هاٺيءَ جو مالڪ هي نوجوان ڇوڪرو نُور تي چشم چاڙھي جڏھن مٺيءَ جي وچ بازار ۾ موجود معصوم سُوندرائي جي مانڊڻيءَ تي ويهي شاعريءَ تي وڏا وڏا بحث ڪندو آھي تڏھن نه رڳو مون کي وڻندو آھي، پر معصوم سوندرائي کان وٺي منسُک سُوٽھڙ تائين مڙني موهي ماڻھن کي موهي وجهندو آھي. موهي ته تڏھن به وجهندو آھي جڏھن پنهنجو ڪو نڪور نظم سندس آواز ۾ ڀرپور رڌمڪ انداز سان پڙھي ٻُڌائيندو آھي. سُر ۽ تال ملائي جڏھن به ڪا ڳالهه ڪندو آھي تڏھن شاعريءَ تي وشواس ٿي ويندو آھي. هر پل هُن جي هانوَ تي هُرندڙ هن جي منچلي محبوبه صرف شاعري آھي. شاعري هُن سان سرچيل هوندي آھي، ته هُو بُک ۾ به بادشاھ هوندو آھي. شاعري هن سان ٻيلهه هوندي آھي ته، هُن جي اکين ۾ ڪوڏ جو ڪجل اوتيل هوندو آھي. هُن کان شاعري رُسي ويندي آھي ته، هُو اناٿ ٻار وانگي اُٻاڻڪو ٿي ويندو آھي. هُو شاعريءَ جي وڇوڙي جي غم ۾ ايڏو اُداس ٿي ويندو آھي جو پيئڻ ۾ جيئڻ جا جتن ڪندو آھي. هن جي وجود جي وڻ کي جڏھن به ڪو وِکو ورائيندو آھي ته، هُو به مون وانگي ٿيليءَ جي ڪُنڊ ٽوڙي غم دور ڪندو آھي. هُو شاعريءَ کي ٻارن وانگي وندرائي ٿو. هُو نه ٿو چاهي ته، شاعري هُن کان رُسي وڃي. هُو پيدا ئي ان لاءِ ٿيو آھي ته، هن کي شاعري ڪرڻي آھي بس شاعري…اهڙي شاعري جنهن کي ٻُڌي اُڃايل جهرڪين کي ننڊ اچيو وڃي. اهڙي شاعري جنهن کي پڙھي کن پل لاءِ بُکايل ٻارڙا ٽهڪ ڏيئي اُداس مائرن جي آنچلن سان اشڪ اُگهين. اهڙي شاعري جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ سهاگڻين جي سونهن به پسجي ته ڏُھاگڻين جا ڏُک به ڏسي سگهجن. اهڙي شاعري جنهن جي ساحريءَ ۾ بي ذوق به بند ٿيو وڃن. اهڙي شاعري جنهن کي پڙھي فراق جي ڦٽيل اکين جون پنبڻيون پُسيو وڃن. هُن اهڙي شاعري ڪري به ڏيکاري آھي. هُن غزل وارا گُر سکيا آھن ته، نظم سان به نڀايو آھي.
مشتاق جو جنم 20 جنوري 1993ع تي ڳوٺ صالح جنجهي لڳ اسلامڪوٽ ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم مئٽرڪ تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ان کانپوءِ انٽر شاھ عبدلطيف ڪاليج اسلامڪوٽ ۽ گريجوئيٽ صادق فقير ڊگري ڪاليج مٺي مان ڪيو.
مُشتاق کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙھڻ سان جنون جي حد تائين چاھ هوندو هو. مشتاق جي ڳوٺ ۾ ڪو خاص علمي يا ادبي ماحول به ڪونه هيو، پر تنهن هوندي به هن جو ادب سان سلهاڙيو رهڻ هن لاءِ انتهائي مشڪل ضرور هو، پر هر مشڪلات کي مُنهن ڏيندي هو پنهنجي شاعراڻي سفر کي ڳنڍيو آيو ۽ ايئن ئي شاعريءَ سان عشق جي تسلسل کي جوڙي رکڻ ۾ اڄ تائين ڪامياب ويو آھي. هن باقاعده طور لکڻ جي شروعات 2013ع کان ڪئي، ۽ سنڌ جي مختلف رسالن، مئگزينن ۽ اخبارن ۾ لکندو رهيو، پر هن جي شاعري تڏھن پروان چڙھي جڏھن مٺيءَ ۾ هن کي معصوم جهڙو دوست مليو. معصوم ۽ مشتاق مون کي ٻن پکين جي جوڙي لڳندي آھي. هُو ٻه اهڙا ديوتائي وڻ آھن جن جي ڇانوَ ڪن خوشنصيبن جي پلئه پوندي آھي. هُو شاعريءَ جا جاڙا سنڌُو آھن، جيڪي سنڌُ جي ساهتيه کيتر واري صحرا ۾ تارو تار وهي رهيا آھن. هُو ٻه ڪويتا جا جل ٿل ڪڪر آھن جيڪي مٺيءَ جي گڊي تان بيهي سموري سنڌُ تي لفظن جي ورکا ڪري رهيا آھن.