شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

فيضُو فراقي

هُن جو نالو فيض مُحمد آھي، ۽ تخلص فراقي آھي، پر اسين هُن کي فيضُو فراقي چوندا آھيون. هُو نه رڳو فقير ( مڱڻهار) ذات سان تعلق رکي ٿو، پر مزاجن به فقير ئي آھي. هُن کي الئه ڪنهن جي فراق جا ڦٽ آھن، هُن جي اکين جي اُداسي ڏسي ائين ئي لڳندو آھي ته، هن جو اندر فراق جي ڦٽن جا هيرڻ پن ٿيل آھي. اُداسي جي عالم ۾ ٻُڏل هوندي به جڏھن هُو مُرڪي ملندو آھي تڏھن ائين لڳندو آھي، ڄڻ هُن سُورن کي سُتي ڪري پيتو هُجي. هُن جي سمورن سُورن جي شاهد اُها غم گاڏڙ مُرڪ ئي هوندي آھي، جيڪا هُن جي مُک تي ٽڙڻ مهل ريزه ريزه ٿي ويندي آھي. هُو ميرڙي وڳي ۽ وکريل وارن سان سادگيءَ مان ڀاڪر پائي جڏھن ملندو آھي تڏھن ماڻھوءَ کي پورهيتن سان پيار ٿي ويندو آھي. هُو شهر جي شور ۾ رهندي به ٻهراڙيءَ جو مور لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته، هن جو ننڍپڻ ماتاجي مالهڻ ديويءَ جي ڳوٺ هريار ۾ گُذريو هو. هريار جنهن کي هريئي ڀوپي وسايو هو. اُن ڳوٺ ۾ ننڍپڻ گُذاري آيل اسان جو هي دلبر دوست اڄ ڪلهه مٺيءَ جي ڪٺور دل ماڻھن جي وچ ۾ ڪنهن اُداس پکيءَ جيان جيون گهاري ٿو. هُن جي شاعري اڄ ڪلهه جي شوشل ميڊيا واري دؤر ۾ ايتري متعارف ۽ مقبول ناهي ٿي جيتري هُو لائق آھي. هُو مسڪين نه فيسبوڪ واري فيشن کان واقف آھي نه ئي ٽوئٽر تي ڪو ٽوئيٽ ڪري سگهي ٿو. هُن جي شاعري هن جي دل ۾ دفن ٿيل آھي جنهن کي هُو ڪنهن ننڍڙي ڪتاب جو ڪفن ڏيڻ چاهي ٿو، پر ڏيئي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته، کيسي ۾ سواءِ تماڪ جي ٻيو ڪجهه به ناهي.
هُو غُربت سبب پڙھي نه سگهڻ واري بدنصيبيءَ جا نوحا نه ٿو ڳائي، بس مقدر ۾ مليل هر غم کي هر گنج سمجهي جيئي ٿو. سستي سگريٽ جا ڊگها ڪش هڻي جڏھن ڪاري دونهي کي نيري آڪاش ڏانهن اُڏائي ٿڌو ساھ کڻي ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته، ائين لڳي ٿو، ڄڻ خُدا کان پُڇندو هُجي ته، اي مالڪ! ڏات ڏني ته هي بُک ڇو ڏني؟ هُو پيٽ بُکايل هوندي به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ٿو ڪري. هُو ٻيڙيون ٻَڌي پنهنجي ۽ پنهنجي پريوار جي پيٽ جي بُک جو بندوبست ڪري ٿو. هُو ٻيڙيون نه ٿو ٻڌي، ڄڻ زندگيءَ جا درد ٻَڌي ٿو. هُو پڙھيو لکيو شاعر ناهي، پر گهڻن پڙھيل لکيل هٿرادو شاعرن کان مٿي آھي. هُن وٽ ڪا به تصوراتي محبوبه ناهي، جنهن جي خيالن ۾ ھُو مگن ٿي ڪا ڳٺل پيٺل رديفن ۽ ڪُٽيل ڪافيئن واري شاعري سرجي پنهنجي پر ۾ پئبلو نرودا ٿي گهمي، پر هُن وٽ پنهنجي قبيلي جي اُھا سادڙي جيون ساٿي آھي جنهن جي مارئيءَ جهڙي مُرڪ پسي هُو بُک ۾ به بادشاھي ڪندي، ڪبير جي دوهن جهڙي ڪويتا لکي پاڻ کي فيضُو فراقي سڏائيندي سرهو ٿئي ٿو. هُو نه شراب جو ڍُڪ پِي غم مٽائڻ جي پريڪٽس ڪري ٿو ۽ نه ئي وري ڪنهن من لُڀائيندڙ موسم ۾ ڄاڻي واڻي رومانٽيڪ ٿيڻ جي اجائي ڪوشش ڪري ٿو. هُو نه ڪنهن پارڪ ۾ وڃي ٿو نه ڪنهن ڇُڙواڳي ۾ ڪنهن جي جذبن جي ڇيڙ ڪري ٿو. هُو انتهائي ڪم گو ماڻھو آھي. هُو آڳاٽي زماني واري صدري ساهتيه جو جيئرو جاڳندو مثال آھي. اڻ پڙھيل هوندي به هُو شاعري ڪري ٿو. هُو لکي نه ٿو سگهي ان ڪري ياد ڪري ٿو. ذھن تي اچانڪ آيل شاعريءَ جو هر حرف هن کي ائين ياد ٿي ويندو آھي جيئن ڪنهن الستي عاشق کي سندس محبوبا سان ملڻ جو عزم ياد ٿي ويندو آھي. هُو ريڊي شاعرن وانگي لفظن جي تور تڪ ۽ وڍ ٽُڪ ۾ وقت نه ٿو وڃائي. هُن کي جيڪو خيال دل ۾ لهي ٿو اهو ياد ڪري گُنگنائي ٿو. سنگت کي ٻُڌائي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ هن جا غزل گونجن ٿا.
ٻيڙيون ٻَڌڻ کان پوءِ هُو جيڪڏھن ڪيڏانهن وڃي ٿو ته، اهو جڳو نائي جو دڪان ئي آھي جتي ٻه ٽي پل ساهي پٽي زندگيءَ جي ڦڦڙن کي تازگي بخشي ٿو. جڳو جي پيار مان پروسيل چانهه جي اڌڙي پيئڻ کانپوءِ سستي سگريٽ جا سُوٽا هڻي، جڳو وٽ ويٺل مٺيءَ جي مهان اديبن کي خاموشيءَ سان ٻُڌي ٿو، جيڪي اديب ٻين اديبن جون گلائون ڪرڻ مهل اهو به ناهن سوچيندا ته جڳو ڀِت ته ناهي، جڏھن ته ڀتين کي به هتي ڪن هوندا آھن. ڇا چئجي مٺيءَ جا اديب آھن. اديبن تي ڪا به ميار ناهي پوءِ مٺيءَ جا هُجن يا امرتسر جا هُجن. هي فقير بس رڳو هڪڙي ڪن مان ٻُڌندو آھي ۽ ٻئي مان ڪڍي ڇڏيندو آھي. سگريٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ ماٺ ڪري هلڪي کنگهه کنگهندي جڳو کان نظرن ۾ موڪلائيندي هليو ويندو آھي پنهنجي ننڍڙي مانڍڻيءَ ۾ جتي پَن، تماڪ ۽ ڌاڳا هن جي انتظار ۾ ائين اتاولا هوندا آھن جيئن شام جي وقت گهر وڃڻ وقت سندس گهر ۾ بُکايل ٻارڙا هن جي انتظار ۾ اکيون وڇائي ويٺا هوندا آھن.
هيڏو وڏو شاعر هوندي به هُو مٺيءَ جي مٺگُهرن اديبن کان الئه ڇو وسري ويو آھي؟ هُن کي ڪو به ايوارڊ ناهي مليو. ايوارڊ ته پري جي ڳالهه، پر هن مسڪين سان ڪنهن شام به ناهي ملهائي. هتي ته ريت ئي اُلٽي آھي شام اُنهن سان ملهائي ويندي آھي جن جون راتيون رنگين ۽ صبح اُجرا هوندا آھن، جن جي شاعريءَ ۾ شاعري ڳولي به ناهي لڀندي، بس رڳو ڪاريگري ئي هوندي آھي. مٺي اهڙن ڪاريگرن سان ڀري پيئي آھي. فيضُو جهڙن فقيرن سان رڳو تعزيت ئي ڪئي ويندي آھي. فيضُو کي ڪنهن به ايوارڊ يا شام جي لوڙ ناهي. هن جو بس هڪڙو ئي سپنو آھي ته، سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي، پر هتي ڪو اهڙو احساس وند ادب ذوق نه ٿو سُجهي جيڪو هن مسڪين جو اهو سپنو ساڀيا ڪري. ها اُن دليپ ڪوٺاريءَ جهڙو ڪو قدآور شخص چاهي ته ڪري سگهي ٿو، جنهن پهرين به هن سان پيار ڪندي پنهنجي نينهن پبليڪشن مٺيءَ جي پليٽ فارم تان هن جي شاعريءَ جو ڳٽڪو ”غمن جون گهٽائون“ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جنهن جو مهاڳ نالي واري اديب تاج جوئي لکيو هو.
فيضو جي شاعري نج نبار ڳائي گيهه ۾ ملايل ڳُڙ ۽ ماکيءَ جهڙي پيور آھي. هن ۾ ڪا به ملاوٽ ناهي. فيضُو جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي سنڌُ جي نامور ليکڪ تاج جويو چوي ٿو ته ” فراقي اُدسين ۽ اڪيلاين جو شاعرُ آھي، هُن پيار ڪيو آھي، ۽ پيار اُهو جنهن ۾ وفا ئي وفا آھي. اهو وفا جو ئي جذبو آھي، جيڪو ڪنهن ٿرئي کي ٿر وسارڻ نه ٿو ڏئي. فراقي به وفادار آھي. فراقي وٽ سادي ٻوليءَ ۽ پنهنجا لفظ آھن، دوري، جُدائي ۽ وڇوڙو لفظ شاعرن عام ڪتب آندا آھن، پر فراقي جڏھن هٺيلي پرينءَ کي سڏيندي، ”ڇڏي ڏي ڇڊايون“ جي ترڪيب ڪم آڻي ٿو ته هو ڄڻ ته پنهنجي شاعريءَ لاءِ نئين ٻولي تخليق ڪري ٿو.“
ڀارومل امراڻي جهڙو گهڻ پڙھيو دانشور جڏھن فراقي جي شاعريءَ تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته ” مون ته هن جي شاعري رُسي ويل پرينءَ جي چِٺي وانگر پڙھي آھي، جيڪا وڍُ به ڏئي ٿي ۽ ڏڍُ به ڏئي ٿي“ ته ائين لڳي ٿو ڄڻ ته هُو ڀرٿري هريءَ کان به ڀاري آھي.
اچو ته فيضو جي شاعريءَ مان ٿورو فيض پرائندا هلون. فيضو پنهنجي پريتم سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته؛
هليو آ هٺيلا ڇڏي ڏي ڇڊايون،
وڇوڙو ٻنهي لئه وڏي گهات آھي.

نگاهن کان رشتا جڏھن تو ڇنا هن،
تڏھن ساٿ مون کي ڏنو ڏات آھي.
هُو انتهائي حساس دل ماڻھو آھي. هن جي بيوسي هن جي شاعريءَ ۾ جهلڪي ٿي؛
لُڙڪن لارون وس ۾ ناهن،
تُنهنجون سارون وس ۾ ناهن.
هُو هُجومن ۾ هوندي به پنهنجو پاڻ کي تنها سمجهي ٿو. دردن جي ميراث ۾ پلجندڙ هي مٺيءَ جو ميراثي دنيا جي روين کان مايوس ٿي دانهن ڪري چوي ٿو ته؛
تنها پيارا رهجي وياسين،
دردن وارا رهجي وياسين.

واٽ ڪناري اُڇلي ويو ڪو،
شايد کارا رهجي وياسين.
هن الستي عاشق ۽ محبوب ڪوي سان ڪنهن وفا ڪئي آھي ته اُھي صرف ڳوڙھا ئي آھن، جيڪي هن جي غم کي هلڪو ڪرڻ لئه اکين مان قطارون ڪري وهندا آھن؛

اڃا مون سان آھن وفادار ڳوڙھا
ڪڏھن ٿيا نه مون کان جُدا يار ڳوڙھا

هُو هن دورنگي دنيا مان ايڏو مايوس ٿي ويو آھي جو هن جو پيار تان ارواح ئي کڄي ويو آھي. هُو ايترو حساس ٿي ويو آھي جو پنهنجو حال به پرينءَ کي ٻُڌائي نه ٿو سگهي. هُو نه ٿو چاهي ته پرين جي اک مان ڪو ڳوڙھو ڪري؛
مون سان ايڏو پيار ڇڏي ڏي،
خود کي مون کان ڌار ڇڏي ڏي.

حال فراقيءَ جا ڇا پُڇندينءَ؟
روئي پوندينءَ يار ڇڏي ڏي.