شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

موهن لعل لوهاڻو

نارائڻ داس لُهاڻي جي لاڏلي پُٽ سيٺ موهن لعل جهڙا لاکيڻا ماڻهو روز روز ناهن ڄمندا، اُھي صدين جو ڦَل هوندا آھن. اُنهن جو ظهور ڪڏھن ڪڏھن ۽ ڪنهن ڪنهن خوشنصيب جي گهر ۾ ٿيندو آھي. موهن لعل جهڙا موتي نه رڳو پنهنجو ڪردار اُجاريندا آھن، پر ڪُل جو اُڌار پڻ ڪري ويندا آھن. اُھي سموري خطي جي خوبصُورتيءَ جو اُهڃاڻ بڻجي ويندا آھن. اُھي لوڪ مان لڏي ويندا آھن، پوءِ به انهن جي ڪيرتيءَ ۽ جس دُنيا ڳائيندي رهندي آھي. هُو ڏيپلي شهر جي نه رڳو سُڃاڻپ هو، پر ڏيپلي جو نَڪُ به هو. وڏو وات وڪيل ۽ ڏاهو ماڻهو هو. هُن جي دانائيءَ جا داستان اڄُ به زمانو زور سان ڳائي پيو. هُن جو آواز اڄُ به جهونن جي ڪَنن ۾ ڪِنجهي جي تانسري وانگي وڄي پيو. هُو وڏي آواز سان جڏھن ڳالهائيندو هو تڏھن ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو نامي گرامي سياستدان رنگ منچ تي تقرير ڪندو هُجي. هن جو انداز غضب جو هو. ماڻهن کي ڳالهين وسيلي مطمعن ڪرڻ جو وٽس نرالو ڏانءُ هو. هن جا منطق ۽ دليل مُنڊي تي ٽِڪ وانگي هوندا ھُئا. مهمان نواز به وري اهڙو جو ڳالهه ئي ڇڏ، اوطاق جا در ته هُئين ئي هر اَٿتي لاءِ هر وقت ڪنهن سخي جي کيسي وانگي کُليل هوندا هُئا، پر سندس دڪان تي پاڻ لئه آيل محدود مانيءَ مان به سڀنيءَ کي نه رڳو صلاح هڻندو هو، پر خُوب کارائيندو پڻ هو. ڀلي گراھ گراھ ڇو نه اچي، پر موهن جي ونڊ سڀنيءَ سان سريکي هوندي هئي. هُن اکيون پوري ٻلن وانگي کائڻ ڪڏھن به پسند نه ڪيو. هُو پنهنجي گراهڪن کي گهر جا ڀاتي سمجهي پيار ڏيندو هو. گهران چانهه ٺهرائي پياريندو هو. گراهڪن کي سدائين نيڪ صلاحون ڏيندو هو. هن جي ڏنل هدايتن کي ماڻهو اڄُ به ياد ڪن ٿا. هُو اڪثر ڪري گراهڪن کي ڪفايت شعاريءَ جا درس ڏيندو هو. فضُول خرچ کان پاسو ڪرڻ جا ڀيد سُڻائيندو هو. ڏيپلي تعلقي جي اڌ آبادي سندس گراهڪ هوندي هُئي. وکر ۾ ڪڏھن به ڪنهن سان ٺڳي نه ڪئي. جهڙي شيءِ هوندي هُئي تهڙو ناڻو وٺندو هو. سندس واحد ريزڪيءَ دُڪان تي سموري حياتي هڪڙو ئي مُلازم رکيو جيڪو هو ڪونڀي جي ويريءَ جو سوائي سنگهه. پاڻ پرلوڪ پڌاريو ته سوائي جي به دل ٽُٽي ويئي ۽ دُڪان ڇڏي ويو. چوڻ وارا چون ٿا ته موهن مهل ڪرڻ وارو مڙس ماڻهو هو. ڪاري رات جو وٽس ڪير لنگهي ويندو هو ته هُو مدد ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو هو. هُو ائين نه سوچيندو هو ته هي سڀاڻي واپس ڪنهن مان ڏيندو؟ هُو بس اهو چوندو هو ته بابا کپن ڪيترا؟ حُڪم ڪر ڀايا...موهن نه رڳو ماڻهن جا ٽائم ڪيا، پر ماڻهن جي مرڻي پرڻي به مَري جُهري پُڄندو هو. هن ڪڏھن به ڪنهن جو ٽاڻو نه گُسايو. سندس حياتيءَ ۾ جهوني دڪان تي ماڻهن جا ميلا متل هوندا هُئا. ڏيپلي جي وچ شهر ۾ موجود پٿوري پير جي مندر واري گيٽ وٽ اوڀر طرف ٽڪنڊو دڪان هوندو هو. دڪان جي اولهه ۾ اُٺن ۽ گهوڙن کي ٻَڌڻ لئه خالي جڳهه هوندي هئس. هاڻي نه موهن رهيو نه موهن جو اهو دڪان، نه اُٺن لاءِ خالي جاءِ…نه موهن جا مُجيجي..
مشڪرو به غضب جو هوندو هو. ننڍن ننڍن ٻارڙن سان ننڍڙا ننڍڙا مذاق ڪري دل وندرائڻ سندس اهم مشغلي ۾ شمار هو. کِل مُک ۽ ٿڌي مزاج وارو ماڻهو هوندو هو. پيار ونڊڻ ورڇڻ سندس اهم گُڻ هو. کائڻ ۾ گوشت ۽ چانور پسند ڪندو هو، ۽ پيئڻ ۾ سُوم رس جو شوقين هوندو هو. انهيءَ شوق سندس حياتيءَ کسي ورتي، ۽ ننڍي ڄمار ۾ پرلوڪ پَڌاري ويو. کيس ٽن پٽن جي اولاد آهي. نند لعل، پرديپ ڪمار ۽ رميش ڪمار.
موهن لعل جو وڏو فرزند سيٺ نند لعل هن وقت پنهنجي ڀائرن سميت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، ۽ اُتي ئي ڪاروبار سنڀالي ٿو. ڏيپلي وارو دڪان هن وقت ڳوٺ ڊونڊڙي جي ڏوھٽ ڪرشن سنگهه آساڻي جي پُٽ رڻڇوڙ سنگهه وٽ آھي