صادق فقير
راڳي پاڳي پارکو ناڙي ڀيد نياءِ،
اي سکايا نه سِکين جانهين را اُڪلين هنياءِ
ڳائڻو، پيرن جو پارکو ، حِڪمت جو حاڪم ۽ انصاف ڪندڙ ماڻھو اهي سڀئي سيکارڻ سان ناهن سکندا، پر انهن جي اندر قدرت اهو آرٽ اوتيندي آهي ۽ اُهي دلي طور دنيا ۾ نروار ٿيندا آهن،
صادق1992ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اياز گل جي وائي” توکان ٿيندي ڌار “ گائي هئي، تڏهن سنڌ جي ساڃاھ وند سماعتن وڏي سڪ مان سويڪار ڪيو هو، ۽ هو سنڌ جو ٻيجل ۽ ٿر جو ٻاٻيهو ٿي وطن جي فضائن ۾ گونجندو رهيو. سندس سوز ڀريو آلاپ ٻُڌي مهان شاعر شيخ اياز به چئي ڏنو هو ته منهنجي شاعريءَ کي اهو آواز ملي ويو آهي جنهن جي ضرورت هُئي، اُن کانپوءِ صادق، شيخ اياز کي خوب ڳايو، ”سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ “ ۽ ”ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪوئل ڪري“ جهڙا لاجواب ڪلام ڳائي هو، سنڌ جي امر اتهاس ۾ هميشه لئه اجر ٿي ويو.
صادق فقير پيشي جي لحاظ کان پي ، ٽي ٽيچر هو. هُو تاحيات ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيشن ( سِگا ) ٿرپارڪر جو ضلعي صدر هو، ڳائڻ هن جو شوق هو. مٽيءَ سان مائٽي هئڻ ڪري ھُن پنهنجي امر آواز کي جهر جهنگ جهومايو. هُو بهار جي پور جوڀن ۾ ڄائو ۽ ڀَري تُري بهار ۾ ميلو متل ۽ رهاڻ رتل ڇڏي، هميشه لاءِ هن جهان مان هليو ويو.
صادق پوئينرن ۾ ٽي پٽ، هڪ نياڻي، ٻه ڀائر ۽ گهر واري سميت سموري ايشيا کنڊ کي سوڳوار ڇڏي ويو آهي. اڄ هو نه آهي، پر هن جون صدائون ته آهن! صادق کي وڇڙئي هاڻي وڏو عرصو ٿيو آھي، پر لڳي ائين ٿو ته ڄڻ هن کي وڇڙئي ڪي پل گذريا آهن، هن جي وڇوڙي جو ڌڪ ٿاريلين دلين کان برداشت ٿئي ئي نٿو. اڄ هر ٿاريلو دانهن ڪري چوي ٿو ته اي مٺي جا ماڻينگر! بنان موڪلائڻ جي ائين اچانڪ هليو وئين؟ تنهنجي وئي کان پوءِ مٺي کان مرڪون موڪلائي ويون آهن.
اُن سال تُنهنجي جدائيءَ جي جهوريءَ ۾ جُهرندڙ مٺي شهر ۾ ڪنهن به هولي نه ملهائي هئي، هوليءَ جا حُلواڻيل رنگ پن ڇڻ ۾ پيلي ٿيل پن جيان ڦڪا ٿي ويا ھئا. هيل به هولي ايندي، پر تون نه هوندين! ”هولي آئي هولي ويئي، مون تي ڪنهن به رنگ نه هاريو“ واريون تنهنجون صدائون ٻُڌي تو سان محبت ڪندڙ سڀئي سَماعتون سوڳوار آهن، توتي گُلال ۽ لال منجيٺ جهڙا رنگ هارڻ لئه ڪيئي حِنائي هٿ آتا آهن، پر تو ناهين! ڪاڪي جهامن مالهي واري ” ايور گرين هوٽل “ ۽ ” ٿر ڪتاب گهر “ ڏي ويندڙ سڀئي رستا سوڳوار آهن. اوڏانهن وڃن لئه دل نٿي چوي ڇاڪاڻ ته هاڻي تون اتي نه هوندين ۽ اُها محفل ئي ڪهڙي جنهن ۾ محفل جو مور نه هجي! تون ته نه رڳو محفلن جو مور هُئين پر دلين جو به چور هئين! تون نه رڳو محفلون لٽيندو هئين، پر معصوم ۽ مُحبتي دلين تي به ڌاڙا هڻندو هئين! اڄ اهي سڀئي دليون سوڳوار آهن. توکي وڏي چاھ مان ڏسندڙ مڙني محبوبن جا چهرا لٿي سج سورج مُکي وانگي لٿل آھن. ڀلي پار جي ڀاڳوند ڌرتيءَ تي پراڻ ڏيندڙ سٻاجهڙي سنڌ جا سارس پکيئڙا! تُنهنجي وڇوڙي ۾ ڪارونجھر جو ڪنڌ جهڪيل آهي، گڍيءَ تي مايوسيءَ ۽ ماٺ ڇانئيل آهي. روهيڙي جا گل مرجهائجي ويا آهن. ٻاٻيهن کان ٻوليون وسري ويون آهن. تنهنجي اچانڪ اولاڪي ۾ جتي تنهنجي مور پنک جهڙي پريتم ڀاءُ پياري جون اکيون بڊي جو ڪڪر بڻجي وٺيون آهن، اتي تنهنجو ڪارونجهر جي پهڻن جيان اٽل ۽ ارڏو دوست خليل به گليشرن جيان ڳري رهيو آهي، ۽ چئي رهيو آهي:
تون نريڙي ڍنڍ تي ڪُونج جي ڪُرلاءُ جئين
ڄڻ هنيئن جي گهاءُ جيئن هاڻ جي ويندين هليو
ڪير ڀائيندو وطن، مون کي کائيندو وطن،
حياتيءَ جي صحرا کي رت جو ريج ڏيندڙ سماج شيوڪ ”ماما وشن ٿري“ تنهنجي بي مندائتي موت تي ائين رنو هو جئين واهوندي تي وِلهه پوندي آهي. تنهنجي جدائي رڳو صحرا کي سوڳوار ناهي ڪيو پر اتر سنڌ جي دلين ۾ به تنهنجي تعزيت جا تڏا وڇائجي ويا آهن.
تو کان ٿيندي ڌار
مٺي ڪوڙي ٿي لڳي
صادق منهنجا يار
( اياز گل )
سنڌي موسيقيءَ جي آڪاش جا تارا! تنهنجي الوپ ٿي وڃڻ کان پوِءِ اونداهي نظر اچي ٿي. تو جهڙا امر راڳي ۽ گڻواڻ انسان صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، وڏي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سرمد کان پوءِ تون به ائين ئي گاڏين جي بَک بڻجي وئين! الاس! الاس!
ڪُٺل تتر جي تنوار جهڙا سريلا راڳي صادق! توکي وڃڻ ۾ ايتري تڪڙ ڪا نه ڪرڻي هئي، توکي اڃا ”اياز“ کي ڳائڻو هو؛ توکي پنهنجي وڏ ڪنور ڌيءَ جي هٿن جا پاند پيلا ڪري سياءِ پلي لڳائڻو هو؛ توکي ته اڃا راحت ۽ نزاڪت ...جي سِرن تي سهرا سجائي سرهو ٿيڻو هو؛ تو کي ته اڃا ديس جي اُنهن ڌيئارين جو نوحو ڳائڻو هو، جيڪي ريتن ۽ رسمن جي آڻن ۽ گهاڻن ۾ پيڙهجي پنهنجي وطن کان جئين وڇڙيون ته وري واپس نه آيون؛ توکي ته اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ رهجي ويل اُن اڀاڳي ٻار جي رڙ ڳائڻي هئي، جيڪو ڄمڻ کان اڳ ئي قوت مدافعت واري ڪميءَ ۾ مري ويو، جنهن جي اختر سُوخته امڙ کي سنڌ جي وڏي ڪُرسيءَ تي ويٺل ” سائين“ نه سهڻ جوڳا ويڻ چوندي وڏا مذاق ڪيا هئا. ان مُنهن جي ڇُوٽ وزير کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لئه نه تون آهين ۽ نه ئي وري اُهو اڇي پٽڪي ۽ چاپئين ڏاڙهي وارو فقير مقيم ڪنڀار آهي، جنهن منظور سولنگيءَ کي تڏهن جواب ڏنو هو جڏهن ڍٽ ڌڃاڻين کي ھُن ” ڏاچين “ جهڙو ڏڌ لقب ڏنو هو. الا! ماڻهو سڀ خاڪ کائي وئي، نه موهن رهيو نه مقيم نه تون نه تنهنجو مُحسن موسيقار حُسين فقير… بقول حاجي احمد ملاح جي ته:
خاڪ کائي ڇڏيو مڙني جو مٿو
اڃا خاڪ جو پيٽ ڀرجي نٿو
صادق تُنهنجي سُرن ۾ انهن ٻاٻيهن جون ٻوليون سمايل آهن جيڪي ڏڪارن جي ڏولارن ۾ اڃ مري ويا آهن! انهن ڍٽ ڌڃاڻين جون اڌرايون اوڇنگارون به تنهنجي صدائن ۾ گونجنديون هيون، جن جا ٻچڙا ٻه ويلا ماني نه ملڻ ڪري بي رحم بُکن جي نذر ٿي بي موت مري ويا آھن. صادق جڏهن نما شام ويلي گڍيءَ تي ويهي گنھگار مان گنھگار ڳائيندو هو تڏهن صدين جا اڃايل ٿر جا مُسافر ٿوهر به روئي پوندا هئا. ڪارونجهر جا اڃايل مور به سڏڪي پوندا هئا. صادق جي امر آواز ۾هڪ اهڙو درد سمايل آھي، جنهن ۾ صدين جي سفر جا سور به آهن، ته پرڀاتي پاڻيارين جا پُور به آھن. ماروئڙن جي لڦون ٿيل پيرن جي پيڙائن جا پنڌ به آهن ته، ڪاسبي هي گهٽين ۾ ڊُڪندڙ ڊيلن جا اوچا ڪنڌ به آھن. صادق جي سُرور ڀرئي آواز ۾ ووڊڪا جي خمار جهڙا کيپ به آهن ته، نوورني وڌوا جي اوڇنگارن جهڙا اذيت ڀريا سُور به آهن. صادق جي اڻ مُندائتي موت تي سموري سنڌ سوڳوار آهي. سنڌي موسيقيءَ جي سينڌ جو سنڌور اجڙي چُڪو آهي، مڃون ٿا ته اسان وٽ ڪريم جهڙي ڪنٺ ڪلا ۽ برڪت جهڙي سُونهن صدا به موجود آهي، پر اهو ٻاٻيهيو ”رمي چڪو “ آهي، جيڪو روح جي روهيڙي ٽارين تي ٻوليندو هو، جنهن جي هڪڙي آلاپ ۾ هزارين سارسن جي مٺاس سمايل هئي. صادق کي سنڌ ڪڏهن به نه وساري سگهندي. هو سنڌ جي انهن سونهري يادن ۾ سمايل هوندو جن کي ساري سنڌ ڪڏهن سڏڪندي ته ڪڏهن ٿڌا ساھ ڀري مُرڪندي، سنڌ اڄ به صادق جهڙن سپوت پٽن کي سنڀاري فخر ڪري ٿي.
ڀلي پار جي ڀلي ڌرتي ” دشت عرب “ ۾ وڇڙي ويل اسان جي صحرا جا سارس! تو پنهنجي ڪيريئر جو پهريون ڪلام واقعي صحيح ڳايو هو ته ” لکئي ڙي پنڌ ڪرايو “ توکي به لکئي پنڌ ڪرايو هو....اهو به آخري پنڌ...!