شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

هُوءَ جيڪا ميمڻ ڪميونٽيءَ سان تعلق رکي ٿي. ميمڻ جيڪي ڏيپلي جي شاندار سُڃاڻپ رهيا آھن. ميمڻ جن ڏيپلي جو نالو ڏيهان ڏيهه روشن ڪيو آھي. محمد صالح ميمڻ، ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ، ڊاڪٽر حاجي شفيع ميمڻ کان وٺي محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان اديب، مشتاق احمد مٺواڻي، ثُريا سوز ڏيپلائي تائين موتين جي هڪ ڇڙي آھي جيڪا ڏيپلي جي گلي ۾ هار وانگي سونهي ٿي. آپا پروين به اُن مالها جو هڪڙو موتي آھي. اهڙو موتي جنهن جي علمي خدمتن جي چمڪ سموري سنڌُ ۾ چاندڻو ڪري ٿي.
هُو جيڪا حيدرآباد جي هوائن ۾ ساھُ کڻندي جڏھن اندر جي مندر ۾ جھانڪي تصورن جي ترورن سان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه ڏانهن نگاھون ڪري ٿي ته سندس ديارِ دل ۾ ڪيئي هرڻ هٺيلا ڊوڙون پائن ٿا، سندس ڪايا جي ڪارونجهر ۾ مينهن وسندي مور نچن ٿا، سرير جي ساڏوهيءَ ۾ سيڙڪا پچن ٿا. هُو پنهنجي وطن کي پل به وساري ناهي سگهي. وساري ناهي سگهي ڏيپلي ۾ موجود اُھو دڙي وارو گهر جنهن جو در اڄُ به هن جي من ۾ کُليل ئي رهجي ويو آھي. ڏيپلي جا ڏاکڻيا ريت اڄُ به هن جي روح ۾ ٻانڌيلي ٻار وانگي ٻهڪن ٿا. هُو جيڪا سنڌُوءَ جو شيتل جَل پيئندي پنهنجي ديس جي کارن کوھن جي ٻاڙي پاڻيءَ کي به نه ٿي وساري. هُوءَ جيڪا ديس جي واريءَ کي پل به نٿي وساري، هُو پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه جي ڌڙن تي وڄندڙ چنگن ۽ چڙن کي سنڀاري مور ڪلنگي جهڙيون نت روز نيون تخليقون من مندر ۾ تراشي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ وجهي ٿي. ماروئڙن جي ديس ڌيئاري اُن ڏيهه جي ڏات ڌڻياڻي آھي جنهن ڏيهه جي نياڻين جي نصيب ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي به مشڪل سان ملي ٿو، جنهن ديس جون هوائون هٿن ۾ ٽانڊا کڻي هلن ٿيون، جنهن وطن جي تپندڙ ريتن تي ڪپهه جهڙا ڪونئرا پير اُڀراڻا جُتي بنان جلن ٿا، جنهن ديس جي مارو پٿر جهڙن ماروئڙن جي مقدر ۾ ڏُکن ۽ ڏُڪارن جا انبار ڏاتار جي ڏيا ٿي ملن ٿا. اُن دادلي ديس جي ڏاتيار ڌيءَ جڏھن هٿ ۾ قلم کڻي وطن جون ڪهاڻيون ۽ مضمون لکي ٿي، ته ڏُکايل ڏيهه به مُرڪي پوي ٿو. ماکي جي لار جهڙي مڌُر ٻوليءَ کي مٺي لهجي ۾ ڳالهائيندي هي وطن جي پکين کي به وڻي ٿي. ميڻ جهڙي نرم مزاج جي مالڪه هئڻ ڪري الاهي حساس دل آھي.
هُوءَ جيڪا ادب جي ڪُروشيتر ۾ پنهنجي عورتاڻي وجود جي هئڻ جو احساس ڏياريندي ڏياريندي ادب جي مهاڀارت تخليق ڪندي الئه ڪيترين گنڌارين جا درد بيان ڪري ٿي. هُوءَ تحقيق جي رڻ ۾ رُلندي رُڃن جا راز ڳولي نت روز نوان هيرا هٿ ڪري ٿي. هُوءَ ادب جي اڙانگي راھ ۾ اُڀراڻي هلندي تاريخ جهڙي تُز ۽ خُشڪ موضوع کي هٿ ۾ کڻي ان سان سؤ سيڪڙو سچائيءَ سان نڀاءُ ڪري ٿي.
ڏيپلي جي ميمڻ محمد موسيٰ جي گهر ۾ پنج جون 1958ع تي اک کوليندڙ هن ڀاڳيه لڪشمي پنهنجي پريوار جو نالو سموري ڏيهه ۾ پونم چنڊُ جي پرڪاش وانگي روشن ڪرايو آھي. ابتداعي تعليم پنهنجي اباڻي شهر ڏيپلي مان پرائڻ کان پوءِ سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪئي. سندس والد صاحب موسيٰ ميمڻ مختيارڪار هئڻ ڪري مختلف جڳهن تي بدلي ٿيڻ سبب هن تعليم به مختلف هندن تي پرائي. پرائمريءَ جي پنجين درجي کان پوزيشن کڻڻ واري خاصيت اعليٰ تعليم تائين برقرار رکندڙ هن باوقار ليکڪه سنڌي ادب ۾ ماسٽر ڪرڻ سان گڏ 2012ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري به حاصل ڪئي آھي. تمام محنتي ۽ اورچ خيالن جي مالڪه پروين موسيٰ ميمڻ ڪميشن پاس ڪري تعيلم کاتي ۾ نوڪري حاصل ڪئي. شروعات ۾ ليڪچرر طور ڀرتي ٿي، پوءِ ترقي ڪندي ڪندي ايسوسيئٽ پروفيسر جي پد تائين پهتي ۽ آخرڪار نذرت ڪاليج حيدرآباد ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رٽائرٽميمٽ ورتي.
هُوءَ رڳو لِکي ۽ لوچي نه ٿي، پر هُوءَ پڙھي ۽ پَرجهي به ٿي. هُوءَ تخليق سان گڏ تحقيق به ڪري ٿي. هُوءَ ادب جي خدمت سان گڏ هڪ ذميوار اُستاد طور ٻارڙن کي به پڙھائي ٿي. ڪاليج ۾ ٻار پڙھائڻ سان گڏ پنهنجو گهر به سنڀالي ٿي. رڌُ پچاءُ به ڪري ٿي، ته ڪڏھن ڪڏھن سنهي سُئي سان ڪو کَڻُ به کَڻي ٿي. ھُوءَ ليکڪه هئڻ سان گڏُ هڪ مڪمل عورت پڻ آھي، جنهن جا گهر ٻار به آھن، ته سهيليون سرتيون به آھن. جن سان ذميواريءَ سان نڀائي ٿي.
”مُنهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق“ جهڙو شاندار ڪتاب لکندڙ سنڌُ جي دلير ليکڪه پوپٽي هيراننداڻيءَ جي آپ بيتيءَ کي اندر جي اکين سان پڙھي هينئين سان هنڊائڻ واري هي ڏات ڌڻياڻي ڏُک ۽ سُک حياتيءَ جو حصو سمجهندي وڏي ديده دليريءَ سان جيئي ٿي. ڀٽائيءَ جي بيتن ۽ شيخ اياز جي نظمن سان بي پناھ پيار ڪندڙ هي تخليقڪاره پنهنجي تخليق ۽ تحقيق ۾ نه رڳو ادب جي آبياري ڪري ٿي پر تعليمي ۽ تدريسي عمل لاءِ به ڏينهن رات جاکوڙي ٿي. آپا پروين صاحبه سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ سوين تحقيقي مضمون، ترجما، ۽ تخليقون وڌيون آھن، جن کي پڙھي سنڌُ صدين تائين کيس سنهري شبدن ۾ ياد ڪندي رهندي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا سنڌي ادب ۾ درجن کان مٿي ڪتاب ڇپجي چُڪا آھن، ۽ درجن کن اڃا اڻ ڇپيل آھن. آپا ڪٿي به ٿڪ ناهي ڀڃيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪجهه هي شامل آھن. ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، ”سنڌي نثُر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، ” اُٿي رائو ريل (تحقيق ۽ تنقيد)“، آديسن ادب آھي اکڙين ۾“، ”سون ورنيون سوڍيون“، ” اخلاقي قدر (ٻاراڻو ادب)“، ”وکر سو وهاءِ (مضمون ۽ مقالا)“، ” سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“، ” عالم سڀ آباد ڪرين“، ” پلئه پايو سچ“ ان کان سواءِ آپا جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامون اهو آھي جو هُن سنڌي نثر ۾ عورتن جي ڪيل خدمتن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آھي. هن ”سنڌي نثر جي تاريخ ۾ ليکڪائن جو حصو تحقيقي اڀياس 1985ع تائين“ نالي تحقيقي ٿيسز لکي 2012ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڊاڪٽريٽ جي (PH.D) ڊگري حاصل ڪئي آھي. هي تمام وڏي اعزاز جي ڳالهه آھي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ کي تعليمي، تدريسي، ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيئي اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ به ملي چُڪا آھن، جن ۾ هي قابلِ ذڪر آھن. 2004ع ۾ اڪيڊمڪ سرٽيفڪيٽ بورڊ آف انٽر ميڊيٽ حيدرآباد پاران مليو، هيڪ (HEC) پاران 2006ع ۽ 2015ع ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش انعام مليو، شمش العلماءِ مرزا قليچ بيگ عالمي ڪانفرنس اعزازي سرٽيفڪيٽ 2009ع ۾ مليو، بيسٽ ڪمپيئر ايوارڊ شيلڊ 2007ع ۾ مليو، 2013ع ۾ سِگا ۽ ناري سنگت طرفان بينظير ڀُٽو ايوارڊ شيلڊ ملي، سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ”اُٿي رائو ريل“ تي خيرالنساءِ جعفري ايوارڊ شيلڊ 2010ع ۾ ملي، نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب تي انعام ۽ سند ملي، ۽ جهموريت بهترين انتقام آھي (سنڌي/ اُردو) اعزازي سرٽيفڪيٽ سميت ٻيا به الئه ڪيترا ايوارڊ ملي چُڪا آھن. ڊاڪٽر صاحبه جو علمي ۽ ادبي پورهيو ڏسي دل چئي ٿي ته حُڪومت کيس صدارتي ايوارڊ سان نوازي، ۽ هن محنتي عورت جي ڪيل علمي ۽ ادبي ڪاوشن جو جيئري قدر ڪري.