شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

امام علي جنجهي

اي لهندڙ سج صبح کي چئجان
آئون ڪنهنجو ڪين غُلام آھيان
مُنهنجي پنهنجي دنيا آھي
آئون انهيءَ جو امام آھيان

هُو جيڪو پنهنجي دُنيا جو امام آھي، هُن جي پنهنجي دُنيا آھي، اهڙي دُنيا جنهن ۾ سُور به آھن ته سُک به آھن. جنهن ۾ آجپي جو اُجرو صبح آھي ته ڪنهن نرمل شام جا نيرا رنگ به آهن. جنهن ۾ غُلامي جهڙي گار جو ڪوبه آزار ناهي. هُن جي شاعريءَ جي به پنهنجي الڳ دنيا آھي. هُو نه اياز ٿيڻ جي اُلڪي ۾ آھي ۽ نه ئي ڪنهن بُخاري ٿيڻ جي بُخار ۾ مُبتلا رهيو آھي. هُو ته بس وڪڙيو جنجهي جي فقير منش انسان فقير يوسف جنجهيءَ جو لاڏ گدُوڙو پُٽ امام علي جنجهي ٿي رهيو آھي. شاعري وارو هُدو هُن کي موروثيت ۾ مليو آھي، هن جو بابا ۽ نانو مهرعلي جنجهي سُگهڙ ۽ اديب هئا سندن صحبت جي ڪري بچپن ۾ ئي هي شعر جي پيروڊي ٽو ڪاپي ٺاهي وٺندو هو1995ع ۾ هن انٽر پاس ڪيو، ۽ پوءِ ٿر پروڊڪشن تي مزوري ڪئي. هُن جي شاعريءَ جو لهجو ۽ اسلوب نج نبار پنهنجو آھي. هُو پاڻ چوي ٿو ته آئون جيڪو آھيان بس امام ئي آھيان.
پاڻ ته پنهنجي ليکي آھيون
اڀرا سڀرا جيڪي آھيون
هُو جيڪو رنگ منچ جو رُوپونتو راڻو آھي، هُو مئل محفلن ۾ جان وجهندڙ جادوگر شاعر آھي، هُو ٿر جو واحد شاعر آھي، جنهن کي پنهنجي سموري شاعري ائين ياد آھي جيئن وطن کان وڇڙيل ڌرتيءَ جي ڪنهن ڌيئاري کي وطن جا گهيڙ ۽ گس ياد هوندا آھن. ھُو جيڪو ٿر جو عهد ساز شاعر آھي. جنهن جي ڳوٺاڻي نينگريءَ جي خيالن جهڙي خوبصورت شاعريءَ جي سحر جو اثر ٿر جي اڪثر شاعرن تي آھي. نه رڳو اثر آھي، پر گهڻن ته گهٽ به ناهي ڪئي. هن جي تاريخي دستاويز جهڙي دورانديش نظم ڪوئلي مان ٿر جي نه ڄاڻ ته ڪيترن روڙين هٿ رڱيا آھن. پر مجال آھي جو هن فقير تن شاعر ڪنهن کي ڪجهه چيو هُجي. هن سڀ ڪجهه سڀاڻ تي ڇڏيو آھي. تاريخ پاڻهي پيئي تبصرا ڪندي ته ڪير تخليقڪار هو ۽ ڪير تجربيڪار هو.
ٿر ۾ هن وقت شاعرن جي هڪڙي لوڌ لٿل آھي جنهن کي اها به خبر ناهي ته شاعري ڪئي ويندي آھي يا ٿي ويندي آھي؟ مليريا جي تَپ ۾ وڦليندڙ ڪنهن مريض وانگي اُبتيون سُبتيون ڳالهيون ڪري پنهنجن عجيب و غريب خيالن ۾ عوام کي مُنجهائيندڙن ۽ پنهنجي پر ۾ ڪاليداس ۽ ڪيٽل بڻيل هڪڙي پُر شور هُجوم ۾ ڪي چند اهڙا لعل به لڀن ٿا جن جي شاعريءَ جي ساحريءَ ۾ ماڻهو گُم ٿيو وڃي. ٿر جي شاعريءَ جي سينوريل ڍنڍ ۾ امام علي جنجهي نيل ڪنول جي نرم پتن جهڙو نيارو ۽ ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ٻهڪندڙ پاٻوڙن جهڙو پيارو شاعر آھي. جنهن جي شاعريءَ جي هجاري گُلن کي ڪوبه گند سُپرش ڪري ناهي سگهيو. امام علي جنجهيءَ جي شاعريءَ جي ٻولي اهڙي ته ٻاٻاڻيءَ ۽ ٻاجهه ڀري آھي جيڪا سڌو سنئون دلين تي ڌڪ هڻي ٿي. امام جي شاعري جتي حيدرآباد جي هوائن ۾ ويٺل، شاعريءَ جي پارکو امداد حُسينيءَ کي آئڙي ٿي اُتي موتيسري جي ڏرڙن ۾ ڏُٿ ڳوليندڙ اڻ پڙھئي انسان واگهي ڪولهيءَ کي به وڻي ٿي. اهو ئي ته تخليقڪار جو ڪمال آھي. هُو ڪوانٽٽي بدران ڪوالٽي تي ڌيان ڏئي ٿو. هُو ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ غزل لکڻ بجاءِ سال ۾ هڪ اڌ نظم يا غزل لکي ٿو، پر اهڙو لکي ٿو جو گهڻا جا ڇڪا ڇڏائي ٿو، ۽ پڙھندڙ پورو سال ان غزل يا نظم کي پڙھن ٿا. پڙھن ڪٿي ٿا پيئن ٿا.
هُو جيڪو ڀاروڙين ۽ ڀِٽن جي ديس جو ڪلواڙي جي ڌُن جهڙو اُهو ڪارائتو ڪوي آھي جنهن جي ڪلا هن وطن جي واريءَ جي ڪَڻ ڪَڻ کي پنهنجي نرالي نوعيت واري ڪويتا ۾ ڪَٿيو آھي. هُن جتي پنهنجي شاعريءَ ۾ راسُوڙن جي ڌُن تي نچندڙ ڪنهن ڪولهياڻيءَ جي ڪانچُوئي تي ڀريل ڀرت جهڙا ڀلوڙ خيال پيش ڪيا آھن، اُتي گُهومر ۾ رقص ڪندڙ ڪنهن راجپوتاڻيءَ جي سُر ۽ تال ۾ وڄندڙ جانجهر جي جهمڪي جهڙن لفظن جي ڪرافٽنگ به ڪمال جي ڪئي آھي. اچو ته اهڙي دل لُڀائندڙ ڪويتا مان ٿورو حظ حاصل ڪندا هلون؛

اوهانجي يادگيرين جون پڪارون چنڊ تي پهتيون،
مڪيون جي يار مون توڏانهن ميارون چنڊ تي پهتيون،

هوا تي چڳ وارن جي لڏي پئي ڳل کاٻي تي،
اسان جي خواب جون پهريون اڏارون چنڊ تي پهتيون،

پراڻو ڳوٺڙو پنهنجو موئن جو ٿي دڙو ويو آ،
خزائن گل ڇڏيا ڇاڻي بهارون چنڊ تي پهتيون،

اسان وٽ عيد ڏياري تي اوهان جو ٿانءٌ پيو وڌجي،
اوهان کي چئو ڪٿي ڳوليون نهارون چنڊ تي پهتيون،

سدائين سنڌ کي سجدا ڪفر هو ته به ڪياسون پئي،
پڳاسون پلصراطن تي پچارون چنڊ تي پهتيون.

امام علي جي شاعريءَ ۾ جتي پارڪر جي پدمڻي ”هانسُو ريٻارڻ“ جي پُرنُور حُسن جا حوالا آھن، اُتي وينجهي سوڍي جي وڇوڙي ۾ پل پل پڄري، هيماڙي ۾ هڏيون ڳاريندڙ سيڻل چارڻياڻيءَ جا مٺڙا مٺڙا سُور به ڪنهن پُور وانگي پوئيل آھن. امام علي جي شاعريءَ ۾ جتي جهانسيءَ جي راڻيءَ جي هٿ ۾ سُونهندڙ تلوارن جي تجلن جهڙي مُزاحمت آھي اُتي مُومل جي مزاج جهڙي مٺي مُحبت به آھي. هن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو پُنهون جي پريت جي پرچار آھي، پر عشق ۾ آنهون ڪندڙ آرياڻي سسئيءَ جا پُر سوز سڏُ به آھن. هن جي شاعريءَ ۾ ”اسان کي عشق ڪکيو آھي“ جهڙو اندر جو عاجزانه احوال به آھي ته ڪنهن وڏي ڳوٺ جي وارث ”ڪنهن اڻ پرڻي هرڻي“ جي حياتيءَ جو هاڃيڪارڪ درد به آھي. ان نظم جي هڪڙي ئي سِٽ ماڻهوءَ جا وڻ وڄائڻ لاءِ ڪافي آھي. ”اڙي هرڻي اڻ پرڻي نصيبن ۾ اٿئي رولو“
هُو جيڪو هر وڏائيءَ کان وڏو ڪوي آھي. سادگي هن جي روم روم مان سُونهن بڻجي نروار ٿئي ٿي. هُو اڄ به کُلي دل سان اعتراف ڪندي اهو چوي ٿو ته آئون ڪيسٽي شاعر هئس، مون کي منهنجي شُڀچنتڪ سنگت ساهتيه کيتر ۾ وٺي آئي. هن ڳالهه جي تصديق فقير منور ساگر کان وٺي مُڪيش راجا تائين به ڪرائي سگهو ٿا جن جو چوڻ آهي ته امام کي اسين زوري مشاعرن ۾ وٺي ايندا هُئاسين. هڪڙو ڀيرو ڇڪڙي تان جبري گهيلي آياسين مشاعري ۾ تڏهن امام صرف بيت لکندو هو، ڇڪڙي تي ڪنڊيڪٽري ڪندو هو، ۽ پنهنجي دنيا ۾ مست الست رهندو هو. امام تمام ڪٺن پريکشائن مان به پار ٿيو آھي. ٿر پروڊيڪشن تي مزوري ڪندي هن پورهيت شاعر پنهنجي رت ولوڙي تخليق ڪيل ڪويتائن کي ڀُڳڙن مُٺ تي وڪڻي پيٽ جو دوزخ ڀريو آھي. تخليق اولاد برابر هوندي آھي، پر اُھا به وڪڻڻي پوي ته ان کان مٿي ٻيو ڪهڙو درد هوندو. پيارا امام تُنهنجو اهو درد آئون ڄاڻي سگهان ٿو ڇاڪاڻ ته قسمت مون سان به ڪُجهه ائين ئي ڪيو آھي.
هُو جيڪو هر مڳيءَ کان معتبر آھي، هُو هر ٺڳيءَ ۽ ٺاھ کان پري آھي. سرنگهو جيڏي ڊگهي قد وارو هي جُنگ جوان ڪوري گهڙي جهڙي ڪوريءَ ۽ شيشي جهڙي شفاف ڪايا جو مالڪ آھي. جهڙو اندر آھي تهڙو ٻاهر آھي. هُو هر ٻهروپيت کان پاڪ آھي. هن جي سانوري چهري تي نمرتا جي ٽھڪن جهڙي مُرڪ هر ويلي هٿيڪي ملي ٿي. هر رنج و غم کي مُرڪن ۾ مِٽائي زندگيءَ جي زهر کي امرت ڪري پيئڻ ۽ جيئڻ ڄاڻي ٿو. ھُو ڄاڻي ٿو ته ڏُکن کي ڪيئن ڏوڪجي ۽ سُکن کي ڪئين سُرڪجي..هُو ڄاڻي ٿو ته سانوڻيءَ ۾ ڀرجي آيل ڀِٽون ڏسي ڏوٿيئڙا ڪيئن سرها ٿيندا آھن. هُو ڄاڻي ٿو ته ڌنارن جي دردن ۾ سندن بانسريون ڪئين ڪُوڪينديون آھن. هُو ڄاڻي ٿو ته مينهن مور ۾ ڇو نچندا آھن، پلر جا تلاءِ ڇڏي جهرڪيون واريءَ ۾ ڇو وينهجنديون آھن، ڍڳي مئل ڦر جي چَم کي چٽي ڇو پسوئجي پوندي آھي. ماڪوڙيون مينهن ۾ ڪيئن مستيون ڪنديون آھن. هُو فطرت جي هر گوناگونيت ائين ڄاڻي ٿو جيئن ڪا ماءُ پنهنجي نڀاڳي پُٽ جون عادتون ڄاڻيندي آھي. تڏهن ته هُن پنهنجي ديس جي وڻن، ڌڻن، ڌڙن، هوائن، پکين ۽ سکين جي اکين کي ڏسي شهديو پانڊو وانگي اڳڪٿي ڪندي اهڙي دانهن ڪئي جنهن کي ٻُڌي سموري ديس جي بدن مان سيئوکريون نڪري ويون...!

هاڻي پنهنجي مسجد ڊهندي
هاڻي پنهنجو مندر ڊهندو
پاڻ ٻنهي جو اندر ڊهندو
پنهنجي ڳوٺ جي ٻاهران هاڻي
اجنبي ڪي ايندا ماڻهو
پاڻ تنين کي ڪين ٿا ڄاڻون
پاڻ کي تن تي حيرت ايندي
پاڻ ٻنهي کي غيرت ايندي
مان به روئندس تون به روئيندين
ڪنهن جي ڪنهن جي پيرن پوندين
پوءِ تون ساڳيون مون کي چوندين
پنهنجو ماڳ مڪان ڪٿي آ
پنهنجو ناءُ نشان ڪٿي آ
پاڻ ڇٺيءَ کان ڇورا ماڻهو
پاڻ ته آهيون ڀورا ماڻهو
پاڻ ته آھيون ڀورا ماڻھون

هُو جيڪو نه رڳو ولگر وڏيرن جي نرجن نَڪُن تي رنبي رکي ٿو، پر پورهيتن جا حقُ ڦٻائيندڙ راشي سرمائيدارن جي ڪَن ۾ جهلي هيئن چوڻ جي جرئت به ڪري ٿو ته؛
پگهر جي مزوري ڪڏھن ڪونه ڇڏبي
خوشيءَ سان نه ڏيندين وڙھي نيٺ وٺبي
ڪارل مارڪس جي داس ڪيپيٽل تي ڀاري انهن ٻن سٽن کي جيڪڏھن ڪو پورهيت هينئين سان هنڊائي ۽ ان تي عمل پيرا ٿئي ته سندس حق ڪوبه ڇني نٿو سگهي.
امام گهڻي وقت کان شاعري ڪري پيو، پر اڃان تائين ڪو ڪتاب ناهي ڇپرايو، الئه ڇو؟ حسن درس وانگي ڪنهن هٺ تي قائم آھي يا سرويچ سُجاولي وارو ڊپ آھي متان سنگت هن جي هڪڙي ڪتاب تي هٿ پڪو ڪري پنهنجا ڏھ ڏھ ڪتاب نه ڇپائي. مالڪ ٿو ڄاڻي..ڪهڙي مام آھي. پر اڄُ آئون هاسيڪار هُج ڪري چوندس ته پيارا...! پنهنجي شاعريءَ جو سجُ جلدي ظاهر ته جيئن تُنهنجا سُورج مُکي فيضياب ٿي سگهن.
(عشق جون نيريون اکيون) ۽ (اکيون رنگ رتول) نالي ٻن ڪتابن جيترو مواد موجود آھي پر هن جي خواهش آھي ته هڪ ئي ڪتاب هجي ڇاڪاڻ ته هي نمبر ٺاهڻ جي چڪر ۾ قطعي ناهي. هن کي مڃتا طور پورب ڄائي ايوارڊ عمرڪوٽ ۾ ۽ بهترين شاعر جو ايوارڊ حيدرآباد ۾ ميگهه سماجي فورم طرفان مليا آھن. ان کان سواءِ ٻيا به ڪُجهه ايوارڊ ادبي تنظيمن جي پروگرامن م مليا آھن. هن کي مليل سڀ کان وڏو ايوارڊ عوامي مقبوليت آھي، جيڪو وڙلي خوشنصيبن کي ملي ٿو.