شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ارباب مقبول احمد راهمون

جهڙو سندس نالو هو تهڙو ئي عوام ۾ مشهور هو. هُن نه رڳو پنهنجي پيءُ نور محمد جو نڪُ رکيو، پر پنهنجي نالي جي به لڄُ رکيائين. تمام ننڍڙي وهيءَ ۾ برادريءَ جو وڏو بار ملڻ ڪري هُو انتهائي ذميوار شخص هو. هن کي ٻارنهن سالن جي ٻالڪ اوسٿا ۾ ”پڳ“ ٻَڌرائي راهمن جي راڄُ جي واڳ هٿن ۾ ڏني ويئي. ايڏي وڏي واڳ ملڻ جي ڪري ڪيئي ڇُڙواڳ ٿي ويندا آھن، پر هن وڏي ذميواري سان ان پڳ جي پت رکي پنهنجو ست قائم رکيو. 22 آڪٽوبر 1983ع تي ارباب نور محمد جي پرلوڪ پَڌارڻ کان پوءِ ارباب مقبول احمد کي راهمن جي ساڍا ارڙنهن نُکن تي مشتمل تمام وڏي برادريءَ جي پڳ ٻڌرائي ويئي هئي. ارباب مقبول پنهنجي حياتيءَ جا سمورا ڏينهن عوام جي خدمت جي نظر ڪري ڇڏيا.
هُو تمام سادگي پسند ماڻهو هو. غريبن سان گڏ کائڻ پيئڻ وارو هو. هُو انهن مڙني وڏيرن کان مختلف هو، جيڪي پاڻ کٽ تي ۽ عوام پَٽ تي ويهاري پنهنجي پر ۾ وڏا ماڻهو ٿيندا آھن. هي عوام سان گوڏو گڏي پَٽ تي ويهڻ وارو هو. عام ماڻھن سان گڏ ڪاڄن ۾ ساڳي ڇَني ۾ ساڳي طعام، ساڳي پليٽ ۾ کائڻ وارو هو. ڪا به وڏائي نه هئس، پر سندس نالو ايڏو وڏو مشهور هو جو ماڻهو هن جي درشن لئه اُتاولا هوندا هئا، جڏھن ماڻهن کي هن جو ديدار نصيب ٿيندو هو، ته ماڻهو دنگ رهجي ويندا هئا. هرڪو سوچڻ تي مجبور ٿيندو هو ته هيڏو وڏو ماڻهو جنهن جي حُڪم هيٺ لکين عوام آھي. اهو ايڏو سادو جو صفا عام ماڻهو لڳي ٿو. ماڻهن کي ڪهڙي ڪل ته مقبول جي اها ئي ته سادگي آھي جنهن کيس ايڏي وڏي پد تي پهچائي مڙني کان مٿي مقبوليت ڏني آھي. ارباب مقبول صاحب جو رويو عام ماڻهن سان تمام بهترين هوندو هو. بهترين رويو ۽ سادگي پسند هئڻ ڪري هرڪو ماڻهو مداع ٿي ويندو هو. هن جا فيصلا به راڄن ڀاڳن وارا هوندا هئا. پوليس پٽيليءَ کان پري ڀڄندو هو. عوام کي عوام ۾ ملائيندڙ ماڻهو هو. هن ويڙهايو ۽ راڄ ڪيو وارو نابين نظريو ڪڏھن به نه اپنايو. توڙي جو ٿر جي گڙنگ پٽيلن ۽ نام نهاد سياستدانن هن درويش دل اڳواڻ کي هر جڳهه استعمال ڪيو. مختلف هربا هلائي کيس ڪڏھن به اقتداري طور سوڀارو ٿيڻ نه ڏنو ويو، پر پوءِ به هي اقتداري وڏيرن کان هزارين ڀيرا مٿي مقبول ۽ مشهور هو. ماڻهو جتي اقتداري وڏيرن جي سامهون انهن جا حُڪم ٿُڏي ڇڏيندا هئا، اُتي ارباب مقبول جي، سگريٽ جي پاڪيٽ اندران نڪرندڙ پرچي تي لکيل ننڍڙي چِٺي تي لبيڪ چوندا هئا.
امير ماڻهن جي عاليشان دعوتن کي ٺُڪرائي غريبن جي کنڊُ خُشڪي ڀَت تي خوشيءَ سان ويندو هو. کيس ڪو چوندو هو ته سائين هي ڇا ڪيو؟ ڦلاڻي وڏيري جي وڏي دعوت ڇڏي هي خيرو کُٿل جي ڀَت تي پيا وڃو، ته مُرڪي وراڻيندو هو ”يار! جيڪو غريب جي محبت مان پياريل پاڻيءَ جي ڍُڪ مان سواد ملي ٿو سو امير جي پُلاءُ مان ڪٿي ملندو.“ هُن جي غريبن سان وڏي لڳندي هُئي. هُو غريبن جو صفا يار هو. هُن جي وڏن پيٽن وارن وڏيرن سان نه لڳندي هُئي. هُن جون ڪچهريون انهن عام ماڻھن سان هونديون هيون جيڪي ريٽن تي ويهي حيدر رند جو ڏورو ٻُڌي ڏيهه سان ٻٽيهه دليون جوڙيندا هئا، جن جي ٽُٽل کيسن ۾ ناس جي چپٽي، اولپمڪ سگريٽ، ننڍي آرسيءَ ۽ پنج روپئي وارو ڦُڻيو هوندو هو. جيڪي ڌرتيءَ جي پيار مان ڍاپيا نه ڍاپندا هئا. ڌرتيءَ جي ڌَراڙن ۽ وڇراڙن سان هيئن جي حُب مان حال احوال ڪندڙ هي سامروٽيءَ جو سرنگهو جي سائي وڻ جهڙو وجود رڳو راهمن جو رکوالو نه هو، پر خطي جي هر ماڻهوءَ جو خيال ڪندڙ هو. هُن پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي تر جي عوام ۾ ڪنهن سان به انياءِ ٿيڻ نه ڏنو.
هُو مار ماران ۽ ڀڃ ڊاھُ جي خلاف هوندو هو. هُو انتهائي امن پسند اڳواڻ هو. هُو هٿيارن جي پاسي نه هو. هُن کي ماڻھن جي هٿن ۾ گُل وڻندا هئا. هڪڙي ڀيري ڪنهن کيس هڪڙي دعوت ۾ بندوق جو تحفو ڏنو. تحفو واپس ڪندي مُرڪي چيائين”پُٽ! آئون ماري وڏيرن مان ناهيان. آئون بندوق کي ڇا ڪيان؟ آئون شڪارين جي سخت خلاف آھيان. آئون پکي ماريندو نه، پر پاليندو آھيان. آئون فطرت سان پيار ڪندڙ آھيان.“ اهو ٻُڌي ميزبان دنگ رهجي ويو. هڪڙي دعوت ۾ سندس برادريءَ جي هڪ ابوبڪر راهمون نالي شخص نو لکي گهوڙي جو تحفو ڏنو، جيڪو دلي خوشيءَ سان قبول ڪندي وراڻيائين”ها اها منهنجي ڪم جي شيءِ آھي“ گهوڙن ۽ گُلن جو شوقين هوندو هو. گهوڙيسواري ڪرڻ، سگريٽ پيئڻ، ۽ موسيقي ٻُڌڻ ارباب مقبول جو وڏو مشغلو هوندو هو.
1985ع، 1988ع، ۽ 1990ع، جون چونڊون هارائڻ ڪري هي اڳتي وري اليڪشن نه وڙھيو، پر هن جو اثر رسوخ خطي ۾ جيئن جو تئين رهيو. هُو جنهن کي سپورٽ ڪندو هو اهو سوڀارو ٿيندو هو. ارباب مقبول جو تمام وڏو ووٽ بئنڪ هو، پر ٿر جي پيٽيدار کيڏارين ۽ اندر ابليس سياستدانن جا گُر پيچ هن جي سمجهه ۾ ڪڏھن نه آيا، ان ڪري هي هڪ به اليڪشن نه کٽي سگهيو، پر پنهنجي مُحبتي مزاج جي ڪري لکين دليون کٽي ويو. دليون کٽڻ ڏاڍو ڏُکيو ڪم آھي. الئه ڪيترا سياستدان الئه ڪيتريون اليڪشنون کٽي به ڪا هڪ اڌ به دل نه کٽي سگهيا. هي نيت صاف سياستدان، راڄ ڀاڳ جو رکوالو جڏھن 22 سيپٽمبر 2014ع جو روشنين واري شهر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ويو هو تڏھن ڀٽن جي ديس مان اُٿيل ڪوڪون ڪراچيءَ جي ساحل ڪناري تائين پهچي اهو چئي رهيون هيون ته اڄ رڳو سينگالو ناهي سُڏڪيو پر راڄ يتيم ٿي ويا آھن. ٿر جي هن شھنشاھ سياستدان جو جسد خاڪي جڏھن سندس اباڻي ڳوٺ ڏي نيو پئي ويو تڏھن بدين کان وٺي سينگالي تائين مختلف شهرن ۾ روڊن جي پاسن تي قطارن ۾ ماڻھو گُلن جي ورکا ڪري پنهنجي هر دلعزيز اڳواڻ کي الوداع ڪري رهيا هئا. سينگالي کان وٺي شاھ حُسين قبرستان تائين هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ آلين اکين ۽ سرد شوڪارن واري درد جي نيل درياءُ جون ڇوليون ڏسي هر دل چئي رهي هُئي ته، عوام جي دل ۾ رهڻ لئه اقتدار نه، پر اخلاق، پيار، پنهنجائپ، ۽ نوڙت کپي ٿي.