شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

شريف هنڱورجو

لاکيڻي لطيف جي هن سون ورنيءَ سنڌُ ڌرتيءَ جي پڇاڙڪن پوٺن ۾ آباد هن واريءَ جي وطن ۾ ڪڻ ڪڻ منجهه ڪهاڻيون ۽ ڌڙي ڌڙي تي داستان ملن ٿا. انهن قصن ۽ ڪهاڻين جي ديس جي دلربا تاريخ ۾ ڪي ڪي سون جهڙا سچا هيرا به لڀن ٿا جن جا قابل تعريف ڪردار پڙھي ماڻهوءَ کي رشڪ ٿئي ٿو. ڀومي جي انهن ڀلماڻسين جا جيون ڪتاب ايندڙ نسل لاءِ اُجري صبح جهڙا شاندار ۽ سُونها هوندا آھن. ڌرتيءَ جي انهن دلبر ماڻهن ۾ چڀڙيال جو چڱو مُڙس شريف هنڱورجو به هڪ هو.
شريف هنڱورجي جهڙا سٻاجهڙا ماڻھوءَ ڪٿي ڪٿي وڙلي ملندا آھن. اھڙن املهه ماڻھن جو ڄمڻ ڪنهن ڪنهن ڀاڳوند ڀوميءَ جي ڀاڳ ۾ سمايل هوندو آھي. دوستيءَ تان دل گهوريندڙ هي اهو دلبر ماڻهو هو جنهن يارن سان ڪڏھن به ليکو نه ڪيو. هر وقت منهن تي مُرڪن جا ململي پوپٽ سجائي هن سماج ۾ سُونهندڙ هن مور ماڻهوءَ جي مهما نه ڄاڻ ته ڪيترن سينن ۾ ساھُ کڻي ٿي. چوندا آھن ته ڀلا ڀوي نه وسرين، هُو به ڀلوڙ ماڻهن مان هڪ هو. هن خطي جي سياست تي وڏو اثر رکندڙ فقير شير محمد بلالاڻيءَ جي ساڄي ٻانهن هو. شريف جو وڇوڙو بلالاڻي لاءِ به وڏو ڌچڪو هو.
سن 2018ع جي هڪ اڀاڳي صبح جو 3 اپريل تي هُو چڀڙيال جو چتر منش هميشه لئه هتان هليو ويو. هُو اُھو ماڻھو هو جنهن جي جدائي وٽ واري خطي ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويئي. هن جي جيئڻ جي جيئڻ جون جهلڪيون ساريندي نه رڳو اندر اڌ ٿئي ٿو، پر سمورو وجود سڪرات ۾ اچي وڃي ٿو. هُو جنهن جي پرلوڪ پَڌارڻ تي نه رڳو چڀڙيال جا ماڻھو رُنا هُئا، پر اُھي مور به دانهون ڪري رنا هئا، جن کي داڻا ڏيندي هُو فطرت سان هم ڪلام ٿي، ڪنهن ڀلاري بارش لئه ٻئي نگاهون نيري آڪاش ڏانهن کڻي ٻاجهاري ڌڻي کان دعا گهرندو هو. هُو هر اُن ماڻھوءَ لاءِ مرندو هو، جيڪو حقُ ۽ سچُ جو ٻيلي هوندو هو. غريبن ۽ ڏُکايلن جو هي يار ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هي جهان ڇڏي ويو. هُن جي وڇوڙي جي وماس ۾ وماسجي چڀڙيال جا کوھ به پياسي پنڇيءَ وانگي هُن لئه ڦٿڪيا هئا. ڦٿڪيا ته اُھي بي سهارا ۽ بيوس وجود به هئا، جن لئه هي نه رڳو ڏُک سُک جو سهارو هو، پر هر ڀرم جو ڀر جهلو هو. هُو هيڻن جي همراهي ڪندي ڪڏھن به نه ٿڪو. هُو انسان ته ڇا پکيءَ پسون ۽ جيو جنتر سان پڻ پيار ڪندڙ هو. هُن لئه اُن مال به ڇال ڇڏي دانهون ڪيون هيون جنهن کي هُو نالون ڪندي صبح سانجهي مالوند ماڻھوءَ وارو پيار ڏيندو هو. هُو سراپا فطرت هو. چار چڱن ۾ ويهي ڪو سُپت ڀريو فيصلو ڪندو هو ته هرڪو واھ واھ ڪندو هو. هُو راڄ ڀاڳ وارو چڱو مُڙس هو. هن کي تر جا ٻارنهن ڳوٺ فيصلن ۾ چئن چڱن ۾ شامل ڪندا هئا. هُو راڄوڻيءَ طور نياءَ نبيرڻ وارو نيارو ڏانءُ رکندو هو. هُن جي ڪيل فصيلن کي ڪٿي به ڪنهن پنچائت ۾ وري چئلنج نه ڪبو هو. هن جي منصفاڻي مزاج ۾ اهڙي پرک ۽ پروڙ ھُئي جو ڪنهن سان هُو به ناانصافي نه ڪندو هو.
شريف هنڱورجي جهڙا سٻاجهڙا ۽ شريف انسان ڪنهن خوشنصيب خطي جي حصي ۾ ايندا آھن. اهڙا املهه انسان ڪنهن شُڀ ويلا جا سُڀاگا ڦَل هوندا آھن، جيڪي هر ماڻھو لئه ڇپر ۽ ڇانوَ ٿي رهندا آھن. جيسين جيئرا هوندا آھن، جڳ ۾ جڳمڳائيندا آھن پر مرڻ کان پوءِ به سماج ۾ سرخرو رهندا آھن. ٿرپارڪر جي طبعي ڀاڱي وَٽ وارو ڳوٺ چڀڙيال وڏو ڀاڳ وارو ڳوٺ هو جنهن ۾ شريف هنڱوجي جهڙي محبوب ماڻھوءَ جو جنم ٿيو. ڀاڳ وارو ته چاچا الهوسايو هنڱورجو به هو جنهن جي اڱڻ تي اهڙي هيري اک کولي جنهن جي چمڪ سموري خطي کي سُهائي ارپي ويئي. شريف جي لاڏاڻي تي هنڱورجا ڪميونٽي کي وڏو هاڃو رسيو آھي، ڇاڪاڻ ته، اهڙو صلح پسند، عقلمند، منصف مزاج، حقُ ۽ سچ جو ٻيلي صدين کان پوءِ پيدا ٿيندو آھي. ڪوئلي مان هيري ٿيڻ لئه هزارين سال لڳي ويندا آھن. مرحوم پنهنجي پونئرن ۾ ٽي پٽ لياقت علي، حسين علي، ۽ محمد حنيف ڇڏي ويو آھي.