شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

سنڀو هميراڻي

هُو جنهن جو جنم اُن قبيلي ۾ ٿيو هو، جيڪو چم مان چاکڙيون ٺاهي، مٿن چاندي مڙهي ”ڏات نه آهي ذات تي“ وارو ثبوت صدين کان ڏيندو اچي. جنهن قبيلي شاندار سماجي اسٽيٽس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ” سُمهي سُک نه ماڻيو“ اُن قبيلي جي هڪ غريب فرد گورڌن داس ميگهواڙ جي گهر ۾ تاريخ 5 فيبروري 1948ع تي اک کولندڙ سنڀو مل هميراڻي ٿر وطن جي ڏتڙيل ڏوٿين لاءِ ڏڍ هو. گورڌن داس جي گود ۾ گُد ڏيئي وڏو ٿيل ۽ هميراڻي ڍاڻي ۽ گوڙهيار جي گسن تي هلندڙ سنڀو مل هميراڻي شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. غربت جا گهاو سِر تي سَهندي، پيٽ تي پٿر رکي به هن اعليٰ تعليم اعليٰ درجي ۾ پاس ڪئي. مادر علمي سنڌ يونيورسٽي جهڙي علمي اداري مان بي اي، ايم اي ۽ بي ايڊ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي. پرائمري ماستر جهڙي پيغمبري پيشي سان وابسته هئڻ ڪري هن سموري حياتي علم ۽ شعور جا ڏئيا ٻاريا. هن جي ماٺيڻي اندر ۾ ستل ڪلاڪار تڏهن آرس موڙي اٿيو جڏهن هن ڦوڳن جهڙي ڦوھ جواني ۾ پير پاتو، وطن جي واريءَ سان محبت ڪندي هن ڌرتي جي ڌڻن ۽ وڻن کان وٺي املهه ڪردارن تي قلم کنيو، هن 1968ع ۾ مارئيءَ جي جنم ڀومي ڀيل واءِ (هاڻوڪو ڀالوا) ۾ لڳندڙ پهرين مارئي ميلي تي حياتيءَ ۾ پهريون ليک لکيو هو، حُب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار مارئيءَ تي مقالو. 12 فيبروري 1969ع تي هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ رنگ منچ تان پڙهيل اهو مقالو ايترو ته عوام الناس کي وڻيو جو گچ دير تائين عوام دلي داد ڏيندي تاڙين جي گڙگڙهاٽ ڪندي رهي، اتي موجود انتظاميه کي به مقالي موهي وڌو ۽ سنڀو مل هميراڻي کي موٽ ۾ مارئي ميلا ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر ڪيو ويو. حب الوطنيءَ تي اهڙو حسين مقالو فقط اهو ئي لکي سگهي ٿو، جنهن جو روح هن ريگستاني خطي جي خمير ۾ پيوند ٿيل هوندو، جنهن کي ٿوهر جي ٿڪاوٽ کان وٺي مورن جي مامتا تائين جو فلسفو چڱي ريت سمجهه ۾ ايندو. جنهن کي سرتي جي الماس اکين کان وڌ هرڻن جا نيڻ وڻندا آهن. سنڀومل هميراڻي ۾ مذڪوره سڀئي گڻ سمايل هئا، هو ساڏوهين جي سيڙڪن پيروئن کي پيار مان چونڊي ساجن گهر سوکڙيون اماڻڻ ۾ وڏو سڪون ڀائيندو هو، مکڻيءَ ۽ مانڌاڻي جي اهميت کان چڱي ريت واقف هو. هو مٽي هاڻن ماروئڙن ڪارڙن ڪولهين سان ائين پيار ڪندو هو جيئن پينجولو ڄار سان ڪندو آهي. هُو ملير جي مسڪين ماڻهن سان ڳنڍير جئين ڳنڍيل هو، هن کي ڏونئرا کائيندڙ ڏوٿين مان مارو پٿر جهڙي مهڪ ايندي هئي، هو مڪمل آرٽسٽڪ مزاج جو مالڪ هو. هو ڏهرن ۾ ٻرندڙ ڏئين جي سهائي جي سحر ۾ گم ٿي گونا گون شعر سرجيندو هو. هُو چونئرن مٿان اُڀريل چَنڊ ڏسي ٿر جي ٿڌن ريٽن تي ڏانڊيي رمندو هو. چانڊوڪين ۾ پنڌ ڪندڙ ڪامڻين جي ساٿ جهڙن شيخ اياز جي شعرن کي ترنم ۾ جهونگاري فطرت سان هم ڪلام ٿيندو هو.
شاعراڻي طبيعت جي مالڪ سنڀو مل هميراڻي جون شعوري اکيون تڏهن کليون جڏهن هڪ مندر ۾ هن کي برهمڻ پنهنجي ڪوڙي انا خاطر اڪ جي پڙي ۾ پاڻي پياري انسانيت سوز اوچ نيچ جو جئيرو جاڳندو مثال پيش ڪيو، سنڀو مل جي سانتيڪي اندر ۾ طوفان اٿي پيو، ڀڳوان جي مک مان پيدا ٿيندڙ طبقي جي ڍونگي پوڄا ۽ کوٽي نيت خلاف نفرت هن جي اکين مان آگ بڻجي برسي پئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن ڀڳوان جي ٻانهن مان پيدا ٿيندڙن کي به بخش نه ڪيو. هن هر فورم تان، هر رنگ منچ تي، هر انسان کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڏينهن رات ڪوشس ڪئي ته اسين به انسان آهيون! اسان کي به ان خدا خلقيا آهن، جنهن هي سارو جهان زمين آسمان پيدا ڪيا آهن، اسان کي به اُڃ ۽ بک ساڳي ريت ستائي ٿي. اسين به محبت جي مچ ۾ پتنگ ٿي پچڻ ڄاڻون ٿا،
1970ع ۾ باقاعده ادبي دنيا ۾ پير پائيندڙ سنڀو مل هميراڻي، طبقاتي نظام واري نام نهاد نظريي جو شڪار دلت جاتي جي پيڙهيل طبقي جو هڪ آواز هو. اهڙو آواز جنهن جي گونج صدين تائين صحرا جي سرزمين تي گوجندي رهندي، جنهن جا پڙاڏا ايندڙ نسلن لاءِ راھ هموار ڪندا، سنڀومل هڪ جدوجهد جو نانءُ هو. جنهن هن دنيا ۾ جنم وٺڻ کان وٺي لحد ۾ لهڻ تائين سموري زندگي پيڙھيل ماڻهن جي حقن جي حاصلات لئه پاڻ پتوڙيو. هن اهو نه ٿي چاهيو ته منهنجي هنر مند قبيلي جا ٿوهر منڌي جهڙا هٿ سدائين ٻين اڳيان ٽنگيل هجن، هن اهو به نٿي چاهيو ته منهنجي پورهيت طبقي جا معصوم ٻار ڪنهن درٻار جي دئار ٻاهران اوبر جي آسري ۾ ويهي خدا جي حسين نعمت زندگيءَ کي زحمت سمجهن، سنڀو مل جي دشتي دل اهو قطعي نه ٿي چاهيو ته هن جو ايندڙنسل ڪنهن بيتاج خاقان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لئه سڄي حياتي ان جا بدنا ڀريندو رهي. هن نٿي چاهيو ته هن پرک پکيڻي دنيا جي نابين سماج ۾ هن جو مسقبل ڪنهن تونگر جي تڏي تي کٽ بدران پٽ تي ويهي پنهنجي مقدر کي ميارون ڏي. هن دنيا جو هر درد پنهنجي سر تي سهڻ قبول ڪيو، پر دراوڙن جي مستقبل تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو. هُو ڌرتيءَ جي اصلي وارثن لئه ساھ جي هچڪي تائين لُڪن ۽ جهولن ۾ لَڪن تي لڙندڙ رهيو، هُو منو جي منحوس سسٽم واري طبقاتي نظام ۾ توازن پيدا ڪرڻ خاطر برصغير جي صوفي ڀڳت ڪبير جو فلسفو سمجهائڻ لڳو ته ڪو به اعلي ناهي، ڪو به ادنيٰ ناهي، هر ماڻهو پنهنجي ڪردار، سچائي، ۽ اخلاق جي ڪري اتم ۽ نيچ ٿئي ٿو، سنڀومل ڀٽائيءَ جي ڀيد جو به پرچارڪ هو. هُو ته محبت ڪندڙ ماڻهو هو. هڪ شاعر هو. هُو فقط انهن ماڻهن لاءِ اک جو ڪٽر هو، جن دراوڙن جي حقن تي ڌاڙا هڻي، انهن کي هر طرح نيچ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. جن جي نيت ۾ کوٽ هئي، جيڪي اندر ۾ ابليس هئا. هُو رڳو انهن سان نظرياتي طور نٿي ٺهيو، جن جي سفاڪ دلين ۾ سماج واڌي جو نانءُ به نه هو، جن اهو نٿي چاهيو ته ڪنهن ”چاگلي“ يا ”ٺاڪري“ جو پٽ وزير يا مشير ٿي سگھي، اهڙن ماڻهن جي منفي سوچ جي خلاف هن پر عزم جدوجهد ڪئي. هن قلم مان تلوار وارو ڪم ورتو. غريب ۽ پيڙھيل ماڻهوءَ جو دٻيل ۽ هيسايل آواز ايوانن تائين پهچائڻ لئه هن صحافت جو سهارو ورتو، ٿر جي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان انتهائي ويجهڙائپ هئڻ جي ڪري هُو صحافت ۾ تمام گهڻو اڳڀرو ٿيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ تڏهوڪين مشهور هفتيوار اخبارن ”سچائيءَ ۽ بيداري“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سچائيءَ ۽ بيداريءَ جي پليٽ فارم تان هن ٿر جي عوام جو آواز ڀرپور نموني اٿاريو.
سنڀو مل صحافت سان گڏ ادبي سفر به جاري و ساري رکيو، هن ادب جي هر اسٽيج تان علمي آبياري ڪئي، هن حياتيءَ ۾ تقريبا 400 کان مٿي مضمون مقالا، خاڪا ۽ شعر لکيا. سندس ادبي سمي جا ساٿاري هئا، سنڌي ادبي آڪاش جا جرڪندڙ ستارا تاج جويو، خاڪي جويو، راشد مورائي، نور احمد جنجهي، واجد ڀارو امراڻي ۽ گل گوماڻي چوندا آهن، ته جهڙي صحبت تهڙو اثر، سو اهڙن ادبي ماڻهن جي سنگت جي اثر هيٺ نثر و نظم لکندي هن سموري حياتي نظم و ضبط سان گذاري. هن لکڻ ۽ پڙهڻ کي باقاعده حياتيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو .
سنڀو مل جي لکڻين ۾ ڌرتيءَ جي ڌڻين جي درد جو عنصر چٽي طرح موجود آهي. هن جي بي ربط لکڻين ۾ ڏيهه واسين جا ڏکڙا ڌونئري ڏينهن جيان پاڻ پسائن ٿا، ڇاڪاڻ ته هن اهي لکڻيون ايئرڪنڊيشنر ۾ ويهي ناهن لکيون ۽ نه ئي وري ڪنهن شارپنر پين سان آرٽ پيپر تي لکيون آهن، هن ته بڊي جي بيرحم ڪاڙهن ۾ ڦٿڪندي ٽٽل نب واري ايگل پين سان اڌ ڦاٽل پنن تي وٿاڻن ۾ ويهي لکيون آهن. هن ڪنهن حسينا جي صراحي دار ڳچيءَ ۾ ٻانهون هار ڪري ان جي سينگار تي ناهي لکيو ۽ نه ئي وري ڪنهن سفلا مزاج سياستدان جي چاپلوسي ڪندي اُن جي اوطاق جي چائنٺ چمي هئي. هن لکيو هو پنهنجي وطن جي واريءَ تي ۽ واريءَ جي واٽن تي بکايل مائرن جي ڏکايل ٻارن تي، هن لکيو هو ٿر سان ٿيندڙ هر ظلم تي، هن جي لوڪ رنگ جهڙين لکڻين ۾ ٿر جي سمورين پيڙائن جون پيرائون موجود آهن. سنڀو مل هميراڻيءَ جي لکڻين ۾ سنٿالن جو سُور به آهي، ته ڪارڙين ڪولهڻين جا ڪرب به آهن، هن جي لکڻين ۾ لاڙ ڏي لڏي ويندڙ ڀيلن جي بي ڌڻي ڀونگن جو درد به آهي ته پورهيت ميگهواڙن جي معصوم ٻچن جي اکين ۾ ترورا بڻجي ترندڙ بي رحم بک جو اندر اڌ ڪندڙ احساس به آهي. هن جي لکڻين ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ جنت جهڙا جلوا ڏيندڙ خوبصورت تشبيه جهڙي تشريع به آهي ، ته ڪنهن ڪنيا جي حسين هٿن جي ڀريل ملير جهڙن موهي ماريندڙ کيتن جو خوبصورت لينڊ اسڪيپ به آهي، هن جي اڇي اجري ٻگهه پکي جهڙي روح ۾ ٿر وطن هالاريءَ جي رنگن جيان رچيل هو. هُو هر ويل هر هند ٿر جي ڀاڳ ڀلاري لئه سوچيندو ۽ لکندو هو . هڪڙي هنڌ لکي ٿو ته ”خدا ڪري ٿر تي محبتن جا مينهن وسن، امن ۽ انسانيت جي روشنيءَ سان ڪکاوان گهر روشن ٿين. ٿر ۾ ترقي ٿئي ڪاخارنا کلن، روڊ رستا ٺهن، بجلي اچي، پاڻي ملي، ٿر ۾ يونيورسٽي قائم ٿئي، جئين ٿر جا ماڻهو هن جديد سائنسي دنيا ۾ عزت ۽ آرام سان زندگي گذارين، نيڪ دليءَ سان ڏٺل سندس اهي سڀئي سپنا حياتيءَ جي هٿ مان ڪرڪ واري جيان وکري ويا. نه ٿر ۾ ڪارخانا کُليا نه بجلي ۽ پاڻي مليو ۽ نه ئي وري يونيورسٽي ٺهي، سنڀو مل پنهنجي ساڻيهه کي سُکيو ستابو ڏسڻ واري تمنا پنهنجي ساھ سان گڏ کڻي دوُر هليو ويو...!!
سنڀو مل کَري ۽ سچي طبيعت جو مالڪ هو . هو ماڻهوءَ کي مُنهن تي سچ چوڻ وارو هو. وطن ۽ وطن جي املهه ڪردارن جي باري ۾ ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪندو هو. وطن جي معاملي ۾ انتهائي حساس دل هوندو هو. 1967ع ۾ جڏهن پهريون ڀيرو، ڀالوا جي ڀوميءَ تي هڪ پراڻي کوھ تي مارئي ميلو لڳايو ويو هو. تڏهن ان وقت ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جي وائيس چئيرمين مير محمد بخش ٽالپر تي عبدالقادر جوڻيجي هڪ تنقيدي مضمون لکيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ميرمحمد بخش ٽالپر پارڪر ۾ پنهنجا سياسي پير ڄمائڻ خاطر اهو سياسي ميلو مچايو آهي. اڌ پڙهيل اديبن جي آڌار هڪ سياسي کوھ کي مارئيءَ جو ڄاڻائي ڇڏيو آهي، اهو مضمون جڏهن سنڀو مل جي اکين مان گذريو تڏهن سندس اندر ۾ ويٺل محب وطن ماڻهو تڙپي اٿي پيو، ۽ هن اهڙو ڀرپور جواب ڏنو، جهڙو مقيم ڪنڀر منظور سولنگي کي ڏنو هو، سنڀو مل هميراڻي جنهاڻ جي جوڻيجي کي جواب ڏيندي چوي ٿو ته ”ٿري ماڻهو عبدالقادر جوڻيجي کي چڱي طرح سڃاڻين ٿا. هن جي هوشياري ڏاهپ ۽ شرافت جون ڳالهيون ڳوٺن جا ڳنوار به ڪن ٿا. رهي ڳالهه مارئي ڪٿي جي ڪير هئي، انهي جي خبر سڀني ٿرواسين کي آهي. مير محمد بخش پنهنجي سياسي دُڪان چمڪائڻ لاءِ اهو ميلو ناهي لڳايو ۽ نه ئي وري هن کي ڪو مارئيءَ جي نالي تي ڌنڌو ڪرڻو هو. سنڌ جي سوين ماڻهن پنهنجي نياڻين جا نالا مارئي رکيا آهن مگر اها مارئي ڀالوا جي هئي، باقي اڳتي هلي پنج هزار سالن کانپوءِ عبدالقادر جوڻيجي جهڙو سنڌي اديب اندرا متعلق تواريخ لکندو، هو نهرو جي ڌيءُ نه هئي، پر سنڌ جي مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي جي زال هئي يا عبدالواحد آريسر جي ڌيءُ اندرا هئي، اُٺ ڪتابن جا پڙهي وڏو اديب ٿيڻ معمولي ڳالهه آهي، پر تواريخ ۽ ثقافت سان هٿ چراند ڪرڻ وڏو برو ڪم آهي.“ ثقافت ۽ تاريخ سان بي حد محبت ڪندڙ سنڀومل کي جيڪڏهن ڪي ذات پرست جو لقب ڏين ٿا ته، انهن کي اهو علم هئڻ گهرجي ته، سنڀو مل جيڪڏهن ذات پرست هجي ها ته، سندس ذات جي عظيم مورخ رائچند هريجن تي سخت تنقيد قطعي ڪونه ڪري ها ۽ سرگواسي دليپ سنگهه سوڍي کي ليلا ميرا دٿ جي شاعريءَ سان خراجِ عقيدت پيش ڪونه ڪري ها. سنڀو مل ته وطن پرست ويڙهيچو هو، جنهن جا ڳڻ صديون ڳائينديون رهنديون، بقول ڄام ساقيءَ جي ته ڳوڙهيار جيڪڏهن تاريخ ۾ ياد رهيو ته سنڀو مل جي نالي سان ياد رهندو.
سنڀو مل جي قلمي پورهئي کي سهيڙي سندس آدرش وادي فرزند آڪاش هميراڻي ”سُمهي سُک نه ماڻيو“ جي نالي سان جولاءِ 2015ع ۾ هڪ خوبصورت ڪتاب پڻ ڇپرايو آهي، جنهن جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري اديب محترم تاج جويي لکيو آهي. تاج مهاڳ ۾ کُلي دل سان اهو اعتراف ڪيو آهي، ته سنڀو جون لکڻيون آئون سنڀالي نه سگهيس ، تاج جويو لکي ٿو ته ”مون چاهيو هو ته سندس لکڻيون آئون سهيڙيان، ان لاءِ سندس لکڻين جو رجسٽر ڪيترا ئي سال مون وٽ پيل هو، پر مسواڙي گهرن جي تبديلن ذاتيءَ ۽ منصبي مصروفيتن جي ڪري آئون سندس معياري رهندس.“ پنهنجي محبوب دوست اڳيان مهڻي هاب ٿي ويل تاج جڏهن هميراڻيءَ جي ڍاڻي وڃي سندس تربت واري تُراب کي مقدس سمجهي مٿي لائي معافي گهري ٿو، تڏهن هن جو بي قرار روح رڙ ڪري چوي ٿو ته .
سنڀو هُڪ هيو سنڀو ٿيندو ڪين ٻيو،
ڍاڻي آءُ همير جي، مون سان گڏجي رو،
منهنجو ساجن تو، ڪئين لڪايو لوڪ کان!
تاج جويو
سنڀو هميراڻي سياسي ۽ نظرياتي طور سائين جي ايم سيد ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ ۽ پنهون هميراڻيءَ سان ڳنڍيل هو . سماجي جاڳرتا ۾ سندس ساٿي هئا، مسڪين جهان خان کوسو، سچل جنجهي ۽ مينهن ٻائي ۽ سندس آئيڊيل هئا، ڪامريڊ گهمن سنگهه ڀيل ۽ عالم چند ڪولهي، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هُو ڪهڙن خيالن ۽ آدرشن جو مالڪ هو، هُو سون تي سيڻ مٽائڻ وارن مان نه هو. هُو پنهنجي ۽ پنهنجي وطن جي لاءِ ننگ ۽ ناموس جو حامي هو. هن لاءِ وطن جي مٽي ئي مهان هئي، جنهن جي خوشبو هن کي وري وري هن ڌرتيءَ تي جنم وٺڻ لاءِ اُڪساهيندي رهندي.
سنڀو مل هميراڻي تحقيقي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري واري پروجيڪٽ ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا “ جي ضلعي ٿرپارڪر ۾ انچارج طور ڪم ڪيو. سندس تحقيقي ڪم تمام ساراھ جوڳو هو. سنڀو مل سٺي استاد سان گڏ هڪ سٺو اڳواڻ به هو. پ_ ٽ_الف جو 3 سال پريس سيڪريٽري رهيو، ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ مٺيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. سُرن جي سَرگم واري دنيا ۾ عابده پروين، سرمد سنڌي ۽ صادق فقير جي فن تي اڪن ڇڪن ٿيندڙ هي همير جي ڍاڻيءَ جو مهڪندڙ مهتاب پنهنجي سموري سهائي گوڙهيار جي گسن کان وٺي ڪشمور جي پٽن تائين وکيري 02 جولاءِ 2003 تي آڌي ويلي هميشه لاءِ اُلهي ويو. سندس حياتيءَ جو چيل آخري شعر ٻُڌي اڄ به منهنجو صحرا سڏڪي ٿو..!!
وري مينهن وٺا ساوا گاھ ڦٽا،
منهنجا پنڌ کٽا ، او منهنجا ساٿيئڙا،