آس عبدالله هنڱورجو
هُو جيڪو محبت جي ميدان ۾ ناڪاميءَ جا تحفا ماڻي موٽڻ کان پوءِ حياتيءَ جي ڪنوار کي ”آس“ جا زيور پارائي، هن درد ڀري دنيا ۾ محبت جا ڦول ماڻڻ جي لاءِ ڪويتا ديوي جي ديول ۾ ڏات جا ڏيئا ٻاري جئيڻ جا جواز گوليندو رهي ٿو. شاعريءَ جي سندر ديوي هن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري پناھ ڏي ٿي. بي راھ روي جي بنواس ۾ ڀٽڪڻ کا بچي پوي ٿو ۽ ادب سان بي پناھ عشق ڪري ٿو، جڏهن ته هن کي اها به پڪي ريت پروڙ آهي ته، ادب جي دنيا ۾ تنقيد براءِ تنقيد جي رحجان وارو وارو رائو دلين جا پيرا رتورت ڪري ڇڏيندو آهي، پر پوءِ به هن مڙي نهارڻ مهڻو سمجهي، پنهنجي اندر جي اٻراٽ شاعري ذريعي سڻائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آھي. شاعري جي پُر پيج مارڳ تي هُو کڻي سو سيڪڙو ڪامياب ناهي ويو، پر پوءِ به هن جي ادبي پورهيي کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگهجي. هن جي راھ ۾ ڪيئي رڪاوٽون اچڻ باوجود هو ادب جي اڙانگي پنڌ ۾ ڪٿي به ٿڪو ناهي. اڄ به جستجو جاري رکيو اچي، ڇاڪاڻ ته هو دور انديش ماڻهو آهي، هن جا ارادا هماليه کان اوچا ۽ اٽل آهن!!
هُو ڪو ٻالا ڀولو ٻار ناهي، جيڪو باھ جي لال رنگ تي موهت ٿي ان کي هٿ ۾ کڻي ۽ پاڻ ساڙي ويهي رهي، هُو هڪ اختر ضمير انسان آهي، جيڪو ڏکن ۽ ڏاکڙن کي حياتيءَ جو ڏاج سمجهي، هن دورنگي دنيا جي منافق ماحول ۾ به سڪون سان ساھ کڻڻ جا گُر ڄاڻي ٿو. هو شاعريءَ جي ڪٺن سفر ۾ پير پٿون ڪري به پنهنجا کُڙکٻيتي جهڙا خيال ست راڄيءَ ۾ سڻائي ٿو. هوُ صوفي ازم واري سنڌ جو اهو سڏ آهي، جنهن کي هن وطن جي واري جو ڪڻ ڪڻ ۽ وڻ وڻ ورنائي ٿو. هن ۾ نه هٺ آهي نه ئي وڏائي آهي. نه ڪينو آهي ۽ نه ئي ڪا ڪدُورت آهي. نڪي هو پاڻ پڏائي ٿو. هو ته فقط مٽيءَ جو مسڪين ماڻهو آهي. صحرا جي اُڃايل واريءَ جو وارث آهي. ۽ ڀٽائيءَ جي ٻهگڻ ٻوليءَ جو سادڙو شاعر آهي. هو نه رڳو شاعريءَ سان مُحبت ڪري ٿو، پر هر بني بشر کان وٺي ڌرتيءَ جي پٿر تائين هر شيءِ سان محبت ڪري ٿو. هن وٽ ڌن ۽ دولت کان وڌ دوستن جو قدر آهي. هو دوستيون رکڻ وارو ۽ نڀائڻ وارو نازڪ هنر هٿيڪو رکيو اچي. ان ڪري هن وٽ دوستيءَ جو بي بها ۽ بيش قيمتي خزانو موجود آهي. جنهن کي وقت جو ڪو به ”کافرو“ کاٽ هڻي نٿو سگهي. هُو دلين جو امير ماڻهو آهي. سندس اباڻي نگري ٻگهار ۾ پرائمري جا پنج درجا پڙهڻ کان وٺي. ايم ، اي سنڌي فائنل فرسٽ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪيمپس مان پاس ڪرڻ تائين واري طويل سفر ۾ هو اڻٿڪ تعليم سان واڳيل رهيو. سچي لڳن سان علم ۾ مگن ٿي، هن سنڌي ٻوليءَ تي ٺاهوڪو عبور حاصل ڪيو.
تعليم پرائڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري لاءِ انتظامي دفترن جي دردر جا چڪر کائڻ کان هن بهتر سمجهيو ته ڪا خانگي نوڪري ڪجي يا سخت پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ پالجي. ائين هن هڪ خانگي اداري ۾ عزت واري نوڪري حاصل ڪري ورتي. اڄ پاڻ به خوش آهي ته سندس مائٽ به سرها آهن ۽ مٿن فخر ڪن ٿا.
هو شاعريءَ جي سرتاج ڀٽائي جي بيتن کي هنئين سان هنڊائي ٿو ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ کي سجدا ڪري ٿو. امر ساهڙ به هن جو آئيڊيل شاعر آهي. ته سرواڻ چانڊيو به هن لاءِ بهترين ڪوي آهي، پر هوٿي مشائخ ۾ ابدي ننڊ سُتل حسن درس هُن جي ساھن جي ستار سان گڏ دل جي دڙڪن وانگي دڙڪي ٿو. لاڙ پٽن ۾ واهن جي ڪپن تي بيٺل بيد مُشڪن جي ڇانو ۾ ويھي، حَسن درس جا غزل پڙهندي پڙهندي هن جي به لاڙ سان لئنون لڳي ويئي.
لاڙ جي لاڏلن کيتن ۾ سارين جي ساوڪ، سرنهن گلن جي پيلاڻ ۽ سُورج مکي جي سُونهن پسندي هن نه رڳو لاڙي هوائن جي هوڏ جهڙي هٺيلي شاعري سرجي، پر پنهنجي پورب جنم جو وڃايل اڌ به لاڙ جي ڪُمارين ۾ ڳولي لڌو. هن بدين مان پيار جو پرڻو ڪيو. هن جي واءَ تي وکريل وارن جهڙي حياتيءَ کي نئين سر ڪنهن جي سجيلي ساٿ جي ڪَنگي سنواري ڇڏيو آهي. لاڙ ۾ هن نه رڳو ڳاڙهن چانورن جي ماني، مڇي ۽ مکڻ سان کاڌي پر لاڙ هن لاءِ ٻانهون هار ڪيون. هُو اڄ به حَسن درس ۽ لاڙ سان وڏي محبت ڪري ٿو.
هن جي شاعريءَ تي ته ڪو سرموڙ شاعر ئي ڳالهائي سگهي ٿو، جيڪو شاعري ءَ جا فني ۽ فڪري پهلو صحيح نموني سمجهي سگهي. آئون ته ان معاملي ۾ بنهه اڻ سمجهه آهيان، آئون ته فقط هن جي اندر ۾ موجود ان ڪمانگر ڪوي بابت ڳالهائي سگهان ٿو، جنهن وٽ احساسن جا انبار آهن. هن جي ماٺيڻي اندر ۾ موجود مندر ۾ رحم جي راڌا وڏي دياڪاري ديوي بڻجي هر هاڃي تي تڙپي پوي ٿي، هن جي من چمن ۾ مهڪندڙ گلابن جهڙو ڪوي تمام نازڪ طبع آهي. جيڪو دردن جي اس ۾ ڪومائجي پوي ٿو. هر شاعر پنهنجي دور جو ترجمان هوندو آهي، ان کي سماج تي گهري نظر رکي شاعري سرجڻ کپي. ڇاڪاڻ ته اها تاريخ جي تقاضا هوندي آهي. ان حوالي سان آس تمام ڪميٽيڊ شاعر آهي، هو سماجي قدرن تي گهري نظر رکي ٿو.
عورت ڳاڙهي ڀي ڪاري آ،
مردن تي ڪو ڪس ئي ناهي.
ڇا ته سٽون آهن.! احساس ڪمتريءَ جو شڪار عورتن جي درد ڪٿا ٻن سٽن ۾ سمائڻ هن جي اعليٰ ذهن جي تخيلقي صلاحيتن جو ڪمال آهي، عورتن سان نازيبا سلوڪ ڪندڙ سماج جي منهن تي زوردار چماٽ آهي. عورت جيڪڏهن ڪٿي ڳاڙهي گل جهڙي محبت جو سڏ ڏئي ٿي ته ان کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، جڏهن ته مرد ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ عورتن سان ناجائز طور همبستري ڪري ٿو تڏهن به ڪو داغ نٿو ڏنو وڃي . اهو سڀ ڇا آهي؟ اها جنسي نفرت آهي. عورتن جي حقن تي راتاهو آهي. هڪ سماجي اليمو آهي. ان الميي تي آس جهڙو ڪو آسوند شاعر ئي لکي سگهي ٿو. جنهن جي اندر ۾ ڪابه جنسي متڀيد ناهي .
مهڪڻ واري موسم ۾
ٽوڙيا ويا رابيل اسان جا
مهڪڻ ۽ ملڻ واري مند ۾ جن روحن جا رابيل ٽوڙيا ۽ وڇوڙيا ويندا آهن انهن معصوم دلين جا درد به اهي ئي محسوس ڪري سگهندا آهن، جيڪي وڇوڙن جي ٻاٻرن ٽانڊن تي ٻڙڪ ناهن ڪڍندا آهن. اهي اجتمائي طور سموري سماج لاءِ شاعري ذريعي دلين جي ترجماني ڪندا آهن. اسان جي آس به پنهنجي دل جا درد اجتمائي آواز جي روپ ۾ بيان ڪيا آهن.
ڪاٿي لپ اٽي جي رکندي
گهر ۾ ٿالهي تَس ئي نائي.
پياري آس جو شعر ڄڻ ته ٿر جي هر ان گهر جي نمائيندگي ڪري ٿو، جنهن ۾ غربت لڏو لاهي لٿل آهي. ڏڪارن جا عذاب ڀوڳيندڙ ٿر جي ٻهراڙين ۾ اڄ به اهڙا هزارين گهر آهن جن ۾ بک لنڊي وارا وٽ کائي ٿي، جن ۾ ڪڪڙ سنئين ڳاٽ ڦري ٿو . هي شعر انهن ڏيجوان ڏوٿئيڙن جي درد جو نوحو آهي، جن جا ٻچا رات جو چنڊ جي عڪس ۾ ماني ڳوليندي، واهوندي جي لوري تي سُمهي پوندا آهن، جن وٽ اٽي جي لپ رکڻ لاءِ ڪو ٿانءُ ٿپو ئي ناهي هوندو .انهن ماروئڙن جي سورن سندي سمنڊ ۾ غوطا کائي آس اهڙا انيڪ شعر سرجيا آهن ...