ناٿن سنگهه سوڍو
ناٿن سنگهه سوڍي جو اسان جي سماج ۾ وڏو ڪردار رهيو آھي. انتهائي پسماندگيءَ ۽ ڪسمپرسيءَ واري قهري حالتن ۾ به هن سوڍي سدائين لئه سَداورت قائم رکيو. سندس ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول هئڻ ڪري ويجهن توڙي پري ڳوٺن جا سَوَن جي تعداد ۾ ڇوڪرا پڙھڻ ايندا هُئا، جن کي مانيءَ کان وٺي رهائش ڏيڻ تائين هن سوڍي جو وڏو ڪردار رهيو آھي. پنهنجن کي ته هرڪو کارائي ٿو، پر پراون جي پنهنجن پُٽن وانگي پرورش ڪو ڪو وڙلي ڪندو آھي، سوڍي ناٿن سنگهه ائين ڪري ڏيکاريو هو، آئون کيس جس ڏيان ٿو. سندس ڦُڦيائيءَ ڀاءُ ڳوٺ ڊونڊوئي جي تپيدار ڪاروجي ٻاڙميرا کان وٺي مالڻهور کاوڙيا جي ميهوجي کاوڙيا تائين اهڙا انيڪ شاگرد هُئا جن کي سوڍي ناٿن سنگهه نه رڳو ماني ڳڀي کان وٺي اجهو ۽ اولو ڏنو، پر پنهنجن جهڙو پيار پڻ ڏنو. اُهي اڄ پڙھي لکي پنهنجي پنهنجي منزل ماڻي چُڪا آھن، ۽ ناٿن سنگهه جا اڄ به ٿورا ڳائين ٿا. پراون ٻچن کي پنهنجا سمجهي پيار ڏيندڙ ناٿن سنگهه سوڍي ڪڏھن به لوڻي ۾ سَر نه وڌو. مهمان نواز به اهڙو هو جو راڄ پيا واکاڻيندا هُئا. جيستائين سندس اوطاري ۾ ڪو مهمان نه ايندو هو ايستائين سندس دل جو اوطارو به ويران رهندو هو. مهمان بنان ماني هن کي ڦڪي چانهه وانگي بيسواد لڳندي هُئي. آيل مهمان کي دل سان ترسائڻ ڇهه ڇهه ڏينهن نه ڇڏڻ اُن سان ڪچهريون ڪرڻ ناٿن سنگهه جو اعليٰ ظرف هو.
ناٿن سنگهه سوڍي ۾ هڪڙو وڏو گُڻ اهو هوندو هو ته هُو ماڻهن جا ڪاڄُ سُڌاريندو هو. ڪنهن به عزيز، قريب، مِٽ مائٽ جي مرڻي، پرڻي تي سڀنيءَ کان اول پهچندو هو. هن ڪڏھن به ڪنهن جو ٽاڻو نه ٽاريو. چوندو هو ناڻو هٿ اچي ويندو، پر ٽاڻو هٿ نه ايندو. آئون اکين ڏٺو شاهد آھيان سندم ڳوٺ ڊونڊيو ۾ ناٿن سنگهه ڪنهن جو به ڪاڄُ نه گُسايو. ناناڻا رڳو سيراڻين ۾ ھُئا، پر هن سموري ڳوٺ کي سڳن ناناڻن برابر سمجهيو، هر ڪنهن جي مرڻي پرڻي تي مري جُهري به پهچندو هو، نه رڳو ايترو پر مٿي تي کير جي ڀريل چونئري کڻي پُڄڻ به هن سوڍي جي شُڀ گُڻن ۾ شُمار ٿئي ٿو. ناٿن سنگهه سوڍو ڪنهن سان رنج هوندي به راضي رهڻ واري ڳجهي ۽ گُر رکندو هو. هُو کلڻ ۽ ملڻ وارو انتهائي محبتي ماڻهو هو. در آيل اَٿتيءَ جي مرجات رکڻ ۽ اُن جو آدرستڪار دل سان ڪرڻ به ناٿن سنگهه جي نرالي سُڃاڻپ هُئي. هي سامروٽيءَ جو اهو اختر ضمير انسان هو جنهن ڪڏھن ڪنهن پکيءَ جي به دل نه رنجائي، ماڻهوءَ سان ماڻهو ٿي ملڻ واري مهارت رکندڙ هن راجپوت پنهنجي راجپوتي روايتن ۽ ريتن کي تاحيات قائم ۽ دائم رکيو. هُن وٽ نياز ۽ نوڙت ايڏي هُئي جو ڇا ڳالهه ڪجي. وڏائي ته هُن جي هاٺيءَ ۾ به نه هُئي، ٻارن سان ٻار ٿي هلندو هو، ٻارن کي وندرائڻ لئه آءِ ڪيو جا شوشل سائنس وارا سوال پُڇندو هو. تمام ذهين هُئڻ ڪري اڪثر شاگرد هن جي سوالن جا جواب نه ڏيئي سگهندا هُئا.
ناٿن سنگهه سوڍي ڳوٺ مالڻهور کاوڙيا مان ڪرت سنگهه کاوڙيا جي گهران شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽن پُٽن ۽ ڇهن نياڻين جي اولاد آھي. وڏو پُٽ ڀورجي پرائمري ماستر آھي، ڀورجي ڳوٺ ونگڙ مان کيت سنگهه نرڀاڻي ڀٽي جي گهران شادي ڪئي آھي، ۽ ان کان ننڍا رڻڇوڙ سنگهه ۽ وڪرم سنگهه ٺٽي ضلعي جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪ ننڍڙي اسٽاپ اُداسيءَ ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ انتهائيءَ ڪاميابيءَ سان وک به وک اڳتي وڌندا رهيا ۽ اڄُ پنهنجي پيرن تي بيٺل آھن، ۽ سندن ڪاروبار کي وڌائيندي پنهنجي مقامي شهر ڏيپلي تائين پهتا آھن. سڀئي سُکيا ستابا پنهنجي مڇي ماني وارا آھن.
ناٿن سنگهه سوڍي جو ننڍو پُٽ رڻڇوڙ سنگهه ڄائي ڄم کان هڪڙي پير سان معذور هو. پير پوئتي مُڙيل هُئڻ ڪري هلي نه سگهندو هو، ناٿن سنگهه معاشي طور ڪمزور هُئڻ باوجود، هن جو علاج ڪرائڻ ۾ ڪا به ڪمي پيشي نه ڇڏي، پيٽ تي پٿر ٻَڌي پنهنجي لخط جگر جو نه رڳو علاج ڪيو، پر پڙھائي لکائي ڪنهن منزل تي پُڄايو، اڄ سندس لائق فرزند ارجمند رڻڇوڙ سنگهه پنهنجي پيءُ جي ڏنل پيار جون ڳالهيون ڪندي، لُڙڪ لاڙي ويهي ٿو، ته اُن دردناڪ دؤر ۾ پيٽ تي پهاڻ ٻڌي هن جو علاج ڪرائڻ وقت سندس پيءُ ڪيڏين پيڙائن مان پار لنگهيو هو. اهو فقط رڻڇوڙ جو روح ئي سمجهي سگهي ٿو. اڄ نه رڳو رڻڇوڙ هلڻ جي حساب سان پنهنجي پيرن تي بيٺل آھي، پر معاشي طور به انتهائي مضبوطيءَ سان پنهنجي پيرن تي بيٺل آھي ان جو سڄو ڪريڊٽ ناٿن سنگهه سوڍي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ماڻهن جي منع ڪرڻ جي باوجود پنهنجي دل تي هلي پنهنجي ٻچڙي جي زندگيءَ کي سُڌاريو. ماڻهو ته چوندا ھُئا ڇڏي ڏئي هن معذور تي اجايو خرچ پيو ڪرين هي ڪڏھن به صحيح نه ٿيندو، پر سوڍي ناٿن سنگهه صرف پنهنجي دل جو آواز اوگنايو ۽ دُنيا کي ٻُڌڻ ڇڏي ڏنو.
ناٿن سنگهه سوڍي جي وڃڻ جي ويل نه هُئي، پر مالڪ جي مرضي اڳيان بيوس بندو ڇا ٿو ڪري سگهي، چوندا آھن ته اڳيان پڻ چڱن جي ضرورت هوندي آھي، سو پرماتما به اهڙا چند چوکا چونڊي وٺندو آھي، ناٿن سنگهه سوڍي کي اچانڪ فالج جو جهٽڪو آيو، ۽ هڪ ٻئي پويان ٽئي جهٽڪا آيا، سندس لائق پُٽڙن علاج به جام ڪرايو، پر پرماتما جي گَت پنهنجي آھي هن جي اڳيان هڪ به نه هلي ۽ فالج سان چار سال جهيڙيندي نيٺ پنهنجا هڙئي رنگ هن دورنگي دنيا ۾ ڇڏي، پنجاھ پنجونجاھ سالن جي تمام ننڍي ڄمار ۾ 2 فيبروري 2010ع تي ويڙهار جو هي واڳ ڌڻي پرلوڪ پڌاري ويو.