شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

يوسف فقير

هي ننگر جو نيارو راڳي ڀوڳنائن جي بڙ تلاءَ مان وهنجي جڏھن ڪنهن راڳ جو رياض ڪري ٿو تڏهن آڪاش مارگ ڏي اُڏامندڙ پکي به وجد ۾ اچي وڃن ٿا. وجد ۾ اچي وڃن ٿا ڌرتيءَ جا اُهي ڌراڙ جن جا ڌڻ بانسريءَ جي ڌُن تي رڌم ۾ رڳن ٿا ۽ ناولن تي نچندي وٿاڻن ۾ ورن ٿا. هن جي روح پرور راڳ تي روئي پون ٿيون ساڻيهه جون اُھي سهاڳڻيون جن جا ور پيٽ خاطر گهر ڇڏي اڪيلائيءَ جا اڻ توريا عذاب ڏيئي ويندا آھن. هن جي راڳ ۾ ايڏو ويراڳ آھي، جو ٻُڌي ماڻهوءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. هن جي هر آلاپ ۾ هڪڙو ورلاپ آھي جو ماڻهوءَ کي آواز جي دنيا ۾ الوپ ڪري ڇڏي ٿو.
اکيون هوندي به نُور کان محروم هئڻ باوجود هُو ڪڏھن به مايوس ناهي ٿيو. هُو هن دنيا کي اندر جي اکين سان ڏسي ٿو. هُو بينن جي بيوفائيءَ تي نوحا ڳائي ڪنهن نامي گرامي سيٺئي اڳيان جهولي جهلي زندگي گُذارڻ بدران ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ واري ٿيوري تي عمل ڪندي راڳ آلاپي جڳ ۾ جيئي ٿو. ڏاتار وٽان مليل البيلي آواز واري ڏات کي ڏيهه ۾ نکاري پاڻ به جيئي ٿو ته پنهنجي پريوار کي به جياري ٿو. ھُو نابين هوندي به پنڻ پاپ سمجهي ٿو. هُو ڪَن رس جي ڪوڏين کي راڳ جو امرت رس پياري جياري ٿو. هُو علي الصبح جو اُٿي مُنهن ڌوئي، چانهه چُسڪي پيئڻ کانپوءِ سستي سگريٽ سان ڦڦڙن کي گرم ڪري، هارمونيم هٿ ۾ کڻي، پنهنجي پنج فقيري ٽولي سميت سڌو مندر جو رُخ ڪري ٿو. ائين لڳي ٿو ڄڻ مندر ۽ هن جو ڪو پورب جنم جو رشتو آھي. مندر ۾ پيل مورتين کان وٺي چوڻ چُڳندڙ پکين تائين سڀ يوسف جي انتظار ۾ هوندا آھن. يوسف جو اوسيئڙو ۽ انتظار ته اُھي پرديسي به ڪندا آھن جيڪي پري کان پنڌ ڪري ڪاسٻي جي سُونهن ڏسڻ سان گڏ هن فقير جي سنگيت ٻُڌڻ لاءِ به اتاولا هوندا آھن.
يُوسف فقير جي بس هڪڙي ئي تمنا هوندي آھي ته، ڪاسٻو سدائين سائو هُجي ته جيئن هن جي زندگي به هري ڀري هُجي. هُو هر روز مالڪ کان اها ئي دعا گهري ٿو ته، بس ڪارونجهر جا ڪوڏ آباد هُجن، ڀٽياڻيءَ جي اوج برقرار رهي. ڀوڏيسر کان وٺي راڻپر تائين سمورا تلاءَ تار هُجن. ساڙڌري جي ساوڪ پائينده باد رهي. هُو ٿر کي بر نٿو ڏسڻ چاهي. هُو چاهي ٿو ته ريگستان جا رنگ سدائين ساوا هُجن ته جيئن سياح ڪاسٻي جو ڪاڪ ڏسڻ ايندا رهن ۽ ھُو پنهنجي ڏات سان ڏسائون رڱيندو رهي.
ڪاسٻي جي پُراڻي مندر ۾ ڪنهن جهوني جوڳي جيان ڌوڻي دُکائي ويٺل يوسف فقير جي ڪنٺ ۾ ڪرشن جي مُرلي جي مڌرتا جهڙي مٺاس اوتيل آھي. هُو جڏھن هارمونيم تي هٿ رکي، پرديس ۾ پرڻايل ڌيئرن جي درد ۾ ڏهياڻي آواز ۾ ڏنجهه ڀريو ڏورو ڳائي ٿو ته ڪارونجهر جي پهاڙن ۾ به پِراڻ اچي وڃي ٿو. ڀٽياڻي گرجي گرجي ڀرجي ٿي. گوڙدري ۾ گونج اُٿي ٿي. مور مينهن کي پُڪارڻ وساري هن کي دلي داد ڏين ٿا. مندر جا اُجهامي ويل ڏيئا ٻيهر ٻرڻ لاءِ پنڊت کي پُڪارين ٿا. ديوداسين جي دلين ۾ سنگيت سرگم ڇيڙي ٿي.
مندر جي ڇاتلي ڄار جي ٽار هيٺ ويهي پرھ ڦُٽيءَ جو پرڀاتيءَ ۾ ”الک ٻيڙو تار منهنجو“ ڳائي هُو مالڪ کي ريجهائي ٿو. هُو جڏھن ”دردونديءَ جو ديس وسي پيو، بوند بره جي بهار لڳي ويئي“ واري صدا بلند ڪري ٿو ته ٿر ٿميو نٿو رهي. وڻ وڻ جهومي پوي ٿو. ڀِٽ ڀِٽ ڀُڻڪي پوي ٿي. ڪارونجهر ڪُوڪي اُٿي ٿو.