بلاول اوٺو
هن جو جنم 1950ع ۾ مهراڻي جهڙي خوبصورت خطي ۾ موجود گل صنوبر جهڙِي سريلي ڳوٺ خانور اوٺا ۾ ماٺيڻي اوٺي جي گهر ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم خانور اوٺا مان حاصل ڪئي ۽ تڏهوڪا ست درجا سنڌي ورنيڪيولر فائنل پاس ڪئي، تنهن کان پوءِ زندگيءَ جي گذر سفر لئه نئون ڪوٽ جي نگريءَ ۾ درزڪو ڪم ڪرڻ لڳو. ڪپڙن کي ڪوريندي ۽ سنها سيبا ڏيندي هن جي اندر ۾ موجود ڪلاڪار ڪَر موڙي جاڳي پيو. جتان هن شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن کي 18 سالن جي عمر ۾ جتي هڪ جواڻ وينگس جي والهانه وجود پنهنجي سحر ۾ جڪڙِي محبت سان ٽمٽار ڪيو، اتي هڪ ننڍي عمر ۾ اڻ گهري نوڪري به ملي ويئي. پرائمري ماستر طور مختلف اسڪولن ۾ پنهنجا فرض ايمانداريءَ سان نڀائيندي 2005ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. زندگيءَ ۾ هن ڪيئي ڪساري بادام جهڙا ڪڙا تجربا به ڪيا، ته سوين صدما به سٺا، پر سڀنيءَ کان وڌيڪ هن کي جنهن صدمي جهوريو اهو هو سندس لاڏلي ڀائيٽي دلربا شاعر ماٺيڻي اوٺي جو بي مندائتو موت. ماٺيڻي جي موت تي هي ائين رُنو هو جئين وسڪاري ۾ ڪکاون چونئرن جا نيو ٽمندا آهن. هُو اڄ به ٿڌڙا شُوڪارا ڀري چوندو آهي، ته ماٺيڻو مون کي اڌ مئو ڪري ويو آهي.
عمر جي اڌ تي پهتل هي جلترنگ جي جادو جهڙو دلبر ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناھ پيار ڪندو آهي. هُو اڄ به خانور اوٺا جي وڏي ڀٽ تي ويهي، سانجهه ويلي جو روهيڙي جي گيڙو گلن جهڙو ويس پائي سموري ٿر کي اندر جي اکين سان ڏسي ٿو. هن کي شفق جي رنگن کان وڌ واهيري ڏي ورندڙ پکين جون اُڏارون ۽ ڪڻڪ رنگين ڏاچين جون قطارون پسند اينديون آهن. هن کي هٿرادو حُسن ۾ ويڙهيل وجودن کان وڌ کوهن تان ورت ويڙهي گهرن ڏي ورندڙ ٿڪل پاڻيارين جي پيرن جو پَڻيون ۽ مينهن ڪَڻيون موهي وجهن ٿيون. هُو اڄ به مورن ۽ ڍورن کي ماڳن ڏي موٽندي ڏسي ”گئو ڌُول“ جي دز ۾ گم ٿي وڃي ٿو، ۽ سسئيءَ جي سڏ جهڙي شاعري هن وٽ بنان سکڻ جي ائين سراڙا ڪري اچي ٿي، جئين ڪو لاڏلو ٻار پنهنجي ماءُ جي ممتا ڀري هنج ۾ بنان خرچي جي ڊوڙ ڪري رڳو گُد ڏيڻ لئه ايندوآهي. هن کي قلبي شاعر چئجي ته به ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن هيستائين فقيراڻي فڪر جي گودڙيءَ ۾ جيڪي به ڪويتائن جا گُل گڏ ڪيا آهن. اهي سڀ قلب جي باغ مان پراپت ڪيا آهن. هن اندر جي اصرار تي قلب کي قرار ڏنو آهي، هن بحر وزن جي ڀنڀور ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ ترنم جي ترائيءَ ۾ تري ڇولين جي ڇوھ ۽ ماڻڪين گُجرن جي موھ جهڙي من منڊيندڙ ۽ دل ڳنڍيندڙ شاعري ڪئي آهي. مڃون ٿا ته هن جي شاعري ڪيسٽن جي ڪاڪ جي مومل آهي، پر بيهوده ۽ بازاري قطعي ناهي. ڪنهن سادڙي ٿريچيءَ جي ٻانڌيلي محبوب جهڙي درياءَ دل بلاول جي شاعري ان مارئيءَ جي مرڪ جهڙي آهي، جيڪا عمر جي قيد ۾ هوندي به پاڻي جيان پويتر هئي! هن جي شاعريءَ ۾ جتي ٿر مور جيان ٿن ٿن نچي ٿو. اتي عشق ڪارونجهر تي اڪيلي گذاريل رات جي اُڻ تڻ جيان اُجھي ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ جتي ڪجلئي جي لوڪ ڌُن جهڙا دلربا خيال آهن، اتي مٽڪو جهڙا منظر آهن.
شاعريءَ ۾ هن جا استاد اهي فطرتي رنگ آهن، جن ۾ هُن پنهنجو پاڻ وڃائي عوام ۾ مڃتا ماڻي آهي. هن جيڪڏهن ڪنهن کان باقاعده سکيا ورتي آهي ته اهو صرف ڀٽائيءَ جو گنج ئي آهي. جنهن هن کي پنهنجي گيڙو رنگ ۾ رڱي رچائي ريٽو ڪري ڇڏيو آهي. هن کي ڀٽائي ائين ياد آهي جئين سامونڊين کي سمنڊ جا گهيڙ گس ۽ وڻجارڪي ٻولي ياد هوندي آهي. هو جڏهن به ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڪنهن موضوع تي بحث ڪندو آهي ته بسم الله ڀٽائيءَ جي بيت سان ئي ڪندو آهي، هو هر موڙ تي دليل طور ڀٽائي ئي ٻڌايندو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڀٽائي سنڌ جي اها يونيورسٽي آهي، جيڪا صدين تائين سنڌين بلڪ سڄي جڳ کي ساڃاھ ۽ سُرت سيکاري، حب الوطنيءَ ۽ دليريءَ جا سبق ڏيندي رهندي. بلاول کي ڀٽائيءَ تي وڏو ويساھ آهي. مٺيءَ ۾ هن جي بيٺڪ فقير مقيم ڪنڀار جي اها اسٽامپ وينڊري واري اوطاق آهي. جنهن جي ديوار تي محب وطن ڪيسوٻا سوڍي جي تصوير اڄ به آويزان آهي. مون به ڪيئي ڀيرا هن سان ان علمي ۽ ادبي اوطاق تي ڪچهريون ڪيون آهن، جتي کاهوڙي ليکڪ خالد ڪنڀار ۽ هن جا مختلف موضوعن تي وڏا وڏا بحث ٿيندا آهن. بلاول جو پهريون گانو ”هي مسافر ملڪ تنهنجي ۾ مٺا مهمان هو.“ ٿر جي لوڪ فنڪار مصري ڏيپلائي ڳايو هو . ان کان پوءِ هن کي سنڌ جي سڀني مشهور راڳين ڳايو جن ۾ فوزيه سومرو، ثريه سومرو، امبر مهڪ، حميرا چنا، ثمينا ڪنول، سرمد سنڌي، الهڏنو جوڻيجو، انور وسطڙو، بادل راهي، صادق فقير، ڪريم فقير، قاسم اوٺو، مٺو ڪڇي، شامل آهن،
بلاول کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ڪارونجهر جي ڪوئل فوزيه سومرو جي ڪيريئر جو پهريون ڪلام (ڪڏهن رسين ٿو ڪڏهن کلين ٿو.) سندس شاعري آهي. فوزيه سومرو اهو گانو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ڪرايو هو، هن ڪلام نه رڳو بلاول کي شُهرت جي بُلدين تي پهچايو، پر فوزيه سومرو کي به موسقيءَ جي دنيا ۾ ڪمال جي ڪلاونتي طور معتارف ڪرايو . بلاول جو چوڻ آهي، ته ”هي گانو مون ٿر جي لوڪ گيت ( ڪجليو) کان متاثر ٿي لکيو هو. وسڪاري جي مند هئي، ٿر جي هڪ کيت ۾ ڇوڪريون گڏجي ڳائي رهيون هيون ۽ منهنجو ڀر سان گذر ٿيو. ان ڏينهن مون اهو ڪلام لکيو هو.“
بلاول جو هڪ شعري مجموعو ” ٿوهر منهنجو من“ نالي سان 1992ع ۾ ڇپيو هو. جيڪو هٿو هٿ وڪامي ويو. اُن کان پوءِ به هڪ ڪتاب ڇپيو آھي. اڃان هڪ ڪتاب ڇپائي هيٺ آهي. جيڪو جلد ڇپجي ماروئڙن جي هٿن ۾ ايندو. ”گيت انوکا گهايل من“ 2017ع ۾ ڇپجي ويو آھي ۽ ٻيو ” ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان“ اڃا پراسيس ۾ آھي. هن کي سندس فني پورهئي تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چُڪا آهن، جن ۾ فوزيه سومرو ايوارڊ ، پراڻ ايوارڊ ۽ ساس مٺي پاران لائف ٽائم اچيومنيٽ ايوارڊ نمايان آهن. بلاول سنڌي لينگويچ اٿارٽيءَ ۾ بورڊ آف گورننس جو ميمبر به رهي چُڪو آهي. بلاول جي جن ٻولن تمام گهڻي عوامي مقبوليت ماڻي انهن ۾ ”ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان“، ”جي تون ويندين مٺا“، ”ادا ويندل ڙي وڃي چئجان يار کي“، ”ڪهڙو مٺا تنهنجو حال اٿئي“ ۽ ”ڪڏهن رسين ٿو ڪڏهن کلين ٿو“ ..نمايان آهن.
بلاول 2005ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ترت ئي ريڊيو پاڪستان مٺي جوائن ڪيو. 19 سيپٽمبر 2005ع تي ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو باقائده آغاز ٿيو هو، ۽ پهريون پروگرام پروڊيوسر سيد اڪبر شاھ ۽ بلاول اوٺي گڏجي ڪيو هو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين بلاول ڳوٺاڻن ۽ آبادگار ڀائرن جي پروگرام ”اوطاق“ ۾ ”سارنگ ڏاڏا“ جو ڪردار نڀائيندو اچي. ان ڪري ٿر جا ماڻهو اڄ ڪلهه بلاول کي سندس نالي بدران ڏاڏا وڌيڪ چوندا آهن. واقعي به ڏاڏي جي ڪردار سان نڀايو آهي. ان ڪري ريڊيو پاڪستان مٺيءَ جو پروگرام ”اوطاق“ ئي آهي جنهن وڌ ۾ وڌ عوامي مقبوليت ماڻي آهي. بلاول کي ڊبل( AA ) ڪيٽيگريءَ ۾ تڏهوڪي ڊاريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي پاس ڪيو هو، جيڪو مٺي اچڻ تي هن جي پروگرام اوطاق ۾ هن سان گڏ لائيو ويٺو هو ۽ ڏاڍو متاثر ٿيو هو. بلاول کي اولاد ۾ 4 پُٽ ۽ 7 نياڻيون آهن. ضمير، احساس، شعور ۽ پارس نالي هن جا سَپُوٽ پُٽ علم توڙي ادب ۾ اڳڀرا آهن، ضمير سوشل ورڪر ۽ شاعر آهي، ته احساس به شاعر آهي، بلاول پنهنجي حياتيءَ جي ميڙي چونڊي مان بلڪل مطعمين آهي. هن کي حياتيءَ مان ڪا به شڪايت ناهي، توڙي جو بيمارين هن کي اڌ ماڻهو ڪري ڇڏيو آهي. تازو پٿري جي آپريشن ٿي آهي. شگر به وڪوڙيو آهي. هاءِ بلڊ پريشر هوندي به ريڊيو پاڪستان مٺيءَ تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. هُو اسان جهڙن نوجوانن لاءِ نه رڳو اتساھ جو سبب آهي، پر هڪ روشن راھ به آهي! اسان جي دلي دعا آهي، ته مالڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ هُو ٿر تي ههڙا خوبصورت نظم لکندو رهي.
آڪارن مان واڻ وَٽين
آڌي اُٿيو اَرٽ ڪَتين
ڀرم شرم جا ڀرت ڀرين
هلندو هٿ جو آهي هنر
ماروئڙن جو ماڳ امر
ماروئڙن جو ماڳ امر
” بلاول“