شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

نيت سنگهه سوڍو

پرمار سوڍن جي پَرمُک شاخ مالديو سان تعلق رکندڙ، هي مها سُندر سوڍو منهنجو ڳوٺائي آھي. جهڙي مالڪ کيس سونهن ڏني آھي اهڙي ئي مڻيا سان مڙھي ڇڏيو آھي. تمام گهٽ ڳالهائو. ماٺيڻي سڀاءَ جو مالڪ هي ماڻينگر سوڍو سامروٽيءَ جي سُندر مستڪ تي سوني تاج وانگي چمڪيو هو. هي پوٽو آھي اُن ڌرم وير يوڌي ٻلڌاري ٻهادرسنگهه جو جنهن جي هاڪ اڄ به ٿر جي ٿاڪ ٿاڪ ۾ گونجي ٿي. اهو ٻهادر سنگهه سوڍو جيڪو پنج سير تر ڀاڱو (کنڊُ، گيهه، اٽو برابر مقدار ۾) سيرو پڙ تي کائي سگهڻ جي سگهه رکندو هو. ورهاڱي کان اڳ واري ڳالهه آھي ته، هڪ ڏينهن سندس ڳوٺ ۾ ڄڃ ۾ آيل هُئي ۽ رهاڻ لئه امل نه هو. هُن کي ڪنهن پاڙي واري سُنڪ ڏني ته ٻهادرا صبح جو امل ڪٿان هٿ ڪري ڏئي. ٻهادر سنگهه هائوڪار ڪئي. هُن ڇا ڪيو جو رات جو ماني کائي جُتي هٿ ڪئي ۽ پيرين پنڌ، رڻ اُڪري ڪڇ ڀُڄ جي ڳوٺ ڪُرن مان امل کڻي، سوجهاڪي جو واپس اچي گهر سُمهي رهيو! ماڻھن کي اعتبار نه اچي ڇاڪاڻ ته، ايتري ٿوري وقت ۾ ايڏي وڏي مفاصلي تان پيادل وڃي ڪا وکر وٺي اچڻ واقعي وڏي ڳالهه هُئي، پر اهڙي غير معمولي ڳالهه سوڍي ٻهادر سنگهه ڪري ڏيکاري. هُن اعتبار ڏيارڻ لئه ڪُرن مان پڪل مانيون ۽ وشنان ماڻھن کي ڏيکاريو. اهو ڏسي ماڻھو دنگ رهجي ويا. چون ٿا ته ٻهادر سنگهه گهوڙي جي رفتار سان هلندو هو، هُو سامهون ايندڙ ماڻھوءَ کي پنڌ ڪرڻ دؤران هٿ نه ڏيئي سگهندو هو ۽ ڪجهه مُفاصلي تي وڃي پوءِ مُڙي واپس اچي هٿ ڏيندو هو. ويندي ويندي هٿ ڏيڻ سان سامهون واري جي ٻانهن ٽُٽي پوندي هُئي، ڇاڪاڻ ته رفتار تمام وڏي هوندي هُئي. اهڙي وير پُرش پهلوان جي نرم دل ۽ ڀولي پُٽ نونگهجي جو ڪنور نيت سنگهه به پنهنجو مٽ پاڻ آھي. پنج آڪٽوبر 1969ع ۾ جنم وٺندڙ نيت سنگهه سوڍي پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڊونڊيو مان حاصل ڪئي ۽ گورنمينٽ جابر بن حيان هاءِ اسڪول ڏيپلو مان سن 1985ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان اي- ون گريڊ ۾ پاس ڪيو. منهنجي ڳوٺ جي تاريخ ۾ اهو رڪارڊ آھي ته سڀ کان پهرين نيت سنگهه سوڍي اي ون گريڊ کنيو هو. تعليم اڳتي جاري رکندي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان بي- اي جو امتحان پاس ڪيو. سن 1988ع ۾ کيس تپيداري نوڪري ملي ويئي. گهڻو وقت گولاڙچيءَ ۾ نوڪري ڪئي. ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض نڀائيندي 2013ع ۾ رٽائرٽمينٽ ورتائين. نوڪري سان گڏ زمينداري به ڪندو هو. گولاڙچي ۾ سوڍي جي تمام گهڻي مشھوري هوندي هُئي/ آھي. تپيدار ته ٻيا به ويٺا آھن، پر نيت سنگهه جهڙي عزت شايد ئي ڪنهن پرائي هُجي. هُو تپيدار گهٽ ۽ يار ويس وڌيڪ لڳندو هو. خرچ ڪرڻ کان ڪڏھن به نه لهرايو. هُن ڪمايو به دل سان ته کارايو به دل سان. ڪنجوسيءَ جو هن وٽ لفظ ئي نه هوندو هو. سندس گولاڙچي واري رهائشگاھ اوطاق جو ڏيک ڏيندي هُئي، جتي ڪيئي ٿَريا سڄو ڏينهن ٽُڪر کائي پيا ٽَلورا ڏيندا هُئا. پر مجال آھي جو نيت سنگهه ڪڏهن مُنهن ۾ سَر به وڌو هُجي. آفيس مان واپس اچي جڳهه تي پهچڻ شرط پهرين بورچيءَ کان پُڇندو هو ته مهمانن کي ماني کارائي يا نه؟ اگر نه کارائي ته اول چوندو ھو مهمان کي ڏئي پوءِ آئون کائيندس. هُن پنهنجي هشاش بشاش حياتيءَ ۾ اعليٰ کان اعليٰ برانڊ جا شربت پيتا. ڀلي کان ڀلي ڀانت جا کاڌا کاڌا. سُٺي کان سُٺا ڪپڙا به پاتا، پر ڪڏھن به پنهنجي ماضيءَ کي پُٺ نه ڏني. هُن پنهنجي ننڍپڻ وارا ڏُکن جا ڏينهن پل به نه وساريا جن ۾ هن کير بدران پاڻي پيتو هو، رٻ تي پيٽ گُذر ڪرڻ به هن جي حياتيءَ ۾ شامل هو. هي اُنهن پَڇ ڍاون پليتن وانگي ننڍي دل وارو نه آهي، جيڪي پئسي جي موھ ۾ پنهنجو ماضي وساري حال ۾ اهڙي هلڪڙائي ڪندا آھن جو معاشري ۾ صفا ڦُوڪڻا لڳندا آھن. هي ته اھڙو ڌيرجوان شخص آھي جيڪو پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ جي ڪري دولتمند ٿيڻ جي باوجود نرم مزاجي ۽ صبر جو دامن پنهنجي وس ۾ رکيو اچي. هُو مهمان نواز هئڻ سان گڏ رحم دل ۽ سخي ڏاتار پڻ آھي. ڪنهن گُهرجائو جي مدد ڪندي تمام گهڻي سرهائي محسوس ڪندو آھي.
نيت سنگهه سوڍو هتي هر وقت ٺهيل ٺُڪيل فٽ ڦاٽ رهندو هو. صفائي سُٿرائي جو تمام گهڻو خيال رکندو هو. ڪاري ڪلٽس ۾ تيرانهن پائونڊ ڊبل گهوڙا بوسڪيءَ جو ڦُل جوڙو پائي جڏھن سرزمينِ سنڌُ جي سڙڪن تي هلندو هو تڏھن ائين لڳندو هو، ڄڻ ته سنڌُ جو شان هجي. ھُو ڪنهن شان ۽ مان کان گهٽ ته نه هو. دل جو به درياءُ هو. ڪڏھن به ڪنهن منک جي دل نه رنجائي. هُو ڪنهن کي رنج رسائي ئي نه ٿو سگهي. هُو جيستائين هتي هو پنهنجي ڳوٺ جي پرگهور لهندو هو. هتان ويو ته به ڳوٺ کي وساري نه ٿو. مئي جيئري جا حال اڄ به پُڇي ٿو.
نيت سنگهه سوڍي سن 1990ع ۾ ڳوٺ مالڻهور کاوڙيا جي کاوڙيا راٺوڙن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پُٽن ۽ پنج نياڻين جو اولاد آھي. پُٽ ۽ نياڻيون سڀئي زير تعليم آھن.
نيت سنگهه سوڍي جا ٽي ڀائر آھن. ڪونڀجي، وينجهراج سنگهه ۽ گگجي. وينجهراج سنگهه ڊي-سي آفيس ۾ ڪلرڪ هو بعد ۾ مشرف واري مڪاني نظام ۾ ضلعي ناظم جو پرسنل اسسٽنٽ ٿي رهيو. ارباب عطاالله ۽ ارباب انور جي ٻنهي ايامن ۾ ساڳي عهدي تي رهيو. وينجهراج سنگهه سوڍي تمام گهڻن مسڪين ماڻھن کي نوڪريون وٺي ڏنيون. جيڪي اڄ به کيس دعائون ڏين ٿا. منهنجي ڳوٺ ڊونڊيو ۾ روڊ، ڊسپينسري، وٽرنري کان وٺي مڊل اسڪول تائين سڀئي سهوليتون وٺي ڏيڻ وارو سهرو وينجهراج سنگهه سوڍي جي سِر ڏانهن وڃي ٿو. سدائين پنهنجي مُڇن کي تاو ڏيندڙ وينجهراج سنگهه سوڍو اهو نيڪ نيت ۽ پَراُپڪاري پُرش ھو جيڪو پنهنجي انفرادي مفاد تي سوچڻ کان اڳ اجتمائي مفاد جي لاءِ سوچيندو هو. هُن جي اباڻي ڳوٺ جي پَٽن ۽ پوٺن سان چنڊُ ۽ چڪور واري چاهنا هوندي هئيس. ڳوٺان ڪو ماڻھو مٺيءَ ويندو هو ته هي مري مٿو ڏيڻ وارو مُڙس هو. اڄ ڳوٺ کان هزارين ڪوھ پري مورٻيءَ ۾ رهي ٿو، پر سندس من جو مور هر رات خوابن ۾ اُڏامي پدموريءَ جي اڇن ريٽن تي رمي ٿو. وينجهراج سنگهه جا ٻه پُٽ آھن. شنڪر سنگهه جيڪو ٽيلي ڪميونيڪيشن جو ڪاروبار ڪري ٿو، ٻيو هريسنگهه سوڍو جيڪو وڪالت ۾ پڙھي رهيو آھي. ٻئي انتهائي سُلڇڻا ڇوڪرا آھن. ڪونڀجي ڌراڙ هوندو هو، ڌراڙ به صفا ڌراڙن جهڙو جيڪو مال جي بيمارين کان وٺي ان جا وصف سُڃاڻي سگهندو هو. هن وقت مال جي واڙي ۾ ڪم ڪري ٿو. گگجي پڙھيو لکيو ۽ ڪاروباري ماڻھو آھي. گگجي کي نه رڳو گولاڙچي ساري ٿي، پر مٺيءَ جي راجپوت ڪالونيءَ کان وٺي ڊونڊئي جي دڙن تائين سمورو ساڃانهه وند ساڻيهه وڏي سڪ مان ساري ٿو، هُو به ڪنهن کي وساري ناهي سگهيو. توڻي جو هاڻي دل پَڪي ٿي ويئي هوندي، پر هُن جي سماچار پُڇڻ واري لهجي مان ئي ماڻھو لَکي وٺي ٿو ته، ڊونڊئي جي ڍاڻي هن جي من کيت ۾ رات راڻيءَ بڻجي مهڪي ٿي، پدموريءَ جو پنڌ هن جي ساهن جي هچڪيءَ ۾ وچڙي ٿو. مٺيءَ جي سوڙھين گهٽين ۾ اُڏامندڙ آلن زلفن جي خوشبوءَ جا خمار هن کي ڄمار وسري نه سگهندا. گگجي، ڪونڀجي، ۽ وينجهراج سنگهه ٽيئي ڀائر هن وقت نيت سنگهه سان گڏ هندستان ۾ رهن ٿا. سڀئي پنهنجي پنهنجي ڪاروبار سان وابسته آھن. سُکيا ستابا پنهنجي ماني مڇيءَ وارا آھن، پر نه وطن هنن کي وساري ٿو ۽ نه هُو وطن کي وسارين ٿا. وطن ڪا وَستُو ته ناهي جنهن کي ماڻهو وساري ڇڏي، وطن وجود ۾ ڌمڻ وانگي ڌڙڪندا آھن. وطن ننڊ ڪچيءَ مان ڇرڪ ڀرائي اُٿاريندا آھن. وطن جي سار اکين کي روز وضُو ڪرائيندي آھي.