شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

عارب فقير

بدن تي ميرڙو وڳو، پيرن ۾ اڌ ٽُٽل چپل، مٿي تي مِيرن جي دؤر واري پُراڻي سنڌي ٽوپي ۽ اکين ۾ اڌ صديءَ جو اوسيئڙو کڻي، مٺيءَ جي گهٽين ۾ قدردانيءَ جي ڳولا ڪندي، صبح شام ڀٽڪندڙ هي پوڙھو راڳي اصل ۾ راٺوڙن جي ڳوٺ ڪڪراڙيو دانڌل جو ڪلاونت مڱڻهار آھي. جنهن اڌ صديءَ راڳ جي دنيا کي ارپي ڇڏي، پر نه ڪو اعزاز مليو نه مڇي مانيءَ وارو ٿيو. سڄي ڄمار سُورن ۾ گُذري ويئي. هن جي حياتيءَ جي حصي ۾ ڏات ته آئي، پر ڏُک نه ويا. ڏُک، جيڪي بُک ۾ جهڻ وانگي جهُڳي ڇڏيندا آھن. ڏُک، جيڪي ڪلا کي جلا ته بخشيندا آھن، پر جيئڻ جهنم ڪري ڇڏيندا آھن. مٺو فقير مڱڻهار جي گهر ۾ 1945ع ڌاري جنم وٺندڙ عارب فقير پرائمري جي ٻن درجن کان مٿي پڙھي نه سگهيو. غُربت هن کي پڙھڻ واري وهيءَ ۾ ڪمائڻ واري ڪرت جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هي راڳ جي دُنيا ۾ پاڻ پتوڙڻ لڳو. مڱڻهارڪو ٻار هئڻ ڪري ڳائڻ هن کي ورثي ۾ ملي ويو. مڱڻهار جن کي ميراثي به چوندا آھن. ميراثي جن جي روئڻ ۾ به رڌم هوندو آھي! هن باقائده راڳي طور ڳائڻ جي شروعات 1965ع ۾ ڪئي. ٿر جي ڪوئل مائي ڀاڳيءَ ۽ ٿر جي مور مُراد فقير سان گڏ ڳائڻ به هن جي سوڀاڳيه ۾ شامل رهيو. اُستاد مُراد فقير کان راڳ جي سکيا وٺندڙ هي سادڙو راڳي پنهنجي دؤر جو دلبر فنڪار ٿي رهيو آھي. هي ان دؤر جو راڳي آھي جنهن ۾ ڪيسٽي ڪلچر جو عروج هو. جڏھن ماڻھو اٽي کان اڳ ڪيسٽ وٺندا هئا. جڏھن ڪيسٽي ڪمپنيون عارب جهڙن البيلن راڳين جو قدر ڪندي تمام بهترين معاوضو ڏينديون هيون. ڪيسٽن جو دؤر ويو ۽ عارب جهڙا فنڪار به دربدر ٿي ويا.
صحراِ ٿر جو هي جهونو جوڳي اُھو لوڪ راڳي آھي، جنهن جي ڪلام کي لُڪن ۽ جهولن ۾ لڪ لڪ تي لُڇندڙ لوڪ ٻُڌي ٿو. هي ڌنارن جي دلين تي راڄ ڪندڙ راڳي آھي. هي ديس جي پرديسي ڌيئارين جي دلين جي ڌڙڪن آھي. هي وڇوڙن ۾ تڙپندڙ وجودن جي ويراڳ کي آلاپ بخشيندڙ اهو فنڪار آھي جنهن کي هي ڌرتي به داد ڏيندي آھي. هي ڳاڙھن چپن وارو اُهو ڊسڪو راڳي ناهي جنهن کي ڪو اميرزادو ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۾ ٻُڌي ڪنهن ريڊي ميڊ گرل فرينڊ جي ڳچيءَ ۾ ڪُتن وانگي چَڪ هڻي سيڪس جو نئون انداز متعارف ڪرائي، پر هي گُهنج پيل ڪاري چمڙي وارو اُھو اڇو اُجرو لوڪ ڳائڪ آھي جنهن کي ويڙھيچا وٿاڻن ۾، ڌيئاريون واهرن ۾، ڌنار دڙن تي ٻُڌي، وطن سان مُحبت جا اڳي کان اڳرا سبق سکن ٿا. هي ديس جي دانهن جهڙو ڪلاڪار آھي. هن جي نڙيءَ ۾ وطن جي ڪُوڪ آھي.
ھُو اڄ به اُن ساڳي انداز ۽ آواز سان ڳائي ٿو جنهن انداز ۽ آواز ۾ ۾ ھي اڳوڻي ڪيسٽي ايام ۾ ڳائيندو هو. هي اڄ به جڏھن ”رائچند“ کي ملهاريءَ ۾ ڳائي ٿو ته، اکيون آگمجيو وڃن ٿيون. هي ”ڏوري“ کي آلاپ ڏئي ٿو ته، ڏڍ ۾ ڏيل ڏڪي پوي ٿو. هي ”ڪانگڙي“ جي ڪا سِٽ ڳائي ٿو ته، ڌرتيءَ جي ڌيئارين جا هردا وطن جي ٻاٻِيس ۾ ٻَري وڃن ٿا. هي ”موريو“ کي ملهاريءَ ۾ آواز ارپي ٿو ته، دڙي دڙي تي ڊُڪندڙ ڊيلون پنهنجو رقص وساري ويهن ٿيون.
1971ع ۾ شادي ڪندڙ عارب فقير کي اولاد ۾ چار پُٽ آھن، سڀئي راڳ واري دنيا سان وابسته آھن. عارب وانگي راڳ مان ئي پنهنجي روزي روٽي جو بندوبست ڪن ٿا، پر اڃا تائين ڪو به عارب فقير ٿي ناهي سگهيو.
عارب مون کي هڪ ڀيرو ويجهڙائي ۾، رائسنگهه وڪيل واري جڳهه تي مليو هو..حال احوال پڇيو مانس چيائين” نه پُڇ امر! زندگي ڏاڍي ڏُکي گُذري رهي آھي، هتي ڪلا جو نه پر ڪپڙن جو قدر آھي، مون سرڪار کي وضيفي لئه به جام عرضيون ڏنيون، پر ٽَڪو به نه مليو“ اهڙو دُکدائڪ حال ٻُڌي، مون کي ڏاڍو ڏُک ٿيو. اُنهن سرڪاري ڪامورن ۽ وزيرن تي ڏاڍي چڙ لڳي، جيڪي ٽَڪي جي سفارشي ماڻھن کي لکن جا چيڪ ڏيئي ڇڏين ٿا، پر ھھڙن لَکي فنڪارن کي ٽَڪو به نه ٿا ڏين. ڇا ڪجي؟ اُلٽي گنگا ڏسي، اُلٽي ٿي اچي..