شخصيتون ۽ خاڪا

ڍولا مارُو ڍَٽ

ھي ڪتاب ٿر، پارڪر ۽ ان سان لڳندڙ علائقن جي 54 شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آھي جنھن جو ليکڪ امر رائيسنگهہ راجپوت آھي. ھو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مون ماڻھو ٿي لکيو آھي نہ ڪي پٿر ٿي. هي ڪتاب لکندي مون نوي سيڪڙو ڌرتيءَ جو حقُ ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. مون اُنهن ڪردارن تي لکڻ جي ڀرپُور ڪوشش ڪئي آھي جن تي اڳ ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آھي. يا انهن تي لکيو اٿم جن تي اڳ ۾ ڪنھن بہ ناهي لکيو. پنجاھ کان مٿي شخصتين تي خاڪا هن ڪتاب جي خوبصورتي بڻيا آھن، ان ڪري توهان کي ڪٿي ڪٿي ورجاءُ محسوس ٿيندو، پر مون ورجاءُ کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي. ورجاءُ ان ڪري محسوس ٿيندو جو هڪڙي شخص واريون خوبيون ٻئي ۾ بہ ساڳيون ٿي سگهن ٿيون. باقي مون پنهنجي حساب سان سُٺو لکڻ جي سُٺي ڪوشش ڪئي آھي، بس پڙھندڙن جي اک پسند ڪري تہ مون لک کٽيو. “
Title Cover of book ڍولا مارُو ڍَٽ

ساگر خاصخيلي

هُو جيڪو تلاءَ کي تِڪ ۾ پيئڻ جي آس رکندڙ ڪنهن اُڃاري هرڻ جي اک مان ڪريل اُهو اداس ڳوڙهو آهي، جنهن کي سانگها پنهنجي وشال اکين ۾ ڪجل ڪري پاتو آهي. هُو جيڪو سارنگا جي ديس جو اُهو سڏيونت آهي، جنهن جي للاٽ تي ڏات ديوي پنهنجن ڏياوان هٿن سان ”ڪوي“ جو شٻد لکي هن سنسار ۾ سُرخرو ڪيو آهي. هُو جيڪو سانجهه جو وانجهه تان اُڏامندڙ آڙين جي اَڇن پرن جهڙو اندر جو اُجرو اهڙو ڪلاڪار آهي، جنهن جي ڪويتا جي سحر ۾ ڪيئي ادبي جادوگر جڪڙجي وڃن ٿا. هُو جيڪو ڄام خان وانڍئي جو اُهو ڄام تماچي آهي، جنهن وٽ ڏات جي نُوري نظمن جا نُورا پائي نرت ڪري ٿي. هُو جيڪو ڪاري ڏيري جي اوٽ مان اُڏامندڙ هر ڪبوتر جي اُڏار پَسي وڏو قرار ماڻيندو آهي! محبوب جي مُرڪ جهڙي اُن ماڻهوءَ جو ادبي اسم گرامي آهي ”ساگر خاصخيلي“ سندس ماڻينگر ماتا جنني ڇٽيءَ ۾ نالو الهنواز رکيو هو، سندس ڳوٺ وارا اڄ به انهيءَ نالي سان پُڪاريندا آهن. پيشي جي لحاظ سان هُو پرائمري ماستر آهي. پرائمري ماستر جو اسان جي سماج ۾ وڏو ڪردار آهي، پر قدر وڙلي آهي! ان بي قدريءَ جا ذميوار به خود ماستر ئي آهي، پر هي انهن منجهان نه ناهي، جيڪي حرام جي پگهار حلال ڪرڻ خاطر بيروزگار نوجوانن کي ڊيلي ويجز تي رکي معصوم ٻارن جي مستقبل سان وڏو مزاق ڪندا آهن، پر هي چند اُنهن معتبر ماسترن مان هڪ آهي، جن کي اڄ به اسان جو معاشرو مان ۽ شان ڏيندي ”اُستاد“ چوي ٿو .هو به هڪ محنت ڪش اُستاد آهي. جيڪو ٻارن کي پڙهائڻ وقت شاعر نه پر گُرو جي حثيت رکندو آهي. هُو هڪ سُٺو استاد به آهي. هوُ جنهن جي وشال هردي جي هري دُئار ۾ سرسوتي ماتا مڪمل سُر تال ۾ ديا جا ديپ جلائي هر وقت آشيرواد جا اڇا گُل ارپي رهي آهي. هُو جيڪو سانگها ڍنڍ جو پاڙيسري به آهي ته ان جي هر ڇوليءَ جي ڇاڪ جو سفير به آهي. هُن جو ۽ سانگها جو آد جگاد کان ناتو ائين جڙيل آهي، جئين روح ۽ جسم جو سانگها جي ڇولين کي جڏهن ڇاٻ اچي ويندي آهي، تڏهن هن جي نيڻن مان نير وهي هلندو آهي، ۽ جڏهن سانگها اوٺي ٻوڙ پاڻيءَ سان ڪُتي جي اک واري ڏک ڏيندي آهي، تڏهن هو ٻاٻيهن وانگي ٻهڪي پوندو آهي. هُن جي سِڻيءَ جي سفيد گُلن جهڙي شاعريءَ ۾ پارڪري پٽن جي مهڪ مارو پٿر وانگي سٽ سٽ ۾ سمايل آهي. هن جي سادڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي سڪ جو سواد ڪجهه سوايو ئي آهي. ان جو وڏو ۽ اهم سبب مٽيءَ سان محبت ۽ لوڪ ڏاهپ سان لاڳاپو آهي. هن جي شاعريءَ جو محور وڇوڙو ۽ وطن آهي. هن ڪنهن به وديسي وينگس تي نظم ناهي لکيو. نه ڪنهن ديپڪا پڊاڪون تي ڪو دوُهو لکيو آھي ۽ نه ئي وري ڪيٽ ونسليٽ تي ڪو قطعو لکيو آهي. هن ته لکيو آهي پن گهٽ تي پاڻي ڀريندڙ پدمڻين جي پڳ پڳ جَهٻُوڪندڙ پولرين جي ڇَم ڇمَ تي، هن لکيو آهي.

اڳي پيو سج سانگها تان
ڀــٽن کان باک پئي وڇڙي
ويڙهي پئي هند ڪا وينگس
رليءَ ۾ رات پئي مهڪي.

هو جيڪو رومانٽيڪ شاعر آهي. ان لئه رليءَ ۾ رات مهڪائڻ، تارن کي ترسائڻ ۽ سانگها تان سونهن جا سورنهن سج اُڀارڻ ڪو به ڏُکيو ڪم ناهي. هن جي شاعريءَ ۾ رومانس جا ڪيئي رنگ آهن، جن کي پڙهندي ماڻهوءَ جي اکين ۾ انڊلٺي عڪس اڀريو اچن. هن جي شاعري اُگهاڙپ کان پويتر آهي، هن لکيوآهي.

وڄي پئي ڇير پُورب کان
سڙڪ تان ڳھر پئي گذري
نديءَ جي سينڌ تان نينگر
صبح جي پهر پئي گُذري

ڇا ته شعر آهي! اهڙو شعر جنهن کي پڙهي ماڻهوءَ جا ٿڪ لهيو وڃن، اندر ۾ عشق آرس موڙي اُٿي پئي. ديسي مِديرا جهڙا ڌيما ڌيما سُرور ڏيندڙ هي شعر پڙهڻ کان پوءِ پڪ ٿئي ٿي ته ساگر ٿائيلينڊ جي پتايا بيچ تي ڪنهن ٻوڌي ڪنيا جي ڪرائي ۾ هٿ وجهي بيئر جا ڍُڪ ڀريندي هي شاعري ناهي سرجي، پر هُن ته گج پڙن ۾ تجلا ڏيندڙِ سادڙي سونهن جي جي اکين جا جام پيئندي هر سانجهه ويلي سانگها جي ڪپ تي ويهي، ڪَتي جي ڪاڙهن ۾ فراق جي ڦٽن تي لکيو آهي. هن ته رڻ کيت ۾ رتو ڇاڻ ٿيل پاري ننگر جي پٽن تي لکيو آهي. هن لوياڻي گڊ ۾ وهيل لوهي جي ڦُڙي ڦُڙي تي لکيو آهي. هن ڀالوا جي ڀاڳوند ڪنيا ديس ڀڳتڻ مارئي جي سڪ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي. هن جتي سنڌ جي رومانٽيڪ سوڍي ڪيسو ڀاءَ جو قدر ڪيو آهي، اتي ويراواھ جي انتم واڳ ڌڻي اڀيسنگهه جي امل کي به ڪڏهن وساريو ناهي . هن وطن جي هر هاڃي تي دل کولي لکيو آهي. هن سانگها جي ساحل تي بي ڏوھ شهيد ٿيل گهوٽ جي وڌوا ونيءَ جي هر ورلاپ کي آلاپ ارپيو آهي، ته راجپوتن جي اڍنگي رويي تي ڏياريءَ جي ڏينهن جلاوطن ٿي ويل جيني اوسواڙن جي اکين ۾ رهجي ويل وطن جي اجهن تي به لکيو آهي. هن جي شاعري ته هُئين مور پنک جهڙي موهيندڙ آهي، پر نثر جي ڳالهه ئي نرالي آهي. راجستاني رقص جهڙو روُح پرور نثر لکندڙ ساگر خاصخيلي پرفيڪٽ ڏات ڌڻي آهي.
مالسرئي جي مور ناشاد سَمي، تڙ همير جي تونگر شُهاب نهڙئي ۽ چيلهار جي چنڊُ ڀارو مل امراڻيءَ جي چوياريءَ ۾ چلولائيندڙ ساگر خاصخيلي نهايت ئي سادي طبيعت جو مالڪ آهي. اجائي ٺاھ ٺُوھ ۽ ٺلي ٺَڪرائيءَ کان تمام پري ڀڄندڙ هن محبوب ماڻهوءَ جو مزاج ميهي کير جهڙو مٺو آهي! چانهه جي چُسڪي مٿان ڪيپسٽن سگريٽ جو ڪش هن لاءِ ڪنهن عياشيءَ کان گهٽ قطعي ناهي.
ويراھ واھ جي مائي جهڙا مٺا ٻول ٻوليندڙ هن ٿر ٻاٻهيي جي نس نس ۾ طنز مزاح ڇهين حس وانگي سمايل آهي. هوُ ڪچهرين ۾ روايتي اديبن وانگي توري تَڪي ريڊي ميڊ جُملا ناهي ڳالهائيندو ۽ نه ئي وري ڪن هٿ ٺوڪين دانشورن وانگي عالمي مفُڪرن جا ٽنگون ڀڳل ٽوٽڪا استعمال ڪري ڪنهن تي مطالعي جو رعب ڄمائڻ جي اجائي ڪوشش ڪندو. هُو جهڙو اندر آهي، تهڙو ٻاهر آهي. صفا ڪورو ڪانچ آهي. هُو گهڻن کان منفرد مزاج جو مالڪ آهي. هُو حقيقت تي مُبني ڪچهريءَ ۾ بي ترتيب ڳالهيون ڪندي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيندو آهي، ته ڪٿي ڪٿي حسبِ ضرورت ڪچي گدريءَ جي ڦار جهڙي گار به ٺوڪي ڇڏيندو آهي.
هُو ساجن خاصخيلي جي ڪل جو ڏيئو آهي. اهڙو ڏيئو جنهن نه رڳو پنهنجي ڪويتا جي ڪرڻن سان ڏسائون رڱيون آهن، پر مهمان نوازيءَ سان به سندس ڪُل جو مان مٿانهون ڪيو آهي. هُو هڪ درياءَ دل ماڻهو آهي، جنهن وٽ مهمان لاءِ نج نبار ديسي گيهه جهڙو پيار هر وقت موجود آهي. اهو سندس وڏڙن جو آشيرواد آهي .ڀت کان سواءِ چٽ به ڪونه ٿيندا آهن. سندس اوطاق جي احاطي ۾ موجود ڇاتلي ڄار جو ٽار ٽار ست پيڙهين جي شاهدي ڏيندو، ته هن جا وڏا ڪيترا مهمان نواز ٿي گذريا آهن. سو مهمان نوازي هن جي رت ۾ شامل آهي، ۽ هو ڪڏهن به رت رائيگان وڃڻ نه ڏيندو.
گهڻا ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي، هڪڙي ڀيري سائين ساگر جي طبيعت خراب ٿي پيئي هُئي ۽ مٺيءَ جي مشهور ميڊيڪل سينٽر لڪشميءَ ۾ داخل هو. مون کي مٺيءَ جي مايا ناز ادبي مهمان نواز جڳو نائي ٻُڌايو ۽ اسين ٻئي گڏجي سندس عيادت ڪرڻ لاءِ وياسين، بيمار هوندي به صفا نوبني نوجوان وانگي صحتمند ٽهڪ ڏيئي ڀاڪر پائي مليو. ۽ چيائين ته پاڻ شاعر ائين ئي ٻين جي سُورن تي سوچي سوچي آخرڪار رت جي داٻ ۽ مٺاڻ جي بيماريءَ ۾ مري وينداسين. اُن مهل اکيون ڀرجي آيون هيون. سو پيارا ساگر اڄ هن ادبي ڪاڄ ۾ توکي رنگ منچ تي براجمان ڏسي نيڻن جا سجدا ڪري چوان ٿو ته اي اسان جي وطن جا محبوب ڪوي! اسان جهڙا مري وڃن ته به خير آهي، هڪڙو بيروزگار مائٽن لاءِ مٿي جو سُور ٻيو بي سمجهه سمجهو، هُئين ڌرتيءَ تي بُوجهه، پر يار تو جهڙا ڏات ڌڻي ته هن ڏيهه لاءِ ڏونگر تي ڏيئي مثال آهن. تن جي وطن کي وڏي ضرورت آهي. تون هن دنيا جي ڪينجهر ۾ تازي ٽڙيل ڪنول جي گُل سمان آهين. تون پارڪر جي سُرنگي سرزمين جي ڦلواڙي ۾ مروي جي گُل مثل آهين. توکي سنڌ وطن جي سينڌ سنوارڻي آهي. توکي اڃان پارڪر جي پدمڻين جي گلاب سمان گيسوئن تي به لکڻو آهي، ته رجاڙين جي ڪنوارين جي ٻانهن ۾ لڏندڙ ٻاجُو ٻندن جي هر لوڏ تي لکڻو آهي. توکي ڪارونجهر جا ڪاڪُل سنوارڻا آهن. توکي بڙ تلاءَ کان وٺي ڀوڏيسر تائين جي سموري ڀُوميءَ جي هر پڌارٿ تي مور نٿ جهڙا نظم لکڻا آهن. ان ڪري پيارا شُڀ شُڀ ٻول... ۽ لکندو رھ...سنڌ جي تاريخ صدين تائين تنهنجا سُجس ڳائيندي رهندي. ڪڏهن به مايوس نه ٿجانءَ ...
تنهنجي ڏات جو قدر ڪرڻ لاءِ اڃان به لطيف ادبي فورم جهڙا پليٽ فارم سنڌ ۾ موجود آهن. اڃا فقير مُقيم ڪنڀر جهڙي درويش دل انسان جا اُهي سپوٽ فرزند تو سان گڏ آهن، جن نه رڳو توکي ڄام خان وانڍئي مان جهلي مٺيءَ جي ادبي منڊپ ۾ ويهاريو، پر دلي داد ڏيندي بهترين شاعريءَ جو ايوارڊ به ڏنو. آئون سلام ڪيان ٿو انهن کي جن سنڌي ادب کي ههڙو هيرو هٿ ڪري ڏنو!