شخصيتون ۽ خاڪا

چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو

”چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ٿر جي ٻاٻيهي، نامياري راڳي صادق فقير جي ياد ۾ لکيل تاثراتي مضمونن، ايڊيٽوريل ۽ شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جا سهيڙيندڙ علي نواز آريسر ۽ زاهد اوٺو آهن.
Title Cover of book چڱو ڀٽائي آءُ هلان ٿو

• اهڙا ئي آهين، صادق منهنجا سپرين! : نواز شاهه ڀاڏائي

رڻ پٽن کي پنهنجي آواز جي خوشبوءِ سان واسيندڙ محبوب ماڻهو، نيٺ ڏڪاريل ڏيهه جي نرم مٽيءَ تي نيري ننڊ سمهڻ هليو ويو. جنهن جي لاءِ ڌرتيءَ جي شاعر شيخ اياز چيو هو، ’منهنجي شاعريءَ کي صدين کان جنهن آواز جي ڳولا هئي، اهو مون کي صادق فقير جي رُوپ ۾ ملي ويو آهي.‘ صادق فقير غريب ٿر جو امير انسان هو، جنهن وٽ محبت ايتري ته ’اسٽاڪ‘ ٿيل هئي، جو هزارين ماڻهن کي هزار بار ڏيڻ باوجود سندس سخاوت ۾ ڪمي نٿي آئي. بس رڳو سانوڻيءَ جا مينهن شروع ٿين، اسين سڀ ٿر نه پر ڄڻ صادق وٽ گهمڻ لاءِ نڪري پوندا هئاسين، ڇو ته اسين ٿر جي مجسم صورت رڳو صادق جي روپ ۾ ئي ڏسندا هئاسين. صادق سڄي ٿر جي ڪلچر ۽ روايتن جو متفقه نمائندو هو. اليڪشنون ڀلي ارباب کٽن، لاٽ کٽن يا ملاڻي، پرديس وارن جون دليون رڳو صادق ئي کٽي سگهندو هو، جيڪي هن بنا ڪنهن ورڪ، بنا ڪنهن غرور/ هٺ، بنا ڪنهن لٺ ۽ بانٺي جي هڪ ئي ڌڪ ۾ کٽي ٿي ورتيون. اسين بئراجي علائقن جا ماڻهو اڃا مهيش ملاڻي ۽ ارباب توڳاچيءَ جي نالن کان به واقف نه هئاسين. انهن ڏينهن ۾ به اسان وٽ ٿر جي شاندار ڪلا، ڏات ۽ درد جو تعارف صادق فقير جي صورت ۾ ٿي چڪو هو. پوءِ ته اسان جون راتيون اُن امر آواز جي اڏارن ۾ گذرنديون هيون، جيڪو آواز سنڌ ورسٽيءَ جي ماروي هاسٽل جي اڪثر ڪمرن مان ان وقت ٻُري اٿندو هو، جڏهن رات ڪر موڙيندي هئي ۽ بهار جا پهريان ڏينهن هوندا هئا. صادق جو آواز ٻڌڻ سان گيٽ تي ويٺل پهريدارن کان بندوقون وسري وينديون هيون. گلين ۾ ڀونڪڻ ندڙ ڪتا ۽ محافظ بڻيل پوليس وارا يڪ ٽڪ خاموش ٿي ويندا هئا. درد جو هڪ ريلو ڄامشوري جي رات جو روح چٻاڙي وٺندو هو. صادق جو آواز پٿرن ۾ زندگي ڀرڻ جو ساهس رکندو هو. ڪچي وهيءَ ۾ اسان جا ڏينهن دربدرين ۽ راتيون صادق جي آلاپن جي ڀاڪرن ۾ گذرنديون هيون.
هڪڙو رولاڪ راتين جو رلندو رهيو،
چنڊ ڏسندو رهيو، چنڊ ڏسندو رهيو.

يا وري ڪنهن سمي اوچتو

عمر گذري قرار ڳوليندي،
پنهنجو پهريون پيار ڳوليندي،

پنهنجي گهر جو رستو وڃائجي ويو
توکي ئي بار بار ڳوليندي!


اهي گيت اُن عمر جو اثاثو هئا، جڏهن جوانيءَ جا گهنگهرو ڪنهن ۾ يڪتاري جي تندن وانگر وڄندا هئا ۽ ساهه به صفا سرد ٿي کڄندا هئا. صادق سان اسان انهن ڏينهن ۾ عشق ڪيو، جڏهن اڃا ٽيڪسٽ ميسيج ڪرڻ جو هنري زمانو پري هو. سگريٽ جي پاڪيٽن تي پرچيون لکي اُماڻبيون هيون. اڃا اکين جا اکين ڏانهن ايس ايم ايس (SMS) اشارن جي زبان ۾ ايندا هئا. هي اهو دور آهي، جڏهن ويچاريون ماسيون، ٻهارين ۾ خط لڪائي کڻي ڪمرن جا طواف ڪنديون هيون، ۽ اسپيڪرن تي جگ جيت ۽ پنڪج اداس جا آلاپ ٻرندا هئا ته هيڏانهن وري سيلن واري ٽيپ ۾ صادق فقير پيو ڳائيندو هو ته:
تو تائين پهتا، منهنجي نيڻن جا

سارا ٿڪ لهي ويا!
تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم راڻي رنگن جا،

سارا ٿڪ لهي ويا!
صادق رولاڪين ۾ اسان سان روماني طور هڪ طويل عرصو گڏ رهيو، پوءِ جڏهن ساڻس شناسائي جڙي ته ڄڻ ڪي جنمن جا ناتا رشتا هئا. آءٌ هن ماڻهوءَ جي قرب جي ڪٿ ڪري ئي نٿو سگهان. هو تمام وڏو انسان هو. ديوقامت دل رکندڙ هو. سٻاجهو ساٿي هو. انقلاب ۽ عشق جي اڪيلن مسافرن لاءِ صادق بڙ جي گهري ڇانءَ هو. سچ اهو آهي ته مٺيءَ جو ڪلاسيڪل شهر هاڻ اسان لاءِ ڪنهن دُور پراڻي ديس جي گمنام گليءَ وانگر ٿي ويو آهي، جتي ويندي اسين اٻاڻڪا ۽ اداس ٿي وينداسين. هاڻ نم جي ڇانءَ ۾ ڪڙهندڙ ڪاڙهي ۾ ڪير اسان جي آجيان جو منتظر هوندو؟ صادق جنهن ۾ محبت جو تاثير ٺٽي جي شربت کان وڌيڪ مٺو هو، سو چيلهار جي چارن ۽ ڪاسٻي جي وڻن واري واٽ تي اسين ٻيهار ڏسي نه سگهنداسين.
هو ڇاڇري جي ڀٽ تان بادل ٿي اڏري ويو، جنهن کي بکن ماريل ٿري ٻارڙا ٿڃ سڪايل ٿرياڻيون ۽ ننگر جا مور ڏاڍو ياد ڪن ٿا. آءٌ ڪاليداس هجان ها ته صادق لاءِ ’ميگهه دوت‘ لکان ها. جي روي شنڪر هجان ها ته سموريون تارون صادق جي سوڳ ۾ سمهاري ڇڏيان ها. مون کي هن جون سوين ساروڻيون دل تي درد جا طوفان ٿي لهي اچن ٿيون. ڪهڙين ڪچهرين جا قصا ڪالم جي ڪينواس تي چٽيان. مون کي نٿي وسري ٺٽي جي هڪ رات محفل شروع ٿيڻ کان اڳُ ۾ اسين ٻئي اڪيلا حسبِ روايت ڪنڊ جهلي ويهي رهياسين ته اوچتو سنڌ جو امر شهيد بشير قريشي اچي ويو. اسين ٻئي حضور شرم ماڻهو اسٽيج تي رش سبب خان سان ملڻ لاءِ وڃي نه سگهياسين. اوچتو بشير شهيد اٿڻ لڳو، اسان سمجهيو ته اسان کي ڪونه ڏٺو اٿس، پلڪ کن ۾ شهيد جيئن آيو ته ٻه اجرڪ ساڻ هئس، جيڪي اسان کي اچي اوڍايائين. ان کانپوءِ صادق مون کي چيو ”يار، مياري ٿي وياسين، اڄ سنڌ پاڻ وٽ هلي آئي، پاڻ هلون ها!“ مون ان مان سندس سنڌ پرستي ۽ قدر شناسيءَ جو اندازو لڳايو ته هو ڪيڏو نه وضعدار ۽ لڄارو ماڻهو هو. ڪيڏي نه منجهس ساڃاهه هئي. صادق سنڌ جو سفير هو. هو درد جو اظهار هو. هن جا ٻول سنڌ جي فضائن ۾ ٽانڊاڻن جيان ٽمڪندا رهن ٿا. هو پاکين ۽ ساکين جي دنيا کان دُور الاءِ ڪهڙي ڪوهيڙي جهڙي ڪائنات ۾ وڃي چڪو آهي. خبر ناهي وصالن ۽ وڇوڙن جي شام جو رنگ ڪهڙو هوندو آهي!
مٺيءَ جي مٽي پنهنجي هٿن ۾ گلاب وانگر صادق کي کڻي وئي، ڇو ته صادق اُن مٽيءَ جي مهانتا جو اهڃاڻ هو. هن ڏيهان ڏيهه وڃي منڱتي فقير وانگر هن دکي ديس جا درد، شاعريءَ جي روپ سروپ ۾ سليا. صادق فقير اهڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڏسي دل اهو بي ساخته چئي ويندي هئي ته ها مسڪين جهان خان کوسي، مارئي، مائي ڀاڳي ۽ عبدالواحد آريسر کان پوءِ صادق فقير جهڙا پُٽ ئي هن خطي ۾ پيدا ٿيڻ کپن. صادق فقير ئي اُن رمز جو رکوالو هو، جنهن ۾ رات رت ڇاڻ ٿيندي آهي، ٽهڪ امرت ڌارا بڻجندا آهن. مون کي صادق جا وزندار جملا ۽ ٽڙندڙ ٽهڪ ڏاڍا ياد اچي رهيا آهن. ۽ زندگي جي اها يادگار رات به ياد اچي وئي آهي، جڏهن مٺيءَ ويجهو منور انڙ جي ڳوٺ ۾ رياض چانڊيو ۽ اسان سڀ هجون، ٿر جي واريءَ ۾ ٿڌ جا ڪونئرا احساس ڪتڪتايون ڪندا رهيا، بنا ڪنهن بلب جي روشنيءَ جي ڌيمي چانڊوڪيءَ ۾ صادق پرهه جي پکين اٿڻ ويل تائين اياز، تبسم، امداد، فيض، ناصر ڪاظمي، حافظ، ڪبير ۽ ميران تائين، وفا پليءَ تائين شاعريءَ جا اهي واهڙ وهايا، جو اسين سڀ ڄڻ ڪنهن برفاني پهاڙين وچ ۾ سُن ٿي ويهي رهياسين. ان رات صادق اسان جو گرو هو ۽ اسين سندس چيلا. هو اسان کي تصوف، تاريخ، ڪلاسڪي روايتن، لوڪ ادب جي اعليٰ خيالات کان آگاهي، آواز جي ذريعي ڏيندو رهيو ۽ اسين اهي سگهارا گيت، روح جي صندوق ۾ لڪائيندا رهياسين. صادق واقعي امر هو. هن جا ٽهڪ ۽ گيت به امر آهن ۽ امرتا جو موت ممڪن ڪونهي!
جڏهن به سانوڻيون گهنگهور ٿي اينديون هيون، تڏهن صادق سنڌ جي آڪاش تي انڊلٺ ٿي اُڀرندو هو. هتي ئي رهندو هو. هن کي ڪنهن به پرائي زمين تي قرار نه اچي ها، ڇو ته هو سنڌ جو هو ۽ سنڌ هن جي خوابن جي منزل هئي. اها هن زمين جي ڪشش هئي، جيڪا کيس وئي پڄاڻان به واپس وٺي آئي. هو سنڌ پرست هو، هن جي راڳ ۾ رس هو. هو جيئڻ لاءِ ڳائيندو هو. تڏهن ته ڪارو نجهر کان ڪمون شهيد تائين سنڌ کيس ساري پئي. صادق ۾ سهپ هئي، ساڃاهه هئي. صابرين هو، صادقين هو، روادار هو. مون وڏائي ڪڏهن سندس ويجهو به نه ڏٺي. چلولائي ۽ ارڏائي هن جي روح جو خمير هئي. ٽهڪ ٻُپرائڻ ۽ تاڙا ملائڻ سندس سڃاڻپ هئي. محفلن کي لٽڻ ته ڪو صادق کان سکي. شال ٿر جون ڀٽون صدين جي سفر ۾ وري ڪو صادق فقير پيدا ڪري سگهن، ڇو ته اليڪشنون کٽيندڙ/هارائيندڙ سياستدان پيا ايندا ۽ ويندا، پر ذهن جي تهن کي ڇُهندڙ فنڪار زمانن پڄاڻان ايندا آهن. ڌرتيءَ تي اهڙن ماڻهن جو نزول ڏاڍو دير سان ٿيندو آهي ۽ جڏهن ڪو فنڪار ڪٿي جنم وٺندو آهي ته ڌرتيءَ تي ستارا لهي اچي، ان جون پنبڻيون چُمندا آهن ۽ جڏهن ڪو فنڪار وڇڙندو آهي ته ڌرتيءَ جي گود ويران ٿي ويندي آهي. سمنڊ ساحلن سان مٿو ٽڪرائيندو آهي ۽ قداور وڻن جا ڪنڌ جُهڪي پوندا آهن. ائين جيئن صادق فقير جي وڇڙڻ تي کيرٿر جي چوٽيءَ کان وٺي پاري ننگر جي پٽن تائين موت جهڙي ماٺ آهي:
جڏهن به سانوڻيون اچن،
ڇمر الوٽ ٿي وسن،
تڏهن نه هي وسارجو،
ته ڪير سڃ ۾ ستو،
ته ڪير ماڳ ۾ مئو!