• سنگت لاءِ فقير، دل جو هيو بادشاهه !: شوڪت چاچڙ
دل ۾ آهن ڪيتريون ئي ڳالهيون،
تون نه ڳالهائين ته ڇا ڳالهائجي!
مون کي جڏهن به فون ڪندو هو ته شروعات ڪنهن نه ڪنهن ڀوڳ واري ڳالهه تان ڪري پوءِ وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. سندس اڪثر ڀوڳ پنهنجي هجتي شاعر دوستن تي هوندا هئا. وري اسين ڪڏهن کيس فون ڪيون ته اڪثر اوجاڳن ڪري ننڊ ۾ ستل هوندي به فون ضرور اٽينڊ ڪندو هو ته متان دوست دل ۾ ڪن!
سُرن لاءِ سدا رهيو، جنهن جو ساهه سرير،
سنگت لاءِ فقير، دل جو هُيو بادشاهه! (شوڪت)
صادق حقيقي روپ ۾ واقعي به فقير صفت انسان هو، اهو فقير جيڪو دل ۾ بادشاهه واري حيثيت رکندو هو. پنهنجي نالي جيان صادق، من جو سچو ۽ صاف گو، ڳالهه ڳالهه تي سندس وڏا ٽهڪ اڄ به ڪنن ۾ گونجين ٿا. ڇا ته شخص هو. جنهن به سندس آواز ۽ آلاپ ٻڌو ان جي ڪيفيت ئي بدلجي ويندي هئي ۽ ازخود ’واهه‘ چئي ڏيندو هو. سندس ڳلي جي پِچ بي مثل هئي. هن جهڙو ڪير ڳائيندو! 80 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ٿر جي ڀٽ تي ويهي جڏهن هن ’تو کان ٿيندي ڌار‘ اياز گل جي وائي آلاپي هئي ته فضا سندس آواز کي جهر جهنگ پکيڙي ڇڏيو، پوءِ رڪارڊنگ بعد جڏهن سندس آڊيو ڪيسٽون جاري ٿيون ته ٿوري ئي عرصي ۾ کيس ايتري شهرت ۽ پذيرائي ملي جو باذوق ٻڌندڙ سندس اهي ننڍڙا هٿ چمڻ لڳا. جن سان يا ته هارمونيم وڄائيندو هو يا دوستن سان ٽهڪ وکيري تاڙيون ملائيندو هو!
هن جڏهن شيخ اياز جي شاعري ڳائڻ شروع ڪئي ته خود اياز هڪ هنڌ لکيو هو ته منهنجي شاعريءَ کي جنهن آواز جي ڳولا هئي اهو ٿر جي صادق فقير جي روپ ۾ ملي ويو! سندس گيت، وايون ۽ نظم: سکي پيا کي ملين ته چئجان...؛ اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها...؛ جڏهن مان نه هوندس...؛ جواني نه رهندي...؛ ٻاٻيهو ٻولي، کان علاوه اياز جي چاليهي تي رڪارڊ ٿيل سندس ’الوداعي البم‘ هڪ شاهڪار جيان آهي. سندس سليڪشن ۾ ڀٽائي ۽ شيخ اياز کان علاوه استاد بخاري، اياز گل، ادل سومرو، حليم باغي، وفا ناٿن شاهي، حافظ نظاماڻي، تبسم، ايوب کوسو، اقبال رند، حسن درس ۽ ٻيا جديد شاعر به رهيا.
صادق جنهن به شاعريءَ کي ڳايو، ان کي ندرت بخشي، پر ڪنهن اداري کان اهو نه ٿيو، جو سندس آواز ۾ ڪو معياري ڪلام رڪارڊ ڪرائين ها. اسان جي معاشري جو اهو الميو رهيو آهي جو ڪئسٽ ڪمپنيون بازاري ۽ ڄٽڪا البم وڏي تعداد ۾ رليز ڪنديون رهيون، پر صادق جهڙي انمول آواز کي ڪجهه مخصوص ڪمپنين رڪارڊ ڪيو، سيکڙاٽ راڳين ۽ غير معياري ميوزڪ ٽرينڊ سبب حالت اها رهي جو گذريل ڏهن سالن ۾ سندس هڪ به البم ڪو نه آيو. سندس مداح کيس رڳو محفلن ۽ اياز جي ورسيءَ تي ٻڌي سگهندا هئا.
ذاتي زندگيءَ ۾ صادق کي مون’ ٻين لاءِ جيئندي‘ ڏٺو. ساڻس ڏهه ٻارهن سال جو واسطو رهيو. هو نه فقط پنهنجي ٻارڙن جو پورو خيال رکندو هو پر پنهنجي ڀائرن، ڀينرن، ڀاڻيجن ۽ ٻين مائٽن جو به رکوال ۽ سنڀاليندڙ هو. سڀن کي پنهنجي اولاد جيان چاهيندو هو. مون کي ياد آهي ته 2004ع ۾ هڪ سنڌي چئنل لاءِ ’ٿي املتاس تان ڪوڪ ڪويل ڪري‘ جي وڊيو رڪارڊنگ ڪرائي، هو اسان وٽ حيدرآباد اچي ترسيو هو ۽ شام جو هن مون کي ساڻ ڪري، پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي شاديءَ لاءِ سامان خريد ڪيو هو، اها ڊگهي لسٽ هئي جنهن ۾ سئي سڳي کان ويندي فرنيچر تائين هر قسم جو سامان دل کولي هن خوشيءَ سان خريد ڪيو هو ، سندس ڀاءُ جي شاديءَ ۾ سڄي سنڌ جي دوستن، سياسي سماجي شخصيتن ۽ وڏن گوَين شرڪت ڪئي هئي. تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هو ڪافي غريب ماڻهن جي ڪفالت به ڪندو هو، ساڻس سنگت ۾ رهندڙ ۽ گڏ سفر ڪندڙ سازندا به سندس سخاوت جا شاهد آهن. پنهنجي ٻارن کي به پسند جي هر شيءِ وٺي ڏيندو هو ۽ پنهنجي لاءِ رڳو ڪپڙا وٺي تلڪ چاڙهيءَ جي هڪ مشهور درزيءَ کان سبرائيندو هو. ڪڏهن گل سينٽر تان ڪوٽ ورتو ته ڪڏهن بوٽ. باقي سنگت کي ته نه خرچ ڪرڻ ڏئي نه ماني کارائڻ ڏئي. جيترا به دوست گڏ هجن چوندو هلو ته پهرين ڪٿي ماني کائون ۽ زورآور بل به نه ڀرڻ ڏيندو هو.
2004ع ۾ جڏهن مان سنڌي ادبي سنگت- پني عاقل شاخ جو سيڪريٽري هوس، ته مزاحمتي شاعر ’زاهد شيخ‘ سان رهاڻ واري تقريب لاءِ دوستن جي فرمائش تي مون صادق کي فون ڪري چيو ته جيڪڏهن ڪا پروگرام بُڪنگ نه هجي ته مهرباني ڪجو... کلندي چيائين يار فڪر نه ڪر فقير پهچي ويندو، ۽ پوءِ ان شام هو ڪراچيءَ مان محفل ڪري، اي.سي ڪوچ ۾ چڙهي سڌو منهنجي شهر منهنجي سڏ تي پهتو. مان سندس خلوص مان وڏو متاثر ٿيس ته هيڏو وڏو ڪلاڪار بنا ڪنهن معاوضي بنا ڪنهن مفاد، دوستن کي ايتري اهميت ڏئي ٿو، اها سندس عظمت هئي. ٻيو ته ٺهيو محفل ۾ مٿس جيڪي هزارين روپيا گهور جا ٿيا، اهي سڀئي کڻي اتي موجود سازندن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هو ڪو روايتي فنڪار نه پر هر ايوارڊ هر معاوضي کان مٿانهون ڪلاڪار ۽ محبتن جو سفير هو، جنهن هر هنڌ پنهنجا دوست ۽ مداح ڇڏيا.مٺيءَ ۾ سندس ڪشادي اوطاق هر طبقي جي دوستن لاءِ کليل هوندي هئي، آيل مهمانن جي نه رڳو چانهه مانيءَ جو خيال رکندو هو، بلڪه سندن فرمائش تي پنهنجي سدا بهار آواز سان سندن دل موهيندو هو. هو سنڌ جو اهو ٻيجل هو جنهن سنڌ واسين کان ڪجهه نه گهريو، پر انهن کي گهڻو ڪجهه ڏنو. ڌڻي کيس اُتي به پنهنجي ٻاجهه ۾ رکي ۽ سندس ٻارڙن کي صادق جهڙو صبر ۽ همٿ عطا ڪري. چوندا آهن ته حادثاتي موت به شهادت آهي. وقت زخم گهڻا ڏئي ٿو. پر مرهم ڪو نه ٿو رکي، ٿر جي ڀٽن تي لهندڙ سج جي لالاڻ ۾ صادق هميشه نظر ايندو.
صادق ساري ٿر جو، واءُ ڪري ورلاپ،
تنهنجا هي آلاپ، صديون رهندا سنڌ ۾!
صادق! سڄيءَ سنڌ جا چاهيندڙ هڪ پاسي پر دل کي جهوريندڙ منظر ته تنهنجي شهر مٺيءَ ۾ ان ڏينهن ڏٺا، جڏهن مڪي کان مٺيءَ وارو سفر پورو ڪري تون ملير پهتين، نندي شهر ۾ مداحن ۽ ننڍڙن شاگردن ڪلوميٽر قطار ٺاهي گلن سان تنهنجي آجيان ڪئي. ڪيترا لڙڪ هئا، متان چوين آجيان نه ٿي! هزارين سوڳوار تنهنجي گهر آڏو تڏي تي ويٺل هئا. جڏهن تنهنجو آخري سفر جنازي نماز لاءِ شروع ٿيو ته هزارين ماڻهن جو جلوس پيرين پنڌ تنهنجي پٺيان هلندو رهيو، عورتون ۽ ٻار گهرن کان نڪري تو کي آخري سلام پيش ڪندا رهيا، گهرن جي ڇتين تان گل نڇاور پئي ٿيا، هر چونڪ تي تنهنجي تصويرن سان گڏ الوداعي سٽون ۽ بيت لکيل هئا، تنهنجا چاهيندڙ مسلم توڙي هندو اسان سان گڏ جنازي واري دعا ۾ شامل هئا، اوڇنگارون هيون، ماڻهو بي چين هئا ته تنهنجو چهرو ڏسن! ڪنهن قرآن جون آيتون پئي پڙهيون ته ڪنهن ڀٽائيءَ جا بيت، ڪنهن گيتا جا اشلوڪ. اي صادق تون دعائون کڻي وئين ۽ الاءِ ڇا ڇا اسان لاءِ ڇڏي وئين!
واپسيءَ مهل اسان تڏي تان اُٿي تنهنجي وارثن کان موڪلائي مٺيءَ جي هوٽل تي چانهن لاءِ ويٺاسين ته تنهنجا ڪي دوست ۽ مائٽ اسان سان اچي ڀاڪرين پيا ۽ مون سان گڏ ويٺل تنهنجي دوست ۽ لاڏلي شاعر اياز گل کي چوڻ لڳا ته هيءَ چانهن اسان جي طرفان پيئو جو اوهان صادق جا مهمان آهيو!! ڳوڙها تري آيا. اي صادق تون ڇا هُئين؟! جو وسرين ئي نه ٿو. تنهنجي گهر سامهون مٺيءَ جي عظيم ڀٽ به تو کانپوءِ اداس آهي.